ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

باجوڙ واقعو: نيٺ دهشتگرديءَ جو انت ڪڏهن ٿيندو؟

Editorial

پاڪستان ائٽمي قوت هوندي به دهشتگرديءَ جي پنجوڙ ۾ ڏهاڪن کان ڦاٿل آهي. دهشتگردي هن ملڪ لاءِ اهڙو ناسور ٿي چڪي آهي، جنهن مان جان ڇڏائڻ ان ڪري به سولو ناهي جو دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ اها سنجيدگي نظر ڪونه ٿي اچي. ايئن ناهي ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ دهشتگرديءَ جون ڪارروايون ڪونه ٿينديون رهيون آهن. پر اهي ملڪ دهشتگرديءَ جو خاتمو ڪري چڪا آهن، اتي امن امان جي صورتحال گهڻي بهتر ٿي چڪي آهي. جيئن سريلنڪا ۽ بنگلاديش دهشتگرديءَ مان جان ڇڏائي چڪا آهن. اهڙي ريت پاڪستان به دهشتگرديءَ مان پاڻ جي آجو ڪرائي سگهي ٿو پر جڏهن به دهشتگرديءَ جا واقعا ٿين ٿا ته انهن تي افسوس ڪيو ويندو آهي. رڳو افسوس ڪرڻ سان دهشتگرديءَ جو خاتمو نٿو ٿي سگهي پر ان خلاف عملي اپاءَ وٺڻ لازمي آهن. ڪالهه جيڪي ڪجهه باجوڙ ۾ ٿيو آهي، ان سان هڪ ڀيرو وري اهو پيغام مليو آهي ته دهشتگرد حڪومت کان ڏاڍا آهن ۽ اهي جتي به ڪارروائي ڪرڻ چاهين ڪري سگهن ٿا.
باجوڙ ۾ جميعت علماءِ اسلام جي ورڪرز ڪنوينشن ۾ ڌماڪي جي نتيجي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا آهن جڏهن ته 80 زخمي ٿي پيا آهن. خار ۾ ڌماڪو جي يو آءِ ورڪرز ڪنوينشن جي اندر ٿيو جنهن جي نتيجي ۾ وڏي انگ ۾ ماڻهو زخمي ٿي پيا. ڊسٽرڪٽ ايمرجنسي آفيسر باجوڙ تصديق ڪئي ته ڌماڪي جي نتيجي ۾ 35 ڄڻا مارجي ويا آهن، جن ۾ جي يو آءِ خار تعلقي جو امير مولانا ضياءُالله جان به شامل آهي. ضلعي ايمرجنسي آفيسر موجب ڌماڪي ۾ 50 کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿيا آهن، جن کي ٻين اسپتالن ۾ به منتقل ڪيو پيو وڃي، ڪيترن ئي جي ڳڻتي جوڳي حالت آهي. ڌماڪي ۾ نجي ٽي وي چينل جو ڪيمرامين سميع الله به زخمي ٿي پيو. پوليس ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن علائقي کي گهيري ۾ آڻي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. ڌماڪي جي نوعيت جي حوالي سان تفصيل سامهون ناهن آيا. جي يو آءِ مرڪزي اڳواڻ حافظ حمدالله چيو آهي ته اسان وٽ پهتل اطلاعن موجب 10 کان 12 ورڪرز شهيد ٿيا آهن ۽ درجن کان وڌيڪ زخمي آهن، ڌماڪي جي مذمت ڪريون ٿا. حافظ حمدالله چيو ته جيڪڏهن هن کي جهاد چون ٿا ته هي جهاد ناهي هي فساد ۽ دهشتگردي آهي، هي انسانيت تي حملو آهي. پوري باجوڙ ۽ رياست تي حملو آهي. ڇا هي رياست دهشتگرديءَ جي هر واقعي کان پوءِ رڳو مذمت ئي ڪري سگهي ٿي. ان جو اهو ڪم ناهي ته اها دهشتگردن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪارروائي ڪري ۽ ملڪ کي دهشتگرديءَ کان پاڪ ڪري ڏيکاري. سنڌ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ماڻهن لاءِ رڻ ٻاري ڏنو آهي. ڪراچيءَ ۾ دهشتگردي ۽ ڏوهاري وارداتن جا واقعا به گهٽجي نه سگهيا آهن. آخر دهشتگردي ختم ڪرڻ لاءِ ڪجهه نه ڪجهه ته رياست کي ڪرڻو پوندو.
اسين سمجهون ٿا ته دهشتگردي هن ملڪ جي معيشت ۽ امن امان لاءِ سخت خطرو آهي. جنهن جو خاتمو ضروري آهي ۽ اهو تڏهن ٿي سگهي ٿو جڏهن رياست اهو طئي ڪري ته دهشتگرديءَ لاءِ زيرو ٽالرينس هوندي. ٻي صورت ۾ نه رڳو انساني جانين جو نقصان ٿيندو رهندو پر ملڪ جي وسيلن جو نقصان به جاري رهندو ۽ اسين رڳو مذمت ڪرڻ ۾ پورا هونداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button