ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

غلط خبرن جي جهان ۾ ملڪي سياست

Editorial-Article- Akhtar Hafeez

دنيا هڪ اهڙي دور ۾ داخل ٿي چڪي آهي، جتي معلومات تائين رسائي بنهه سولي آهي پر سچي خبر ۽ اصل معلومات تائين رسائي گهڻي ڏکي ٿي وئي آهي. اڄوڪي دور لاءِ چيو وڃي ٿو ته هي ڪوڙيون خبرون ڦهلائڻ جو دور آهي. جتي هاڻ هر ماڻهو صحافي، نيوز اينڪر ۽ ان کان سواءِ اهو ڪهڙي به شعبي ۾ هجي پر تجزيي نگار لڳو پيو آهي. فيس بوڪ، ٽوئيٽر، ٽڪ ٽاڪ کان وٺي انسٽاگرام تائين ڪيترائي اهڙا سماجي پليٽ فارم آهن، جن تي اصل معلومات پهچي ئي نٿي ۽ ماڻهو ڪوڙ کي سچ سمجهي ان تي ويساهه ڪرڻ لڳا آهن.
ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران نيازي پنهنجو ٽڪ ٽاڪ اڪائونٽ ٺاهيو. جنهن کان پوءِ اها خبر هلائي وئي ته ٽڪ ٽاڪ وارن کيس چيو آهي ته رڳو هو هڪ فوٽُو پنهنجو روز رکي ته کيس 10 هزار ڊالر ڏنا ويندا پر نه ان خبر جي ڪا تصديق ٿي آهي ۽ نه ئي ٽڪ ٽاڪ انتظاميه پاران ڪا اهڙي پريس رليز جاري ڪئي وئي آهي. ان کان به اهم ڳالهه سندس فالوورز آهي جنهن کي 17 ڪروڙ ٻڌايو پيو وڃي. پر ملڪ ۾ ٽڪ ٽاڪ جا لڳ ڀڳ 4 ڪروڙ واهپيدار ڪندڙ آهن.
سڄو يوٽيوب ڪيترن ئي ڪوڙن تجزيي نگارن ۽ ڌنڌوڙين سان ڀريو پيو آهي. اهي ڪنهن معاملي تي سياسي اڳڀرائي کي به بريڪنگ نيوز ڪري پيش ڪن ٿا. تازو هڪ خبر ڪجهه ڏينهن کان گردش ڪري رهي آهي ته هاڻوڪي آرمي چيف جنرل عاصم منير ۽ عمران نيازيءَ جي وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي. جنهن کان پوءِ سڀئي معاملا طئي ٿي ويا آهن ۽ حڪومت لاءِ خطري جي گهنٽي وڄي وئي آهي. هاڻ هڪ ڀيرو وري عمران نيازي اقتدار ۾ ايندو، هو وزير اعظم بڻجي ملڪ کي الائي ڪٿي پهچائي ڇڏيندو. جڏهن ته عوام سندس ڪارڪردگي گذريل چئن سالن دوران ڏسي چڪو آهي. ان خبر جي ڪا تصديق ڪونه ٿي سگهي آهي. اها خبر اهي ماڻهو پکيڙي رهيا آهن، جن جي خواهش آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير عمران نيازيءَ سان ملاقات ڪري. پر جيئن ته هن وقت عمران نيازيءَ لاءِ فوجي اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪا نرمي ڪونهي، تنهنڪري في الحال اهي امڪان گهٽ آهن ته ڪو آرمي چيف عمران نيازيءَ سان ملاقات ڪري سگهي ٿو. ان کان سواءِ اهو به ڏسڻ گهرجي ته هڪ اهڙي سياسي پارٽي جيڪا ملڪي سلامتي لاءِ ئي خطرو لڳي پئي هجي، جنهن ۾ ٽوڙ ڦوڙ جاري هجي ۽ ان جي سربراهه تي سنگين ڪيس هلندا هجن. جيڪڏهن ان ماحول ۾ ڪا اهڙي ملاقات ٿئي ٿي ته ان جا نتيجا ڪي بهتر نٿا ٿي سگهن.
9 مئي جي واقعن کان پوءِ پي ٽي آءِ جنهن فيز مان گذري رهي آهي. ان مان في الحال ته ان کي “فيض” به بچائي نٿو سگهي. ڇاڪاڻ ته 9 مئي وارو واقعو نه رڳو عمران نيازيءَ جي اڪسائڻ سبب ٿيو هو پر هو پنهنجن تقريرن ۾ اهو چوندو رهيو آهي ته خوف جا بت ڊاهي ڇڏيو ۽ ڪنهن جي آڏو به نه جُهڪو. پر جيڪا رٿابندي ان ڏينهن لاءِ ڪئي وئي هئي سا مڪمل طور ناڪام ٿي وئي. چيو پيو وڃي ته عمران نيازي جيڪي ڪجهه ڪرڻ وارو هو، ان جا اطلاع فوج وٽ اڳ ئي پهچي چڪا هئا ۽ جيڪي ماڻهو به ان ۾ ملوث هئا، انهن خلاف ڪارروائي جو فيصلو ٿي چڪو آهي.
اڄ به اهو سمجهيو پيو وڃي ته عمران خان نيازي هڪ ڀيرو وري وزير اعظم ٿي ويندو ۽ پوءِ هو پاڻ سان ٿيل هر عمل جو حساب وٺندو. پر اهو نه وسارڻ گهرجي ته جهڙي ريت هن 27 مارچ واري جلسي ۾ هڪ ڪاغذ لهرائيندي ان کي سائفر چيو هو. جنهن جو متن هن اتي پڙهيو هو. ان کان پوءِ هن کي اهم منصب ملڻ ڏکيو آهي. ايئن ناهي ته ماضي ۾ سياستدانن سان اسٽيبلشمينٽ جون ويجهڙايون ٿينديون ڪونه رهيون آهن پر هي معاملو بنهه گهڻو سنجيده آهي. ماضي ۾ جڏهن نواز شريف کي اقتدار کان ڌار ڪرڻو هو ته سڄي رياست هڪ ماڻهو جي پويان لڳي وئي ته جيئن عمران نيازيءَ لاءِ راهه هموار ٿي سگهي. پوءِ سڄي رياست عمران نيازيءَ کي اقتدار ڏيارڻ جي پويان لڳي وئي ۽ ان ۾ اهم ترين ڪردار اسٽيبلشمينٽ جو هو، جنهن نتيجن جي پرواهه ڪرڻ بنا اقتدار هڪ اهڙي ماڻهو حوالي ڪري ڇڏيو، جنهن فوج لاءِ مسئلا پيدا ڪرڻ شروع ڪيا. دنيا سان ملڪي لاڳاپا خراب ڪرڻ ۾ هن اهم ڪردار ادا ڪيو ۽ وڏي ڳالهه ته هو پنهنجو پاڻ کي قانون کان ئي مٿانهون سمجهڻ لڳو. تنهنڪري جڏهن اسٽيبلشمينٽ کي لڳو ته هاڻ گهڻو گند ٿي ويو آهي ته ان پنهنجي اڻ وڻندڙ ماڻهو (نواز شريف) سان ويجهڙائي اختيار ڪئي ۽ کيس سياسي صورتحال کي سنڀالڻ لاءِ زور ڀريو پر تيستائين گهڻي تباهي ٿي چڪي هئي. اها تباهي نه رڳو معاشي هئي پر اها سياسي تباهي پڻ هئي. جنهن ملڪ کي ايترو نقصان پهچايو آهي، جنهن جو ازالو ڪرڻ لاءِ وڏو وقت گهربل آهي.
پاڪستان ۾ چونڊون ڪڏهن به شفاف ڪونه ٿيون آهن، جنهن تي سڀئي سياسي پارٽيون متفق آهن. جيڪڏهن چونڊن جو عمل شفاف هجي ته 2018ع وارين چونڊن کان پوءِ ڪڏهن به عمران خان نيازي اقتدار ۾ نه اچي سگهي ها. ان وقت جي اسٽيبلشمينٽ ننهن چوٽيءَ جو زور لڳائي ڇڏيو پر عمران خان نيازيءَ کي ايتريون سيٽون نه ڏياري سگهي، جو اها اقتدار ماڻي سگهي. ڇاڪاڻ ته گهڻو ووٽ وري به نواز ليگ کي پيو هو پر آر ٽي ايس سسٽم ويهاري نتيجا عمران خان نيازيءَ جي حق ۾ ڪيا ويا. جنهن کان پوءِ بلاول ڀٽو زرداري عمران نيازيءَ کي اليڪٽڊ نه پر سليڪٽڊ وزير اعظم ڪوٺيو هو. سو هن ملڪ ۾ سدائين ڪنٽرولڊ چونڊون ٿينديون رهيون آهن. هاڻ به امڪان اهي آهن ته ڪابه پارٽي وڌيڪ سيٽون ڪونه کٽي سگهندي جنهن جي نتيجي ۾ گڏيل حڪومت قائم ٿيڻ جا امڪان آهن ۽ وزير اعظم ڪير هوندو، في الحال ڪجهه نٿو چئي سگهجي.
هاڻوڪي چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي وڃڻ کان پوءِ جڏهن نواز شريف لاءِ ماحول بهتر ٿي ويندو ته هو به واپسي جي تياري ڪندو ۽ پنجاب جي عوام جون دليون کٽڻ لاءِ ميدان ۾ لهندو. تيستائين عمران خان نيازيءَ خلاف گهڻو ڪجهه ٿي چڪو هوندو. ڇاڪاڻ ته سندس ئي پارٽيءَ جا ماڻهو وعدا معاف گواهه بڻجڻ لاءِ تيار آهن. تنهنڪري جيڪي اهو سمجهن ٿا ته ايندڙ وارو وري عمران خان نيازيءَ جو آهي ته اهي في الحال ان خوشفهميءَ مان مزو ته وٺي سگهن پر حقيقت ۾ ايئن ٿيڻ جا امڪان بنهه نه هئڻ برابر آهن.
ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته اسٽيبلشمينٽ ڪڏهن به پنهنجي ماضي مان ڪونه سکيو آهي ۽ اها جڏهن ڦاسي پوندي آهي ته سياسي ڌرين کي پنهنجي بچاءُ لاءِ استعمال ڪندي رهندي آهي پر ان کي گهٽ ۾ گهٽ هاڻ اهو سوچڻ گهرجي ته ملڪ جي سياسي ۽ معاشي نقصان جي سڀ کان وڏي ذميوار اها پاڻ آهي. جنهن عمران نيازي جهڙن جڙتو اڳواڻن کي اقتدار ۾ آڻي تباهي آندي. جڏهن چونڊن جو وقت اڃا وڌيڪ ويجهو هوندو ته سياسي ڇڪتاڻ وڌي ويندي ۽ عمران نيازي پنهنجن ئي ڪيل ڪرتوتن جي سزا ڀوڳي رهيو هو.
اسٽيبلشمينٽ جي مضبوط ٿيڻ جو هڪ اهم سبب سياسي پارٽين جون اهي ڪمزوريون آهن، جن کي اڃا تائين سياسي پارٽيون جاري رکنديون پيون اچن. جنهنڪري ان جو فائدو سياسي پارٽين کي بلڪل به نٿو ٿئي. پارليامينٽ کي مضبوط نه ڪري سگهڻ کان وٺي سياسي پارٽين جي پنهنجو پاڻ ۾ ڏند چڪ جو فائدو سدائين غيرجمهوري قوتن ورتو آهي. ان ڪري غيرجمهوري قوتن جي ظلم جو شڪار به سياسي پارٽيون ٿينديون رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ جڏهن سياسي پارٽيون پنهنجو دفاع نٿيون ڪري سگهن ته اهي جمهوريت جو دفاع ڪيئن ڪري سگهنديون. جڏهن ملڪ ۾ جمهوريت ۽ جمهوري ادارا مضبوط هوندا تڏهن ئي سياسي پارٽين جو تحفظ بهتر نموني ٿي سگهندو. ان ڪري اهو فيصلو ملڪ جي ٻن وڏين سياسي پارٽين (پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ) کي ڪرڻو آهي ته اهي ايندڙ وقت ۾ جمهوريت جي مضبوطيءَ لاءِ اسپيس ڪيئن ٿيون ٺاهين. ڪهڙي ريت اهي ملڪ ۾ جمهوريت کي ايترو مضبوط ڪن جو ڪابه غيرجمهوري قوت انهن جي معاملن ۾ ٽنگ نه اڙائي سگهي.
ملڪي نظام کي بهتر دڳ تي هلائڻ لاءِ اڳ سياسي ۽ جمهوري آزاديءَ جو هجڻ لازمي آهي. جيڪڏهن سياسي پارٽيون پنهنجي سياسي آزاديءَ کي سرينڊر ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته پوءِ حقيقي جمهوريت لاءِ ڪڏهن به آواز اٿاري نه سگهنديون ۽ ملڪ ۾ سدائين اها ئي قوت مضبوط رهندي جنهن لاءِ جمهوريت سدائين خطرو رهي آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button