ملڪ جي قانون کي ڪابه قوت يا شخصيت ٽوڙي ته ان سان اهڙو ئي ورتاءُ ٿيڻ گهرجي، جيڪو قانون جي ڪتابن ۾ لکيل آهي، پر جيڪڏهن سياسي قوتون، آپي کان نڪري وينديون ته اهي پنهنجن مخالفن سان جيڪو چاهين ورتاءُ ڪري سگهن ٿيون، پر “ايڪ دن سجڻان نو مرڻ جاڻان” واري ڳالهه به ذهن ۾ رکڻ گهرجي. هن ملڪ ۾ اڪثر سياسي قوتن جو ورتاءُ دشمنيءَ جي حد تائين ڏٺو ويو آهي، توڙي جو اهڙا ڪيترائي موقعا آيا آهن، جڏهن مخالف سياسي قوتن کي پنهنجي کي ٻاريل باهه ۾ آڱريون ساڙڻيون پيون آهن. ملڪ جي ٻن مک سياسي پارٽين پ پ ۽ (ن) ليگ به هڪٻئي خلاف تمام گهڻي ويڙهه وڙهي. آخرڪار ان وقت جي ڏور رس سياسي قيادت کي ڳالهه سمجهه ۾ اچي وئي. پر ڳالهه تڏهن سمجهه ۾ آئي، جڏهن هڪ اڳوڻي وزير اعظم کي شهيد ڪيو ويو. اهي قوتون، جن کي سياسي قوتن ئي پالي وڏو ڪيو هو، اهي ان پوزيشن ۾ اچي ويون جو انهن سياسي قيادت جو کاڄ ڪرڻ شروع ڪيو. ان جي باوجود ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي، خبر ناهي ته هي قوتون باقي ڇا وڃائڻ گهرن ٿيون؟
عمران خان کي ٽين قوت طور به ان ڪري ميدان ۾ لاٿو ويو ته جيئن ٻنهي سياسي قوتن کي ڏينهن جا تارا ڏيکارجن، اهي جيڪي پردي پٺيان ويٺا هئا، انهن سياسي ڪلچر کي تباهه ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي. عمران خان کي جنهن مقصد لاءِ آندو ويو، اهو حاصل ڪرڻ کان پوءِ ان کي به زوردار ٿڏو هنيو ويو. عمران خان ۽ سندس پارٽيءَ جا ڪم ئي اهڙا هئا، جنهن جي انهن کي قيمت ادا ڪرڻي پئي. ممڪن آهي ته اها مستقبل ۾ وڌيڪ قيمت به ادا ڪري، ان جو اهم سبب هي آهي ته عمران خان جي ايتري پٺڀرائي ڪئي وئي جو ان پاڻ کلي عام چوڻ شروع ڪيو ته ملڪ ۾ سياسي نظام سعودي عرب جهڙو هجي يا ترڪي جهڙو. ان سان گڏ ون مين آرمي جا خواب به ڏٺا ويا يا وري عمران خان کي اهڙا سپنا ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، جيڪي ملڪ جي سياسي ۽ جمهوري ڪلچر کي هميشه لاءِ تباهه ڪرڻ لاءِ ڪافي هئا. عمران خان سمجهيو پئي ته هن کي مليل ڊگهي رسيءَ کي ڪابه ڇڪ اچي نٿي سگهي، پر ايئن ٿيڻو نه هو، جن اسڪرپٽ لکيو هو، ان ۾ عمراني حڪومت جو خاتمو ٿيڻو هو. هي سڀ ٿيڻ کان پوءِ ساڳي ايجنڊا تي عمل جاري آهي.
هن ڀيري رڳو ايڪٽرز تبديل ٿيا آهن. اهي سياسي قوتون جن کي جمهوريت ۽ سويلين حڪمرانيءَ لاءِ وڏيون قربانيون ڏيڻيون پيون، اهي به تماشائي ٿي ويون آهن. انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته هو جيڪي ڪجهه ڪن پيا، ان سان ملڪ جي سياست، معيشت ۽ جمهوريت کي ڪيترو فائدو ٿيندو. خاص ڪري جنهن قسم جي قانون سازي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، اها به انتهائي خطرناڪ آهي. سڀني کي ڄاڻ آهي ته (ن) ليگ جي گذريل دور ۾ هڪڙو اهڙو قانون به ٺاهيو ويو، جنهن جو چرٻو، جنرل ڊائر جي قانون وارو هو. ان قانون جو استعمال به (ن) ليگ ۽ پ پ خلاف ٿيو. شهيد ذوالفقار علي ڀٽي کي وڏو سوجهه ٻوجهه وارو اڳواڻ سمجهيو ويندو آهي، پر هن جيڪي آئين ۾ ترميمون ڪري ڪم ڪيا، اهي به ان تي ئي بيڪ فائر ٿيا. رهيل ڪسر وري فوجي آمرن پوري ڪئي. انهن وري اهڙي قانون سازي ڪرائي جو انهن قانونن جو رڳو ذڪر ڪجي ٿو ته ڪا نه ڪا توهين سمجهي وڃي ٿي ۽ ان جي سزا به سڀ سمجهي سگهن ٿا.
تازو ئي 9 مئي جو واقعو ٿيو، ان پٺيان جيڪي سياسي قوتون هيون، انهن جي من ۾ جيڪي ڪجهه هو، ان جو اظهار ڪيو ويو. ڪنهن کي اندازو ئي نه هو ته ايئن ٿي سگهي ٿو. ماضي ۾ سياسي پارٽين ۽ ڪارڪنن ته اهڙي ڪابه حرڪت نه ڪئي هئي،اهڙو مثال ملڪ جي تاريخ ۾ نٿي مليو. پر هي واقعا مستقبل ۾ شاهدي ڏيندا ته ان ڏينهن تي ڇا ٿيو هو؟ اسان وٽ هي Myth آهي ته ملڪ جي طاقتور اداري ۾ ڪو ڪمانڊ جي خلاف وڃي نٿو سگهي. ان حوالي سان ٽي چار ڀيرا اهڙا واقعا ٿيا، جن بابت چيو ويو ته اهي ڪمانڊ خلاف بغاوتون هيون، پر بعد ۾ ڪجهه ٻيون ڪهاڻيون به سامهون آيون. اهو به ڏٺو ويو ته وقت جي وزيراعظم پاران ڪمانڊ جي تبديليءَ کان ڪيئن منهن موڙيو ويو. هي به ڏٺو ويو ته آمريڪين کي خوش ڪرڻ لاءِ به ڪجهه ان نوعيت جا ڊراما رچايا ويا. مطلب ته ان نوعيت جي سازشن جا الڳ الڳ پس منظر آهن. مستقبل ۾ وڌيڪ ڳالهيون سامهون اينديون ۽ اها به خبر پوندي ته عمران خان جيڪي ڪجهه ڪيو، ان پٺيان ڪهڙيون قوتون هيون.
ملڪ جي وزير اعظم، اهم ٽي وي چينل تي اچي ڪيترائي انڪشاف ڪيا، جن ۾ هڪڙو هي به هو ته 9 مئي جو واقعو اصل ۾ عظيم گهوڙيسوار کي ڪمانڊ کان الڳ ڪرڻ لاءِ هو. اها ڳالهه درست آهي يا غلط، ان بحث ۾ وڃڻ کان سواءِ ڪجهه نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. جنهن سطح جي ڳالهه ڪئي وئي، ان کي مشڪل سان ڪو چيلينج ڪري سگهندو، پر مستقبل ۾ هي خبر پئجي ويندي ته اصل معاملو ڪهڙو هو. هي اهڙو معاملو هو، جنهن جي ڪري ڪيترائي خطرناڪ فيصلا ڪرڻا پيا يا ڪيا پيا وڃن. ان جو هڪڙو منظر ملڪ جي سينيٽ ۾ نظر آيو. مخالف ڌر جي سينيٽرن جو آواز ته ڪو مشڪل سان ئي ٻڌي سگهي ٿو، خاص ڪري اهڙي وقت ۾ جڏهن عمران خان هي فيصلو ڪيو هجي ته هو پنهنجن ڪيترن ئي سينيٽرن جي خلاف اهم فيصلو ڪرڻ وارو آهي. هن کي هڪڙا ڇڏي ويا ۽ باقي جيڪي بچيا، انهن جي صفائيءَ جو عمل جاري آهي. اهڙي صورتحال ۾ عمران خان جي اڪيلائپ ۾ يقينن اضافو ٿيندو ۽ هو اهڙي ڪمزور پوزيشن ۾ هوندو جو طاقتور ڌريون ان کي تيزيءَ سان چيڀاٽي سگهن ٿيون.
سينيٽ ۾ پرتشدد انتهاپسنديءَ کي روڪڻ وارو بل ته پيش ٿي ويو، پر ان جي اتحادي پارٽين جي سينيٽرز مخالفت ڪئي. انهن جو چوڻ هو ته بل سڌو مٿئين ايوان ۾ آندو ويو آهي، ٻيو وري ڪنهن به ڪميٽي ذريعي نه آندو ويو، جنهن ۾ ان تي بحث مباحثو ٿئي ها. انهن فني معاملن کي ڇڏي، ان بل جي منظور ٿيڻ سان ڪنهن به ماڻهوءَ کي 90 ڏينهن کان هڪ سال تائين ڪنهن به عدالت ۾ پيش ڪرڻ ۽ الزام کان سواءِ حراست ۾ رکي سگهجي ٿو. باقي ڪنهن به پرتشدد پارٽي، ان جي اڳواڻ جي خلاف جيڪا ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، اها الڳ آهي. حڪومت جا سينيٽر، جن ۾ جي يو آءِ (ف) جو اڳوڻو سينيٽ ۾ وائيس چيئرمين مولانا عبدالغفور حيدري شامل هو، چئي رهيو هو ته هي بل جمهوريت جي پٺيءَ ۾ ڇرو هڻڻ برابر ٿيندو. ان قسم جون ٻيون ڳالهيون به سينيٽ جي اجلاس مان ٻڌڻ ۾ آيون. جيڪڏهن ملڪ جي صورتحال خطرناڪ هجي به ته ان نوعيت جي قانونن کان پاسو ڪرڻ ضروري آهي. ان نوعيت جو قانون ڀارت ۾ مودي سرڪار به متعارف ڪرايو، جنهن کي فاشسٽ سڏيو وڃي ٿو. اها الڳ ڳالهه آهي ته ڀارت جي جمهوريت پاڪستان جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ مضبوط ۽ طاقتور آهي. اسان وٽ هر ڀيري اهڙا قانون سامهون اچن ٿا، جيڪي سياسي قيادت ۽ ڪارڪنن کي کاڄ بڻائين ٿا. هاڻ سوال هي آهي ته ڇا اهڙي قانون سازيءَ کان پاسو ڪري نٿو سگهجي؟