پاڪستانسنڌ

ننگرپارڪر ۾ عوامي تحريڪ جي “ڪارونجهر بچايو” ريلي، 5 ڪلاڪ ڌرڻو

ننگرپارڪر: عوامي تحريڪ ۽ سنڌي هاري تحريڪ پاران ننگرپارڪر ۾ روپلو يادگار کان پريس ڪلب تائين “ڪارونجهر بچايو” ريلي ڪڍي نھٽڻ اس ۾ 5 ڪلاڪ ڌرڻو ھنيو ويو. ريلي ۾ عورتن، مردن، ٻارن، هارين، مزدرون، شاگردن، اديبن، شاعرن، ليکڪن، صحافين ۽ سنڌ جي محب وطن ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ريلي ۾ مختلف نعرا پڻ هنيا ويا. ان موقعي تي ريلي کي خطاب ڪندي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر لال جروار چيو ته پ پ جي سنڌ سرڪار اخبارن ۾ اشتهار وسيلي ڪارونجھر کي نيلام ڪرڻ جو سنڌ دشمن منصوبو جوڙيو آهي، پ پ سرڪار سنڌي عوام جي گڏيل آواز جو ازالو ڪرڻ بدران ڪارونجھر سميت سنڌ جي ثقافتي ماڳن کي نيلام ڪرڻ جا ٽينڊر جاري ڪري پئي. ڪارونجھر سنڌ جي تاريخي ثقافتي ورثي سان گڏ ننگرپارڪر سميت آسپاس جي سموري علائقي جي ماڻھن جو وڏي ۾ وڏو معاشي ذريعو آهي. ڪارونجھر جاندارن لاءِ محفوظ پناهگاهه آهي. ڪارونجھر جي ڪٽائي سان نه صرف علائقي جي لکين ماڻھن جو معاشي نقصان ٿيندو، پر ان سان گڏ ٻين ساهه وارن جاندارن جو وجود پڻ خطري ۾ پئجي ويندو. ڪارونجھر سنڌ جي قومي ملڪيت آهي. سنڌي هاري تحريڪ جي مرڪزي صدر ڊاڪٽر دلدار لغاري چيو ته سنڌ حڪومت ڪارونجھر جي ڪٽائي جو فيصلو ڪري لکين هاري پورهيت عوام کي دربدر ڪرڻ جو خطرناڪ منصوبو جوڙيو آهي. وزيرن، مشيرن، صلاحڪارن ۽ وڏيرن کي عوام ان بنياد تي ووٽ ڪو نه ڏنو هو ته هو اسيمبلين ۾ ويھي سنڌ جي وسيلن، ثقافتي ماڳن کي نيلام ڪن. عوامي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري نور احمد ڪاتيار چيو ته ڪارونجھر جبل سنڌ جي قديم تمدني تاريخ جو اهڃاڻ آهي، يونيسڪو کي گھرجي ته ڪارونجھر جبل کي عالمي ثقافتي ورثو قرار ڏئي ۽ ڪارونجھر جو تحفظ يقيني بڻايو وڃي. عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو چيو ته سنڌ جا ڪروڙين محب وطن ماڻھو سنڌ حڪومت کي اهو پيغام ڏين ٿا ته ساهه جي آخري گهڙين تائين سنڌ جو عوام ڪارونجھر سميت پنهنجي وسيلن جي مالڪي لاءِ ويڙهه ڪندو. ناليواري ليکڪ دستگير ڀٽي چيو ته زرداري ٽولي سنڌ وڪڻي ڇڏي آهي. زرداري مافيا سنڌ کي ماڪڙ جيان کائي وئي آهي. عوامي تحريڪ ۽ سنڌياڻي تحريڪ کي جس هجي جن ڪارونجھر پهچي ڪارونجهر جي مالڪي ڪئي آهي. سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي سينيئر نائب صدر عمرہ سمون چيو ته تاريخي تحريڪن جيان پ پ جي سنڌ دشمن منصوبن خلاف به هزارين سنڌياڻيون رڪ جي ديوار بڻجي بيهي رهنديون. عوامي تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي صدر ايڊوڪيٽ ديوت رائي چيو ته ٿر ملڪي معاشي ترقي جو وڏو ذريعو آهي، پر ٿر جو عوام بدحالي جو شڪار آهي. سنڌي گرلس اسٽوڊنٽ تحريڪ جي مرڪزي صدر ساجده پرهياڙ چيو ته ڪارونجهر جي نيلامي خلاف سنڌ جي اديبن، شاعرن، قلمڪارن کي اڳيان اچڻ گهرجي. ريلي ۾ عوامي تحريڪ جي مرڪزي ڊپٽي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري ستار رند، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري زرقا ھاليپوٽو، اوڀايو جوڻيجو، مصطفى چانڊيو، ڪلتار ميگهواڙ، مرڪزي اڳواڻ ديال صحرائي، سرمد راڄپر، اي بي چارو، اياز جمال چانڊيو ۽ ٻين اڳواڻن شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button