پاڪستانسنڌ

پيارولنڊ ٽائون جي 15 ڪروڙ 83 لک جي بجيٽ پيش ۽ منظور

عثمان شاھه ھڙي: پيارولنڊ ٽائون ڪميٽي جو بجيٽ اجلاس ٽائون چيئرمين حاجي نور محمد نظاماڻي جي صدارت ۾ اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ سال 2023/2024 لاءِ 15 ڪروڙ 83 لک 88 هزار 243 رپين جي بجيٽ پيش ڪئي وئي، جيڪا سمورن ميمبرن ميمبرن منظور ڪئي. بجيٽ ۾ پگهارن جي مد ۾7 ڪروڙ 99 لک رپيا، ترقياتي ڪمن جي ادائيگي لاءِ 5 ڪروڙ رپيا رکيا ويا. اجلاس ۾ ٽائون آفيسر فياض علي شاھه، اڪائونٽس آفيسر عمران علي وساڻ، جنرل ڪائونسلر منظور علي لنڊ، حاڪم ملاح، جنرل اعجاز علي قلندري، مير خان برفت، ربڏنو ناگور ھاليپوٽو، اقليتي ڪائونسلر ڏمو مل، ليلو مل، نوجوان ڪائونسلر نعمان علي مستوئي، عورت ڪائونسلر نسرين گل مستوئي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button