پاڪستانسنڌ

ڪارونجهر جي ڪنهن به صورت نيلامي ٿيڻ نه ڏينداسين: نياز ڪالاڻي

محرابپور: جسقم جي اڳوڻي سينيئر وائيس چيئرمين ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي سنڌ جي دوري دوران مرڪزي ميڊيا هائوس محرابپور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال انتهائي خراب آهي. ڌاڙا، ڦرون ۽ اغوا جون وارداتون روز جو معمول بڻيل آهن، سنڌ جا ماڻهو محفوظ ناهي، سکر واري علائقي سنگراس مان پريا ڪماري اغوا ٿيل آهي، ان جي بازيابي لاءِ 3 آگسٽ تي سکر پريس ڪلب اڳيان ڌرڻو هنيو ويندو. هن وڌيڪ چيو ته ڪارونجهر جبل سنڌ جو اثاثو آهي، ڪنهن به صورت ۾ نيلامي ٿيڻ نه ڏينداسين، سنڌ ۾ بجلي جي بدترين لوڊشيڊنگ ڪئي پئي وڃي، سنڌ گئس پيدا ڪندڙ آهي، پر سنڌ ۾ گئس ناهي، امير سنڌ جا ماڻهو بک ۽ بيروزگاري جو شڪار آهن، سنڌ حڪومت ڪوڙيون دعوائون ڪري رهي آهي ته 21 هزار گهر تعمير ڪري متاثرن کي ڏنا آهن. ان موقعي تي رواداري تحريڪ سنڌ جو چيئرمين پنهل ساريو، ڪامريڊ شهاب ميمڻ، سيد الطاف شاهه ۽ ٻيا پڻ موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button