پاڪستانسنڌ

ملڪ ۾ اليڪشن پنهنجي مقرر وقت تي ئي ٿيندي:شازيه مري

ڄام نواز علي: غربت جي خاتمي ۽ سماجي تحفظ واري وفاقي وزير شازيه عطا مري ڄام نواز علي رورل هيلٿ سينٽر ۾ قائم بينظير نشونما سينٽر جو دورو ڪيو. دوري دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير شازيه مري چيو ته پ پ پاران غريب عوام جي ڀلائي لاءِ هميشه سٺا پروگرام ڏنا ويا آهن، بينظير نشونما سينٽر بينظير انڪم سپورٽ پروگرام ۽ ورلڊ فوڊ پروگرام جي سهڪار سان ڳورهاري ۽ نومولود ٻارن کي کير پياريندڙ مائرن ۽ ٻن سالن تائين جي عمر جي ٻارن کي غذائيت جي کوٽ ختم ڪرڻ لاءِ خاص غذا ممتا ۽ واوا مم فراہم ڪئي وڃي ٿي. اسان ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ ڏينهن رات ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ ٻوڏ متاثرن جي ٻيهر بحاليءَ ۽ گهر فراهم ڪرڻ لاءِ ڪم تيزي سان جاري آهي، ان ۾ ڪنهن به قسم جي سستي برداشت نه ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ شازيه عطا مري چيو ته چونڊون پنهجي مقرر وقت تي ٿينديون، پ پ بينظير ڀٽو جي شهادت وقت چونڊون ملتوي ڪرڻ جي مخالفت ڪئي هئي. ان موقعي تي ڊي سي سانگهڙ محمد اسحاق گاد، ورلڊ بئنڪ جي پرڏيهي نمائنده ميلس گووين ۽ ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button