پاڪستانسنڌ

جڳديش ملاڻي آمريتي دور ۾ مزاحمتي جدوجهد ڪئي:مٺي ۾ جلسو

مٺي: ٿر اندر پ پ جو بنياد رکندڙ ٿر جي مزاحمتي سياسي اڳواڻ امر جڳديش ملاڻي ۽ سندس ڀا اڳوڻي ايم اين اي موتي رام ملاڻي جي مٺي ۾ ورسي جو گڏيل عوامي جلسو صادق فقير چوڪ تي ڪوٺايو ويو، جلسي ۾ چونڊيل نمائندن، اڳواڻن ۽ ڪارڪنن شرڪت ڪئي، ورسي جي موقعي تي واپارين سوڳ ۾ بازارون بند رکيون. عوامي جلسي کي مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ملاڻي، ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، انجنيئر گيانچند، دوست علي راهمون، نور محمد منڌرو، ڪملا ڀيل، دادن هنڱورجو، ڪرشن شرما، سليم اڍيجو، ڊاڪٽر منوج ڪمار ملاڻي، سشيل ملاڻي، ماما ماتورام ڀڳت، عظيم چانڍيو، ميئن بجير ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته جڳديش ملاڻي نه رڳو ٿر ۾ پ پ جو بنياد رکيو پر آمريتي دور ۾ مزاحمتي جدوجهد ڪري عوام کي ويساهه ڏنو، ٿر جيڪو اڄ پ پ جو قلعو آھي، اهو جڳديش ملاڻي جي جدوجهد ۽ قربانين جو نتيجو آھي. جڳديش ملاڻي پارٽي جي لانگ مارچ ۾ اسماعيل اڍيجو ۽ فقير محمد لاشاري سان گڏ روڊ حادثي جو شڪار ٿي ويو، پر عوام جي دلين ۾ اڄ به زندهه آھي، هو شھيدن جي پارٽي جو سپاهي ۽ عوام جو محبوب اڳواڻ ھو. مملڪتي وزير ڊاڪٽر مهيش ڪمار ملاڻي وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته جڳديش ملاڻي سوچي سمجهي آمريت جي دور ۾ پ پ سان گڏ بيهي اڙانگي سفر جي چونڊ ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button