پاڪستانرانديون

براڊ آسٽريليا کي ايشز کٽڻ نه ڏني، انگلينڊ فاتح، سيريز 2- 2 تان برابر

انگلينڊ جي ٽيم ايشز جي پنجين ۽ آخري ٽيسٽ ۾ مهمان ڪينگروز کي سخت مقابلي بعد 49 رنسن تان شڪست ڏئي سيريز 2- 2 تان برابر ڪري ورتي، ڪيريئر جو الوداعي ٽيسٽ کيڏندڙ فاسٽ بالر اسٽيوئرٽ براڊ آسٽريليا جي آخري وڪيٽ ڪيرائي کين ايشز کٽڻ کان روڪي ورتو ۽ پنهنجي شاندار ڪرڪيٽ سفر جي 604 وڪيٽن سان هڪ يادگار موڙ تي پڄاڻي ڪئي. اوول جي ميدان تي انگلينڊ ٽيم پنجون ۽ آخري ٽيسٽ کٽڻ لا آسٽريليا کي ٻي اننگز ۾ 384 رنسن جو وڏو ٽارگيٽ ڏنو، جنهن جي جواب ۾ ڪينگرو ٽيم 334 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي. ڊيوڊ وارنر 60، عثمان خواجا 72، اسٽيون سمٿ 54، ٽريوس هيڊ 43 ۽ ايلڪس ڪيري 28 رنسن جي اننگز سان جبل چڙهڻ جي ڪوشش ڪئي پر مقصد ۾ ڪامياب نه ٿيا. انگلينڊ جي بالنگ اٽيڪ مان ٻي اننگز ۾ ڪرس ووڪس 4 وڪيٽون، معين علي 3، اسٽوئرٽ براڊ 2 ۽ مارڪ ووڊ هڪ شڪار ڪيو. 5 مئچن تي ٻڌل ايشز سيريز ۾ آسٽريليا ۽ انگلينڊ ٻنهي 2-2 ڪاميابيون حاصل ڪيون، جڏهن ته هڪ مئچ بنا نتيجي ختم ٿي هئي. آسٽريليا جي فاسٽ بالر مچل اسٽارڪ کي پليئر آف دي سيريز قرار ڏنو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button