ڪاسٻو ننگرپارڪر جو سڀ کان زرخيز ۽ سڌي پٽ وارو علائقو آهي. هي باغن ۽ سرسبز کيتن وارو هنڌ آهي. هتي قديم شو جو مندر آهي. مندر ۾ ۽ مندر کان ٻاهر مور ولرن جي صورت ۾ هلندڙ هوندا آهن.
ننگرپارڪر واري علائقي تي گجراتي ٻوليءَ جو وڏو اثر آهي. ان ڪري ڪاسٻو اصل ۾ گجراتيءَ جي کاهوو جو سنڌي بگاڙ آهي. ڪاسٻي وارو پٽ اصل ۾ چراگاهه وارو هنڌ رهيو آهي. ان ڪري گجرات مان وڏي انگ ۾ چوپايو مال چاري لاءِ ڪاهي سانگ تي ايندڙ هئا. گجراتيءَ ۾ مال ڪاهي ايندڙ کي کاهيا چيو ويندو آهي. مال چاريندڙن لاءِ پيئڻ جو پاڻيءَ جو مسئلو هو. پر لوڪ ڏاهپ تحت مال چاريندڙن پاڻي ڳولڻ جو سولو گس ڳولي ورتو. زمين تي ستل ڌنار جي ڪپڙن تي جيڪڏهن اڏوهي لڳي، ته پڪ سمجهو ان زمين جو جر مٺو آهي. ان ڪري سانگ تي آيل ڌنارن واءِ کوٽيون. ننڍي کوهي يا ويجهو ملندڙ پاڻيءَ واري کوهي کي “واءِ” چيو ويندو آهي. ان ڪري مال ڪاهي ايندڙ ڪاهو ۽ واءِ وارو گڏيل نالو وڃي ٿيو “کاهوو” جيڪو پوءِ سنڌي ٻوليءَ جي اچار ۾تبديل ٿي ڪاسٻو ٿي ويو.
ننگر پارڪر تعلقي ۾ ڪاسٻو پنهنجي لوڪيشن جي حساب سان اوڀر ۽ ڏکڻ واري ڪنڊ تي ڪڇ جي رڻ وٽ واقع آهي. ننگر جي اولهه اتر واري پاسي کان ڪارونجهر جو گرينائيٽ وارو ڳاڙهسرو جبل واقع آهي. ٻيرين جي ڊينگهرن جي پتر نما لوڙهي ڏنل، هن ڳوٺ جون گهٽيون، بازارن وانگر ڳوٺ کي مختلف محلن ۽ پاڙن ۾ ورهائين ٿيون. هن ڳوٺ ۾ حڪيمن جا شفا خانه سڀ کان اهم هنڌ آهن. جن وٽ ڪارونجهر جي جڙين ٻوٽين ۽ انهن جي فائدن جي وڏي لسٽ آهي. ٿرپارڪر ضلعي جو هي ڳوٺ، سنڌ جو واحد ڳوٺ آهي، جتي 99 سيڪڙو تعليم آهي. ميگهواڙ، ڪولهي، ريٻاڙي، مڱڻهار ۽ ڪنڀر ذاتين جا ماڻهو هڪ هزار آبادي تائين هن ڳوٺ ۾ رهندڙ آهن. ڪاسٻو جي ويجهو ٻه مندر پڻ آهن. جن ۾ قديم شو جو مندر ۽ ٻيو راما پير جو مندر آهي. راما پير جي مندر ۾ نمن جا وڏا ۽ گهاٽا وڻ آهن. جڏهن ته شو جي مندر ۾ مورن جا ٽهوڪا، مندر ۾ وڄندڙ گهنڊن جو آواز گهاٽن وڻن ۽ جابلو ماٿريءَ ۾ پڙاڏو ٿي جلترنگ وانگر گونجڻ لڳندو آهي. هتي جا هاري توڙي زميندار پنهنجي فصل جي ان مان پهريون ڌڙو مورن جي چوڳي لاءِ ڪڍندا آهن.
ڪاسبو زرعي موسم طور سنڌ جو سڀ کان آڳاٽو علائقو آهي. هتي جديد انداز واري پوکي ڪرڻ جو رواج آهي. ليما، ڄمون، انب، بصر، مرچ، ڪڻڪ کوهن جي پاڻي تي پوکي ويندي آهي. ڪاسٻي جو بصر ۽ ساوا مرچ وٺڻ لاءِ واپاري خاص طور پهچن ٿا. اڳ ۾ اها پوکي کوهن تي چڙهيل نارن ذريعي ٿيندي هئي ۽ هاڻ ڊگ ڊگي مشينون کوهن مان پاڻي ڪڍن ٿيون. جنهن تي پوکي جو رواج عمل ۾ آيو آهي. پاڻي واري ڊگ ڊگي ۽ ڪاسٻي ۾ اٽي جي چڪي هن علائقي جي وڏي سائنسي ترقيءَ جي زمري ۾ اچي ٿي. جنهن جي پويان جاويد جبار جي اين جي او ٻانهن ٻيلي جو هٿ آهي. نه ته جنڊ پيهڻ واري ڳالهه ٿر جون عورتون ئي ٻڌائي سگهن ٿيون.
ٿر جهڙي روايتي قدرن واري علائقي ۾ اوچ نيچ کان وٺي، ٿر ۾ زالن کي جنڊ مان جان ڇڏائڻ جو ڪم ٻانهن ٻيليءَ جي حصي ۾ اچي ٿو. ننگر پارڪر جي شهر ۾ جڏهن ٻانهن ٻيليءَ پاران اٽي جي چڪي لڳائي وئي هئي ته علائقي جا ماڻهو حيرت ۾ اها چڪي ڏسڻ لا پهتا هئا. مقامي ۽ غير مقامي جو معاملو ته جتي ڪٿي رهيو آهي. ان ڪري ٻانهن ٻيلي پاران ننگر پارڪر ۾ ڪم ڪرڻ واري ڳالهه جو به ايڏو ئي وڏو نوٽيس ورتو ويو هو. سينيٽ جي ميمبري واري فنڊ مان ننگرپارڪر ۾ گرلس ها اسڪول جي عمارت جوڙائڻ وارو فيصلو پڻ ايڏو ئي وڏو فيصلو هو. ٻانهن ٻيلي پاران ته وڏو فيصلو صدر فاروق لغاريءَ کي ننگرپارڪر ۾ پهچڻ دوران لوئي پارائڻ لا ڪنهن ماڻهو جي چونڊ وارو هو. جيڪو ننگرپارڪر جي گهٽين ۾ راسوڙا ڳائيندڙ ليڙو ڪولهياڻيءَ جي حصي ۾ آيو هو. جاويد جبار جڏهن ٻانهن ٻيليءَ جي ڪاروباري ڪميٽيءَ ۾ اڳواٽ وارين تيارين دوران پڇيو ته صدر کي لوئي ڪير پارائيندو؟ جنهن ۾ ان وقت جي ٿرپارڪر جي ايم اين اي ارباب غلام رحيم جو نالو سامهون آيو هو. پر موٽ ۾ جاويد جبار ليڙو ڪولهياڻيءَ جو نالو پيش ڪري ڪاروباري ڪميٽيءَ کان ان جي منظوري به وٺي ورتي هئي. چاچو علي نواز کوسو، عثمان چاڪي ۽ ليڙو ڪولهڻ ان وقت ٻانهن ٻيلي تنظيم ۾ ڪاروباري ڪميٽيءَ جا ميمبر هئا. (هلندڙ)