ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي کي ڪير ڪنٽرول ڪندو؟

ملڪ اندر حڪومت جي خاتمي ۾ ڪجهه ڏينهن ئي بچيا آهن. عوام پنهنجي سمجهه آهر نئين ايندڙ حڪومت ۾ پاڻ کي سهولتون ڏيکارڻ لا هڪ نئين اميد به لڳائي رکي هوندي، اها يقينن پوري نه ٿيڻي آهي. ڇاڪاڻ ته هاڻ پاڪستان جي اندر ڪنهن وڏي معاشي تبديلي يا ٿلهي ليکي ڪنهن انقلاب کانسوا عوام کي ريليف ڏيڻ ممڪن نه رهيو آهي. عالمي مالياتي ادارن جي طرفان ڏنل قرض جي سود واري قسط ئي حڪمرانن کي ڇرڪائي رهي هوندي آهي. اهڙي صورتحال ۾ حڪومت جو عوام لا ڪجهه ڪرڻ ۽ کين زندگي جون مراعات ڏيڻ سچ به ڏکيو عمل آهي. هتي جيڪو ڪم ۽ ذميواري رياست جي هجڻ گهرجي، اهو ذمو وري خاندان کڻي ورتو آهي. جيڪو سڄي ڄمار پنهنجي ۽ اولاد جي پالنا ۾ ئي زندگي لڳائي ڇڏيندو آهي. پو اها زندگي ٻيو به ڪم نه ڪري سگهندي آهي، عام فطري طور جيئندڙ جيوت وانگر ئي پو ماڻهو زندهه رهندي هڪ پنهنجي مصنوعي دنيا آباد ڪري رکندو آهي. پو ماڻهو هن معاشي وايومنڊل ۾ اهڙو ڦاسي پوندو آهي. جتان نڪرڻ مشڪل به ٿي ويندو آهي. هن وقت مهانگائي جي شرح ڏينهن به ڏينهن وڌي رهي آهي. کاڌي پيتي جي شين جا اگهه آسمان تي پهتل آهن. اٽي جي قيمت کي حڪومت ۽ ضلعي انتظاميه ڪنٽرول نه ڪري سگهي آهي. حيدرآباد ۾ انتظاميه هاڻ تندور جي هوٽلن تي به ماني جي تور ڪرڻ شروع ڪئي آهي. مقرر گرام کان گهٽ وزن اچڻ تي ڏنڊ به هنيو پيو وڃي. هن وقت کير جون قيمتون به آسمان تي پهتل آهن. کير جو سرڪاري اگهه 190 روپيا مقرر ٿيل آهي. ان باوجود ڊيرين تي 220 روپيا ڪلو کير وڪرو ڪري عوام کي ڏنو پيو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد حڪم ڏئي رکيو آهي ته عوام ڊيرين تان کير 190 روپين ۾ ئي خريد ڪري. ان باوجود ڊيرين تان عوام کي سستي کير بدران مهانگو کير ملي رهيو آهي. ملڪ ۾ هن وقت عام واهپي جي شين سان گڏ اليڪٽرانڪ، گاڏين جي پارٽس سميت سمورن شين جا اگهه به آسمان تي پهتل آهن. عام مارڪيٽ ۾ سامان کي هٿرادو به مهانگو ڪيو ويندو آهي، دوائن جون قيمتون به وڌي چڪيون آهن. مهانگين دوائن جي سزا به عام مريض ڀوڳي رهيو آهي. مهانگائي جو طوفان يقينن عوام وٽ حڪمرانن لا سٺا خيال نه آڻي رهيو آهي. هتي عام ڏهاڙيدار طبقو سخت مالي پريشاني کي منهن ڏئي رهيو آهي، سنڌ اندر هڪ انارڪي جهڙي صورتحال به پيدا ٿي چڪي آهي، هتي ملڪ جي ڊفالٽ ٿيڻ يا نه ٿيڻ واري بحث ۾ اسان جي دانش ۽ ٽاڪ شو ڏسڻ جا شوقين ڦاٿا پيا آهن. جيتوڻيڪ ملڪ جي وسيلن کي ڏٺو وڃي ته هڪ منصوبابندي سان هتي ملڪ کي ترقي جي بلندين تي به پهچائي سگهجي ٿو. اها منصوبابندي به هڪ سسٽم سان ٿيڻي آهي. هي رياست يا حڪمران منصوبابندي سان ڪا به شئي نٿا هلائي سگهن. جنهن سان سماج ۾ وڌيڪ انتشار ڦهلجي رهيو آهي، جولا مهيني جي مهانگائي جا انگ اکر به سامهون آيا آهن. جتان به سٺًي خبر نه اچي رهي آهي.
رپورٽ موجب ته هلندڙ مالي سال 24-2023ع جي پهرين مهيني (جولاءِ) دوران مهانگائي جي شرح مهيني جي بنياد تي 3 ڏهائي 46 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 28 ڏهائي 31 سيڪڙو وڌي وئي آهي. ان حوالي سان وفاقي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل مهانگائي جي ماهوار رپورٽ جي انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ چانور، ڪڻڪ، کنڊ، گوشت ۽ دال جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن موجب مهانگائي جي شرح شهري علائقن ۾ 3 ڏهائي 57 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 3 ڏهائي 30 سيڪڙو وڌي وئي. شماريات واري اداري موجب سگريٽ جي قيمت ۾ 123 ڏهائي 46 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 102 ڏهائي 43 سيڪڙو، چانهه جي قيمت ۾ 97 ڏهائي 26 سيڪڙو، چانورن جي قيمتن ۾ 68 ڏهائي 87 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 66 ڏهائي 58 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آلو، ڪڪڙ، کنڊ، گوشت، دال، تازو کير، تازيون ڀاڄيون، ڪوڪنگ آئل ۽ بيسڻ به مهانگو ٿيو آهي. اهڙي صورتحال ۾ ڏسون ٿا ته ايندڙ مهينن ۽ سال دوران به مهانگائي جي گهٽجڻ جا ڪي به امڪان ناهن. جنهن سان ماڻهو جي زندگي اڃا به ڏکي ٿيندي. ماڻهو جو معيار زندگي بحال رکڻ مشڪل به آهي. عوام کي ايندڙ اليڪشن ۾ مهانگائي ختم ڪرڻ جو مطالبو ۽ ايجنڊا اول صف ۾ رکڻ گهرجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button