ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائيءَ جي وڌندڙ شرح

ڪنهن به حڪومت کان عوام جو اهو مطالبو ضرور هوندو آهي ته مهانگائيءَ کي ڪنٽرول ڪيو وڃي. گذريل ڪجهه سالن کان مهانگائيءَ جي شرح ۾ جنهن تيزيءَ سان واڌ ٿي آهي، ان کي عوام منهن نٿو ڏئي سگهي ۽ نه ئي ان جي وس ۾ رهيو آهي ته اهو پنهنجي محدود آمدني وسيلي ڳرا خرچ برداشت ڪري سگهي. عوام عام واهپي جون شيون به مهانگي اگهه تي خريد ڪري رهيو آهي. اٽو جيڪو عام اسم آهي، سو به هاڻ 160 رپيا ڪلو تائين وڃي پهتو آهي. جنهنڪري نه رڳو عوام لاءِ ٻه ويلا ماني کائڻ ڏکيو ٿي پيو آهي پر ان لاءِ پنهنجي گهر جو گاڏو هلائڻ به مشڪل آهي. تنهن هوندي به حڪومت جي ڪن تي جونءِ ڪونه ٿي سري. اها نه رڳو عوام تي مهانگائيءَ جو بار وڌائي رهي آهي پر اشرافيا لاءِ سهولتون ۽ مراعتون پڻ پيدا ڪري رهي آهي. اهڙي ريت عام ماڻهو اڄ به مهانگائي سبب رڙيون ڪري رهيو آهي. تازو حڪومت پيٽرول جي في ليٽر ۾ لڳ ڀڳ 20 رپيا واڌ ڪئي آهي. جنهن کان پوءِ عام ماڻهوءَ لاءِ گاڏين ۾پيٽرول ڀرائڻ ئي ڏکيو ٿي پيو آهي پر حڪومت جو ڌيان ان پاسي بلڪل به ڪونهي. هر مهيني مهانگائي وڌي رهي آهي ۽ عوام جي قوت خريد گهٽجي رهي آهي. ڪالهه جولاءِ مهيني دوران مهانگائيءَ جا انگ اکر سامهون آيا آهن.
هلندڙ مالي سال 24-2023ع جي پهرين مهيني (جولاءِ) دوران مهانگائيءَ جي شرح مهيني جي بنياد تي 3 ڏهائي 46 سيڪڙو ۽ سالياني بنيادن تي 28 ڏهائي 31 سيڪڙو وڌي وئي آهي. ان حوالي سان وفاقي شماريات کاتي پاران جاري ڪيل مهانگائيءَ جي ماهوار رپورٽ جي انگن اکرن ۾ چيو ويو آهي ته جولاءِ ۾ چانور، ڪڻڪ، کنڊ، گوشت ۽ دال جي قيمتن ۾ اضافو ٿيو آهي. انگن اکرن موجب مهانگائيءَ جي شرح شهري علائقن ۾ 3 ڏهائي 57 سيڪڙو ۽ ٻهراڙي وارن علائقن ۾ 3 ڏهائي 30 سيڪڙو وڌي وئي. شماريات واري اداري موجب سگريٽ جي قيمت ۾ 123 ڏهائي 46 سيڪڙو، اٽي جي قيمت ۾ 102 ڏهائي 43 سيڪڙو، چانهه جي قيمت ۾ 97 ڏهائي 26 سيڪڙو، چانورن جي قيمتن ۾ 68 ڏهائي 87 سيڪڙو ۽ ڪڻڪ جي قيمت ۾ 66 ڏهائي 58 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. آلو، ڪڪڙ، کنڊ، گوشت، دال، تازو کير، تازيون ڀاڄيون، ڪوڪنگ آئل ۽ بيسڻ به مهانگو ٿيو.
اسين سمجهون ٿا ته پي ڊي ايم جي حڪومت نه رڳو عوام لاءِ پريشانيون پيدا ڪيون آهن پر ان عوام کي مليل اڳوڻو رليف به کسي ورتو آهي، جيڪو ڪنهن قدر پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾ مليل هو. تنهنڪري هي حڪومت به عوام لاءِ ڪا ايڏي لاڀائتي ثابت ڪونه ٿي آهي ۽ نه ئي ان ڪي اهڙا ڪارناما ڪري ڏيکاريا آهن. جن تي عوام فخر ڪري سگهي. پي ڊي ايم جي حڪومت جيڪڏهن عوام کي رليف نٿي ڏئي سگهي ته پوءِ اها اهي دعوائون نه ڪري جن موجب اها عوام جي ڏکن سورن کي سمجهي ٿي. هاڻوڪي حڪومت جو عوام جي ڀلي سان ڪو واسطو ڪونهي. جيڪا حڪومت عام ماڻهوءَ کي سستو اٽو فراهم نٿي ڪري سگهي اها ڪهڙي ريت ٻين عوامي مسئلن کي حل ڪندي. تنهنڪري حڪومت کي گهرجي ته اها عوامي مفادن وٽان فيصلا ڪرڻ کي ترجيح ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button