سنڌ

ڳاڙهي ۾ ڳوٺاڻن جي گرفتاري خلاف بائي پاس تي مظاهرو، 8 ڪلاڪ ڌرڻو

ڳاڙهي ۾ 7 ڳوٺاڻن جي گرفتاري تي ديهه خليفا جي رهواسين زميندار سعيد ڪلهوڙي خلاف عورتن سميت با پاس تي احتجاجي مظاهرو ڪري اٺن ڪلاڪن تائين ڌرڻو هنيو، جنهن سبب سوين گاڏيون بيهجي ويون. ان موقعي تي حسين ملاح، رمضان ملاح ۽ حاجاڻي ملاح نعريبازي ڪندي چيو ته اسان غريب ماڻهو آھيون، اسان جو گذر سفر هارپي تي آهي، گذريل 15 سالن کان زميندار سعيد ڪلهوڙي وٽ هارپو ڪندا اچون پر هن دفعي حساب گهرڻ تان زميندار مڇرجي اسان جا 7 ماڻهو جمن، علي حسن، حنيف محمد نظير، اڪبر ۽ ٻانھو ملاح کي بيگناهه ٿاڻي ۾ بند ڪرائي پوليس کي پئسا ڏئي مٿن 5 ڏينهن کان سخت تشدد ڪرائي رهيو آهي، ٻگهاڻ پوليس زميندار جي ونگار وهندي اسان جي ٻن ماڻهن تي وونئڻن جي چوري جي ڪوڙي ايف آئي آر داخل ڪري ڇڏي آهي، باقي 5 ڄڻا بنا ڪنهن ايف آئي آر جي ٿاڻي ۾ قيد آهن، اسان کي خدشو آهي ته پوليس پئسن عيوض اسان جا بيگناهه قيد ٿيل ماڻهو تشدد ڪري ماري نه ڇڏي. ٻئي طرف ڪائونسلر سڪندر لاشاري احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري زميندار سعيد ڪلھوڙي سان به رابطو ڪيو، جنھن کان هاڪاري موٽ نه ملي سگھي، جڏھن ته ضلعي انتظاميا مان به ڪنهن احتجاج ڪندڙن سان رابطو نه ڪيو. امير البحر تنظيم جي اڳواڻ انور ملاح احتجاج ڪندڙن وٽ پهچي ڳالهيون ڪيون پر 8ڪلاڪن جي ڌرڻي دوران ايس يس پي ٺٽو بيگناهه گرفتار ڳوٺاڻن کي آزاد نه ڪرائي سگهيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button