سنڌ

ڪجهه شدت پسند عنصر خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن:وزيراعظم

وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ دفاع سميت مختلف شعبن ۾ لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۽ ترڪيه کي سي پيڪ ۾ شموليت جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي، وقت جي گهرج آهي ته پاڪستان ۽ ترڪيه اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ سگهه ڏين، ملجم ڪلاس ڪارويٽ منصوبو ٻنهي ملڪن جي ويجهي لاڳاپن جو اعليٰ مثال آهي، حڪومت پاڪ بحريه جون دفاعي ضرورتون پوريون ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪالهه اربع ڏينهن پي اين ايس طارق ملجم ڪلاس ڪارويٽ جنگي جهاز کي پاڪ بحريه جي ٻيڙي ۾ شامل ٿيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي ترڪ نائب صدر جودت يلماز خصوصي مهمان هو. تقريب ۾ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال، واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه، سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري، پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل امجد نيازي سميت اعليٰ سول ۽ فوجي عملدارن شرڪت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيه جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تاريخ ۽ مضبوط بنيادن تي قائم آهن ۽ ٻئي ملڪ گهري ويجهي تاريخي ۽ مذهبي رشتن ۾ ڳنڍيل آهن، اسان جو ورثو ۽ تهذيب گڏيل آهي، مختلف علائقائي ۽ عالمي معاملن تي ٻنهي ملڪن جا خيال هڪ جهڙا آهن. پاڪستان قائم ٿيڻ وقت پاڪستان جي عوام تحريڪ خلافت جي ڀرپور حمايت ڪئي. پي اين ايس طارق جي لانچنگ تي سمورن لاڳاپيل ماڻهن مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هي چوٿون سامونڊي جهاز آهي، جيڪو پاڪستان ۽ ترڪيه گڏجي تيار ڪيو آهي. 2010ع ۾ پاڪستان ۾ جڏهن شديد ٻوڏ آئي ته ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان پاڪستان جو دورو ڪيو. هتي رجب طيب اردوان اسپتال ۽ سندس گهرواريءَ جي نالي تي اسڪول تعمير ڪيا ويا. زلزلي ۽ ٻين قدرتي آفتن ۾ ترڪيه پنهنجي پاڪستاني ڀائرن جي ڀرپور مدد ڪئي. ٻئي ملڪ هڪ ٻئي جي ڏک درد ۾ شريڪ آهن. پاڪستان ۽ ترڪيه جي دوستي ۽ ڀائيچارو مثالي آهي. پاڪستان ۽ ترڪيه ملجم ڪلاس ڪارويٽ منصوبو ٻنهي ملڪن جي ويجهي لاڳاپن جو اعليٰ مثال آهي. هي منصوبو به ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. ٻنهي ملڪن جي خوشحالي جو سفر اهڙي طرح جاري رهندو. وزيراعظم چيو ته ڪراچي پورٽ ۽ گوادر پورٽ کي پاڻ ۾ ڳنڍڻ جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. سي پيڪ ان سلسلي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، جنهن جي ٻئي مرحلي ۾ اسان داخل ٿي رهيا آهيون. جنهن تحت گرين ڪوريڊور، بزنس ڪوريڊور، اڪنامڪ زون ڪوريڊور ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي ڪوريڊور زون ٺاهيا ويندا. اسان صدر طيب اردوان سان به ان تي ڳالهه ڪري چڪا آهيون ۽ ان دعوت جي تجديد ڪريون ٿا ته ترڪيه به گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي ان منصوبي ۾ شامل ٿئي. گوادر کي اسان کي هڪ اهم واپاري مرڪز بڻائڻو آهي. سي پيڪ هڪ گيم چينجر منصوبو آهي، جنهن تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. وزيراعظم چيو ته وقت جي گهرج آهي ته پاڪستان ترڪيه اسٽريٽجڪ تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏين. ملڪ جي عوام ۽ سمورين لاڳاپيل ڌرين پاران ان منصوبي کي ڪامياب بڻائيندڙن جي ڪوششن کي ساراهيون ٿا ۽ تاريخ ان محنت کي سدائين ياد رکندي. اسان جي زميني، سامونڊي ۽ فضائي سرحدن کي محفوظ بڻائڻ ۾ ڪارڪنن ۽ ماهرن جي ڪوششن کي سدائين ياد رکيو ويندو ۽ ان کي سنهري لفظن ۾ لکيو ويندو. وزيراعظم چيو ته خطي ۾ پنهنجي بالادستي قائم رکندڙن جي ڪوششن کي ناڪام بڻائڻ جي لاءِ پاڪ بحريه جي صلاحيت کي وڌيڪ وڌايو ويندو. وزيراعظم چيو ته حڪومت پاڪ بحريه جي دفاعي ضرورتن کي پورو ڪرڻ جي لاءِ سمورا قدم کڻندي. وزيراعظم ملجم ڪلاس ڪارويٽ جي تياري ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن ۽ ماهرن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپين جو اعلان ڪيو ۽ چيو ته اسان کي گذريل هڪ سال ۾ شديد مالي چئلينجز درپيش رهيا آهن ۽ ان جو سڀ کان وڌيڪ بار ملڪ جي عوام تي پيو آهي. ٻاهرئين ٻاڙائي، تيل جي درآمد، مهانگائي ۽ شين جي قيمتن ۾ اضافو ان جو بنيادي سبب آهي پر هن منصوبي ۾ حصو وٺندڙ ڪارڪنن ۽ ماهرن جي ڪوششن کي تسليم ڪندي ۽ انهن جو حوصلو وڌائڻ جي لاءِ مالي مشڪلاتن جي باوجود انهن جي لاءِ 20 ڪروڙ رپين جو تحفو آندو آهي. توهان پاڪستان جا عظيم معمار آهيو. مون کي يقين آهي ته اهي 20 ڪروڙ رپيا منصفاڻي طريقي سان هن منصوبي جي ڪارڪنن ۽ ماهرن ۾ ورهايا ويندا. هن چيو ته ڪجهه شدت پسند عنصر خطي کي غير مستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، جڏهن ته خطي ۾ امن لاءِ پاڪ بحريه ڀرپور ڪوششون ڪري رهي آهي. تقريب کي خطاب ڪندي پاڪ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ هر مشڪل ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي ۽ ترڪيه جي عوام پاڪستان کي کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿي. ترڪيه ۾ زلزلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت ترڪيه جي عوام سان ڀرپور يڪجهتي جو اظهار ڪيو. اسان جا لاڳاپا هر ڏينهن مضبوط ٿي رهيا آهن ۽ دفاعي شعبو ان ويزن جو هڪ اهم حصو آهي. پاڪستان جي جاگرافيائي بيهڪ ايشيا ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. تقريب جي پڄاڻي تي پاڪ بحريه جي سربراهه ايڊمرل محمد امجد خان نيازي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيه جي نائب صدر جودت يلماز کي جنگي سامونڊي جهاز پي اين ايس طارق جو ماڊل پيش ڪيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button