آئيني ۽ قانوني طور نگران سيٽ اپ لاءِ وقت مقرر آهي. ان حوالي سان پهرين مرحلي ۾ صلاح مشورا ڪرڻا آهن، جيڪڏهن معاملو طئي نه ٿئي يا وزير اعظم ۽ مخالف ڌر ۾ اتفاق نه ٿئي يا ٻئي الڳ الڳ مائينڊ سائيٽ وارا هجن ته آخري فيصلو اليڪشن ڪميشن کي ڪرڻو هوندو آهي. جيڪڏهن وقت تي اسيمبليون ٽوڙيون وڃن ته 60 ڏينهن اندر ۽ جيڪڏهن اسيمبلي وقت کان هڪ اڌ ڏينهن پهريان ٽوڙيون وڃن ته نگران سيٽ اپ 90 ڏينهن تائين هوندو. هن ڀيري وزير اعظم ۽ مخالف ڌر جو اڳواڻ ته هڪ پيج تي نظر اچن ٿا، پر صدر عارف علوي Anti-thesis آهي. انڪري وزير اعظم اتحادين سان مشوري بعد مقرر مدي کان پهريان اسيمبليون ٽوڙڻ جو مشورو ڏيندو، ته جيئن چونڊون 90 ڏينهن اندر ٿين.
نيون چونڊون ڪرائڻيون ته نگران وزير اعظم کي آهن، پر پنجاب ۽ ڪي پي ڪي جي تجربي کانپوءِ ثابت ٿيو ته نگران سيٽ کي ڪيئن گهر موڪلي سگهجي ٿو، اهو طئي ٿيل ناهي، انڪري ٻنهي صوبن ۾ اسٽيٽس ڪو برقرار آهي. هن ڀيري هي ڳالهيون به Talk of Town آهن ته ممڪن آهي ته وفاق ۾ به نگران سيٽ اپ نوي ڏينهن کان وڌيڪ عرصي تائين قائم رهي، ان حوالي سان ڪيتريون ئي ڳالهيون سامهون اچن پيون، هن ڀيري وفاقي حڪومت ۾ شامل اتحادين مان هڪ اڌ جو خيال آهي ته چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ڪرايون وڃن، جڏهن ته پراڻي آدمشماري تحت تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن. نئين آدمشماري جو مرحلو مڪمل ناهي، جيڪڏهن ان آپشن کي آزمايو ويو ته چونڊون پنجن کان ڇهن تائين ملتوي ٿي سگهن ٿيون. ڪي چون ٿا ته هڪ سال تائين چونڊون ملتوي ڪرڻ جي آپشن تي ويچاريو پيو وڃي.
نئين ڊجيٽل آدمشماري جي انگن اکرن مطابق نيون چونڊن واري سوچ پٺيان رڳو ايم ڪيو ايم ناهي، پر هاڻ ن ليگ به ان جي حامي نظر اچي ٿي، ڪجهه ڏينهن پهريان وزير اعظم به هي چئي ڪري شڪ ۽ شبها وڌائي ڇڏيا ته ايندڙ چونڊون نئين آدمشماري جي بنياد تي ٿيڻ گهرجن. ان حوالي سان فيصلو ته گڏيل مفادن جي ڪائونسل ۾ ٿي ويندو. پر اهڙي فرمائشي پروگرام ۾ ڪجهه ٻيا فيڪٽرز به ملوث نظر اچن ٿا. هي به چيو پيو وڃي ته اسٽيبلشمنٽ جي خواهش آهي ته چونڊون هڪ سال لاءِ ملتوي ٿين. ان سان گڏ ن ليگ ۾ ڪيترائي اڳواڻ ساڳي سوچ کي اڳتي وڌائين ٿا. جيڪڏهن چونڊون نئين آدمشماري جي انگن اکرن مطابق ڪرائڻ تي اتفاق ٿي ويو يا اڪثريتي عهديدارن ان جي حق ۾ ووٽ ڏنو ته ممڪن آهي ته اسٽيبلشمنٽ ۽ ن ليگ جي خواهش پوري ٿي وڃي.
ن ليگ جي مختلف حلقن پهريان اسحاق ڊار کي نگران وزير بنائڻ جو فارمولو ميڊيا ۾ ڇڏيو، ان تي رد عمل بلڪل مخالفت ۾ آيو، ان کانپوءِ ن ليگ ان فارمولي کان بيڪ آئوٽ ڪري وئي. هاڻ وري ن ليگ چاهي ٿي ته نگران وزير اعظم انهن جي پارٽي جو ئي هجڻ گهرجي. اهڙي فرمائش مان به سمجهي سگهجي ٿو ته ن ليگ سمجهي ٿي ته اسٽيبلشمنٽ نگران سيٽ اپ جو مدو وڌرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿي ته اتي سندن ئي ماڻهو هجڻ گهرجي. نگران وزير اعظم ته ن ليگ جي قيادت جي ڊڪشن قبول نه ڪندو، انڪري اهڙو شخص هجي، جيڪو سندن چئي آکئي ۾ هجي. هن ڀيري پي ڊي ايم ۾ شامل پارٽين ۽ حڪومتي اتحادين جو پهريون اجلاس وزير اعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ ٿيو ته ان ۾ نگران وزير اعظم لاءِ جيڪي نالا سامهون آندا، انهن مان ٻه ن ليگ جا يا انهن جا حامي آهن. اجلاس ۾ هڪ طرف ن ليگ جي اڳوڻي وزير اعظم شاهد خاقان عباسي جو نالو ورتو ويو، جنهن جو والد به فوج ۾ رهيو آهي، جنرل ضياءَ جي ڏينهن ۾ اوجهڙي ڪيمپ سانحي ۾ ماريو ويو هو. هن پهريان ن ليگ جي وزير اعظم طور فرض به نڀايا، ان دوران شريفن ۽ يا ان جي ويجهن ماڻهن جي کيس گهڻي حمايت حاصل نه هئي، ڇاڪاڻ ته هن جو ن ليگ اندر ڪو به گروپ نه هو. پوءِ اسٽيبلشمنٽ هن جي ڪارڪردگي جي واکاڻ ڪئي. جنرل باجوا جن چئن پنجن ن ليگي اڳواڻن جي واکاڻ ڪئي هئي، انهن ۾ شاهد خاقان عباسي، احسن اقبال ۽ خرم دستگير سرفهرست هئا. خرم دستگير به رٽائرڊ ميجر آهي، باقي احسن اقبال جو مڪتب منصورا رهيو آهي. پر هن کي سياسي حلقن ۾ صاف ۽ شفاف شخص سمجهيو وڃي ٿو.
هن ڀيري جيڪي چار نالا ورتا ويا، انهن ۾ شاهد خاقان عباسي کي رد نٿو ڪري سگهجي، ڇاڪاڻ ته هو هينئر ن ليگ کان ناراض آهي، هن جو آسرو اسٽيبلشمنٽ ئي آهي، پر ن ليگ کي به يقين آهي ته هو انهن کان پري نه ويندو. انڪري هو چاهين ٿا ته سندن پارٽي جو اڳواڻ نگران وزير اعظم ٿئي ته کين فائدو ٿيندو. ان سان گڏ جيڪڏهن هڪ سال يا ان کان وڌيڪ عرصي تائين نگران سيٽ اپ هليو وڃي ته ن ليگ کي پريشاني نه هوندي. ن ليگ جو ٻيو نالو فواد حسن فواد جو آهي، جيڪو صاف رٽائرڊ ڪامورو سمجهيو وڃي ٿو، پر هن کي ن ليگ جي ڪري ڊگهي قيد ۾ رهڻو پيو، انڪري ن ليگ چاهي ٿي ته هن کي انعام ڏنو وڃي. پر اتحادين جي هي سوچ آهي، جنهن جي ن ليگ به حمايت ڪري چڪي آهي ته هن ڀيري نگران وزير اعظم ڪو سياستدان ئي ٿيڻ گهرجي. هنن ڪنهن معاشي ماهر يا ٽيڪنوڪريٽ کي رد ڪري ڇڏيو هو. پر واڳ ڌڻي چاهين ٿا ته ٽيڪنوڪريٽ نگران وزير اعظم هجي. ان لاءِ واڳ ڌڻين جو انتهائي ويجهو شخص عبدالحفيظ شيخ آهي. پيپلز پارٽي به چاهي ٿي ته حفيظ شيخ نگران وزير اعظم ٿئي، واڳ ڌڻي به ان جي نالي تي اتفاق ڪن ٿا. ڪي ته چون ٿا ته حفيظ شيخ اميدوار ئي اسٽيبلشمنٽ جو آهي. هينئر چوٿون نالو بلوچستان سان واسطو رکندڙ اسلم ڀوتاڻي جو آهي. هي به اسٽيبلشمنٽ جو پسنديدا اميدوار آهي، پر هن جي گهڻي ويجهڙائپ آصف زرداري سان به آهي. انڪري هو ٻنهي ڌرين لاءِ قبوليت جوڳو هوندو.
نئين نگران سيٽ اپ لاءِ جيڪڏهن ڪي سگهارا اميدوار ٿي سگهن ٿا ته اهي شاهد خاقان عباسي ۽ عبدالحفيظ شيخ ئي هوندا. ان حوالي سان اسٽيبلشمنٽ کي به ٽاس ڪرڻي پوندي، پوءِ ڏسجي ته ڪڻو ڪنهنجو نڪري ٿو. هن ملڪ ۾ نگران سيٽ اپ کي چڱي نظر سان نه پيو ڏٺو وڃي. عمران خان جي ڏينهن ۾ اسٽيبلشمنٽ کي جيڪو اسپيس مليو اهو ته تمام گهڻو هو، پر موجوده حڪمرانن به حق حڪمراني جي طاقت کي وڃايو آهي، انهن جي ڪمزورين سبب واڳ ڌڻي مڪمل طور تي رياستي مشينري تي قابض آهن، انڪري ملڪ جي قسمت جا اڪثر فيصلا سياسي قيادت بدران واڳ ڌڻي ئي ڪن ٿا. جيڪڏهن سياسي قيادت، اسٽيبلشمنٽ جي پڇ لٽڪائو رهي ته اها سويلين اٿارٽي مڪمل طور تي هٿان وڃائي ويهندي. ان جي قيمت عام ماڻهوءَ کي ئي ادا ڪرڻي پوندي، ڇاڪاڻ ته انهن جي قسمت جا فيصلا عالمي مالياتي ادارا ڪندا يا وري اسٽيبلشمنٽ!