ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پورهيت تحريڪ جي اهميت ۽ ضرورت

طبقاتي سماج جنهن به رياست جي اندر آهي ڀلي اها رياست ڪيتري به ترقي يافته هجي يا غير ترقي يافته، ڪيتري به جمهوري هجي يا غير جمهوري پر انهيءَ سماج ۾ استحصال ان جي فطرت جو لازمي ۽ اڻٽر اصول ٿئي ٿو. اهو استحصال قائم رهڻ سان ئي طبقاتي سماج پنهنجو وجود برقرار رکي سگھي ٿو. ها البته فرق هي آهي ته ترقي يافته معاشرن جي اندر سماجي سڌارا يعني ريفارمز گھڻي ڀاڱي مضبوط ۽ ترقي يافته هوندا آهن ۽ انهن ريفارمز جي اندر يا انهن جي عمل ۾ ڪرپشن جي بيهودگي گھٽ کان گھٽ يعني نه هجڻ جي برابر هوندي آهي پر محنت جو استحصال يعني شين جي پيداوار ۽ کپت ۾ پورهئي جو معاوضو اهو پورهيت کي ناهي ڏنو ويندو جيڪو ان جو حق بڻجي ٿو.
معاشرتي زندگي جيڪڏهن بدحالي کان مٿي بهتر آهي ته انهيءَ جو مطلب هرگز هي ناهي ته پورهيت جو استحصال نٿو ٿئي ڇو ته جيڪڏهن استحصال نه ٿئي ته سرمائيدار ۽ دولتي طبقو پنهنجي سرمائي ۽ دولت ۾ ڪڏهن به واڌارو نٿو ڪري سگھي ۽ انهيءَ جي نتيجي ۾ هن جو وجود ڊهي پوندو ۽ هو ختم ٿي پوندو. ڪارل مارڪس جو معاشي تجزيو ان ئي نقطي جي گرد بيٺل آهي يعني قدرِ زائد ئي منافعي جو بنياد آهي ۽ اهوئي منافعو سرمائي جو بنياد آهي. پر ٽين دنيا جي ملڪن خاص طور تي اسان جهڙن ملڪن جي اندر جتي رياستي طاقت تي قابض قوتون مختلف گروهن ۾ گڏيل طريقي سان ڦرلٽ ۾ رڌل هجن اتي انهن جي ڦرلٽ ۽ هڪٻئي کي رعايت ڏيڻ جو عمل يعني مختلف مدن ۾ سبسڊيون ۽ ڪرپشن جا انبار ايترا لڳل هوندا آهن جو رياست جا ادارا پنهنجو قانوني
(اهو قانون جيڪو رياست جي لاءِ جوڙيو ويو آهي) فرض ادا ڪرڻ ۾ هڪ دانستا لاپرواهي ڪندي نظر ايندا جنهن جي نتيجي ۾ رياست جي اندر معاشري جي پوري ابتري ۽ جھرندڙ صورتحال ڏينهن ڏينهن وڌندي نظر ايندي آهي پر هي ٺيڪ طرح سان اسان کي ذهن ۾ ويهارڻ گھرجي ته ان جو سماجي ۽ معاشي بار ۽ وڌ کان وڌ ان جي قيمت پورهيت طبقي کي ئي ادا ڪرڻي ٿي پوي.
معاشرو جيترو بدحال هوندو استحصال ۽ محنت جي ڦرلٽ اوتري وڌيڪ ۽ بدترين نظر ايندي اسان جي رياست جي اندر مني صدي کان اهائي صورتحال موجود آهي ۽ ڏينهن ڏينهن ان بدحالي ۾ اضافو ٿيندي نظر پيو اچي ۽ ان جو وڌ کان وڌ عذاب پورهيت طبقي جي ماڻهن جي مٿان پئي ٿو مثال هاري جو حال ايترو خراب آهي جو جنهن زمين تي هو هارپي ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي خاندان سان رهي ٿو اهو زميندار ۽ جاگيردار ان جي پورهئي جي لٽ مار ٻج ڀاڻ کان وٺي گاھه تائين ڪري ٿو انهيءَ کي ڪنهن به قسم جي ڪا سهولت موجود ناهي هو کائن جڳهن ۾ ۽ ڪچن گھرن ۾ غلامن کان به بد زندگي ٿو گذاري جو موسمي تڪليفون اهڙن گھرن ناقابل برداشت حد تائين هجن ٿيون ڪا به حڪومت هارين جي رجسٽريشن ڪرڻ جي لاءِ تيار ته ناهي پر سوچڻ به گناھه برابر سمجھي ٿي.
مارڪيٽ ۾ فصل جي لهڻ کان پوءِ واپارين جون من مانيون ۽ بدمعاش گيريون هاري جي استحصال کي ٻيڻو ٿيون ڪري ڇڏين اهڙي طرح سان پورهيت طبقو جيڪو ڪارخانن ۾ ڪم ٿو ڪري انهن جي رهائش جون ڪالونيون رڳو نالي ماتر آهن ڪنهن کي به ميڊيڪل جي سهولت ناهي ڪارخانن ۾ پورهيتن جي رجسٽريشن نالي ماتر آهي سرڪار جي پاران قائم ادارا سوشل ويلفير ۽ ٻيا سڀ جو سڀ ڪرپشن جي ڌنڌي ۾ رڌل نظر ايندا مختصر هي ته پاڻ کي جيڪو ڪجھه نظر اچي ٿو هتان جي بربادي جو منظر انهيءَ جي پوري ڀوڳنا ۽ عذاب پورهيتن کي ئي ڀوڳڻي ٿي پئي تنهن ڪري ضرورت ان شيءَ جي آهي ته پورهيت طبقي جي سياست ڪندڙ تمام جماعتن کي پورهيتن جي تحريڪن کي آرگنائيز ڪرڻ جي لاءِ تمام گھڻي بردباري ۽ سنجيدگي سان تمام وڏي محنت آرگنائيز ڪرڻ گھرجي انهيءَ جا ٻه فائدا آهن پهريون ته پورهيت طبقو تحريڪن جي ذريعي پنهنجا جائز ۽ قانوني حد يعني خود هن سماج ۽ رياست جي اندر خود جيڪي کيس مليل آهن اهي حاصل ڪري سگھي ۽ ٻيو پورهيت طبقو تحريڪن جي ذريعي ئي سياسي شعور ۾ اضافو ڪندو هو تحريڪن سان عملي سياست ڪندو ۽ جيترو هو سياست ۽ عمل ۾ اڳتي وڌندو ته هي غليظ ۽ ٺڳي جي سياست جيڪا مختلف تضادن ۽ ٽڪرائن جي اڀار ۾ کين استعمال ڪري پنهنجا مقصد ماڻي ٿي انهي ۾ هو ناڪام ٿيندا ۽ پورهيت سياست جي قدم به قدم اڳتي وڌڻ سان انقلابي هراول دستي جو ڪردار ادا ڪندي پنهنجي نجات جي طرف وڌندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button