ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو

جڏهن عمران خان نيازي ملڪ جو وزير اعظم ٿيو هو ته قومي اسيمبليءَ ۾ تقرير ڪندي بلاول ڀٽي زرداري چيو هو ته عمران خان کي وزير اعظم طور سلڪيٽ ٿيڻ تي مبارڪباد ڏيون ٿا. ان کان پوءِ اهو لفظ اڃا تائين عمران خان نيازيءَ جو پيڇو ڪري رهيو آهي. هو جيترو وقت به اقتدار ۾ هو، کيس سليڪٽڊ جو طعنو ملندو رهيو ۽ کيس اهو چيو ويو ته هو اسٽيبلشمينٽ جو لاڏلو آهي ۽ اهو اسٽيبلشمينٽ ثابت به ڪري ڏيکاريو. جيڪڏهن هو لاڏلو نه هجي ها ته هن لاءِ وزير اعظم ٿيڻ ممڪن ڪونه هو. پر هاڻ جڏهن هو اقتدار ۾ ڪونه رهيو آهي ته اسٽيبشلمينٽ جو هڪ ٻيو ماڻهو وزير اعظم ٿي چڪو آهي.
تازو وزير اعظم شهباز شريف چيو آهي ته کيس اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو هجڻ سان ڪو فرق نٿو پوي. ذاتي مفادن لاءِ سپهه سالارن سان ملاقاتون ڪونه ڪيون آهن، مقصد رڳو ملڪ کي اڳتي وٺي وڃڻ آهي. جيئن ڪالهه عمران خان نيازي اسٽيبلشمينٽ جي ساراهه جا ڍڪ ڀريندو هو، اڄ ساڳيو رويو شهباز شريف جو آهي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ اڃا تائين اسٽيبلشمينٽ زور آهي، اها ڪمزور ڪونه ٿي آهي ۽ نه ئي ان جا ويجهڙ ۾ ڪي امڪان نظر اچي رهيا آهن.
ملڪ جي سڀني سياسي پارٽين جي ڪمزوري اها رهي آهي ته اهي پنهنجي ٻل تي سياسي ويڙهه وڙهڻ بدران اسٽيبلشمينٽ جو سهارو وٺي ويڙهه ڪرڻ چاهينديون آهن، جڏهن ته کين پنهنجي طاقت جو اندازو ئي ڪونهي ته جيڪڏهن اهي سياسي ويڙهه پنهنجي ست موجب وڙهن ته گهڻو ڪجهه ماڻي سگهن ٿيون، پر هتي صورتحال ابتڙ آهي، جيڪا پارٽي اسٽيبلشمينٽ جي ويجهو هوندي ۽ ان جي ڏسيل واٽ وٺي هلندي، سا نه رڳو اقتدار ۾ هوندي پر اها ڀرپور نموني مزا به ماڻي سگهي ٿي.
جڏهن نواز ليگ جو موقف اسٽيبلشمينٽ خلاف هو ته اها ماڻهن جون همدرديون ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي هئي، ان نه رڳو پنجاب ۾ ضمني چونڊن ۾ ڪاميابي پئي ماڻي پر ان وقت جي پي ٽي آءِ حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪري ڇڏيا هئا ۽ پنجاب جو ماڻهو پي ٽي آءِ مان بيزاريءَ جو اظهار ڪري رهيو هو پر هاڻ جڏهن نواز ليگ اقتدار ۾ آهي ته اسٽيبلشمينٽ مخالف موقف عمران خان نيازيءَ جو آهي، جنهنڪري هن کي عوام جي وڏي حمايت حاصل آهي. هو پنهنجي نظريي ۾ غلط آهي، هڪ انتهاپسند آهي ۽ مذهب کي سياست ۾ استعمال ڪري رهيو آهي پر عوام هن سان بيٺل نظر اچي رهيو آهي. عوام انهن سڀني ڳالهين کي ڇڏي اهو سمجهي ٿو ته هو اسٽيبلشمينٽ خلاف بيٺل آهي ۽ هن سان ناانصافي ٿي آهي. ڪالهه جڏهن نواز شريف کي نا اهل ڪرائڻ لاءِ جيڪي ڪجهه ٿي رهيو هو، اهو به غلط هو پر ان کي عمران خان نيازي جائز قرار ڏنو هو. هو به ان ڏوهه ۾ برابر جو شريڪ آهي، جيڪو اسٽيبلشمينٽ ۽ ان وقت جي چيف جسٽس ثاقب نثار ڪيو هو. ڇاڪاڻ ته اهو سڄو ڊرامو عمران خان نيازيءَ کي اقتدار ۾ آڻڻ لاءِ ڪيو ويو هو. پر ڪنهن به ماڻهوءَ جا ڏينهن ڪڏهن به ڦري سگهن ٿا، تنهنڪري عمران خان نيازيءَ تي هن وقت ڏکيو وقت آهي، ڇاڪاڻ ته اهو سندس ڪيل سياسي غلطين جي ڪري آيو آهي.
ان هوندي جيڪڏهن شهباز شريف اڄ پنهنجو پاڻ کي اسٽيبلشمينٽ جو ماڻهو چئي فخر محسوس ڪري رهيو آهي ته پوءِ عمران خان نيازي غلط ڪونه هو، ڇاڪاڻ ته اها سڄي دنيا کي خبر هئي ته هن کي ڪنهن اقتدار ۾ آندو هو ۽ ڪنهن سندس وک وک تي مدد ڪئي هئي. ان ڪري هو به ايترو ئي ڪمزور هو جيترو هن وقت شهباز شريف آهي. جيڪڏهن ڪير سمجهي ٿو ته هن سڄي سياسي بحران دوران اسٽيبلشمينٽ ڪمزور ٿي آهي ته اها ان جي ڀل آهي، ڇاڪاڻ ته اها ڪٿي به ڪمزور ٿيندي نظر ڪونه پئي اچي، اها پنهنجي مرضي موجب ڪم کي جاري رکندي پئي اچي ۽ ڪالهه ان جا سياسي مهرا ڪي ٻيا هئا، اڄ ٻيا آهن. اسٽيبلشمينٽ پنهنجي رٿا موجب ڪم ڪري رهي آهي ۽ سياسي پارٽيون ڪهڙي ريت ڪمزور ٿي رهيون آهن، ان جو اندازو شايد کين ڪونهي.
پي ٽي آءِ جهڙي ريت ٽٽي ٽڪرا ٿي چڪي آهي ۽ نا اهلي جي تلوار عمران خان نيازي مٿان لڙڪي رهي آهي، ان کان پوءِ امڪان اهي آهن ته چونڊون ٿيڻ جي نتيجي ۾ پي ٽِي آءِ کٽي به اچي ٿي ته کيس اقتدار ڪونه ڏنو ويندو، ڇاڪاڻ ته هن وقت اسٽيبلشمينٽ عمران خان نيازيءَ کي پنهنجي ماڻهو طور قبولڻ لاءِ تيار ڪونهي. سو اسٽيبلشمينٽ کي في الحال لهر نه ڪو لوڏو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button