ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

سهولتن کان وانجهيل جاتي اسپتال

صحت جي سهولت هر سطح تي ملڻ ڪنهن به شهريءَ جو حق آهي. جيڪڏهن اها سهولت ڪٿي نٿي ملي ته ان جي ذميواري اتان جي انتظاميه ۽ صحت کاتي تي لاڳو ٿئي ٿي، ڇاڪاڻ ته ملڪ ۾ عام ماڻهوءَ لاءِ علاج ايترو ته مهانگو ٿي چڪو آهي جو اهو دوائن جو خرچ به ڪونه ٿو ڀري سگهي ۽ ويجهڙ ۾ حڪومت دوائن جا اگهه ايترا وڌائي ڇڏيا آهن جو اهي مريضن جي خريدڻ کان چڙهي ويون آهن. ان صورتحال ۾ جيڪڏهن ضلعي يا تعلقي سطح تي ڪا اسپتال غيرفعال هجي ته پوءِ اهو ڄاڻي سگهجي ٿو ته اتان جي عوام جي ڪهڙي حالت هوندي ۽ اسپتال ۾ پهچڻ کان پوءِ جڏهن ان کي نه ڊاڪٽر ملي نه دوا ملي ته اهڙي حالت ۾ اهو صحتياب ڪيئن ٿي سگهندو. ڪجهه وقت کان جاتي اسپتال جي حالت به اهڙي آهي. جتي نه رڳو عملي جي کوٽ آهي پر مريضن کي ملندڙ سهولتون به نالي ماتر آهن يا بنهه اڻلڀ آهن.
سجاول ضلعي ۾ ساحلي ڪناري آباد تعلقي جاتيءَ جي سرڪاري اسپتال جي عمارت زبون ۽ انتظامي حوالي سان تباهي ڪناري تي پهچي وئي آهي، اسپتال ۾ 35 سرجنز ۽ ڊاڪٽرن جون جايون خالي پيل آھن پر ھن وقت تعلقي اسپتال ۾ فقط 2 ڊاڪٽر ڊيوٽي ڏئي رهيا آهن، جن مان ھڪ ڊاڪٽر صحت کاتي جو ۽ ھڪ اين جي اوز طرفان رکيل آھي. تعلقي اسپتال ۾ صبح واري شفٽ ۾ ڊاڪٽر موجود ھوندو آھي، جڏھن ته شام ۽ رات واري شفٽ کي ڊسپينسر ۽ پٽيوالا ھلائين ٿا. جاتي جي سياسي سماجي اڳواڻن اشرف ٿهيم، جي ايم کٽي، علي ملاح ۽ ٻين جو چوڻ آهي ته تعلقي اسپتال ۾ صبح واري شفٽ دوران مريضن کي ادو گابريون دوائون ڏنيون وڃن ٿيون، باقي شام ۽ رات واري شفٽ ۾ خانگي اسٽورن جون پرچيون لکي ڏيندا آهن. اسپتال ۾ مريضن لا ليبر روم، ايڪسري، الٽراسائونڊ ۽ رت چڪاس جون سھولتون ميسر ناھن. شهرين چيو ته صحت کاتي جي اعليٰ عملدارن جي بي ڌياني سبب تعلقي اسپتال جاتي تباھي ڪناري پھتل آھي. ڊاڪٽر ۽ دوائون اڻلڀ آھن، اسپتال ۾ فقط 2 ڊاڪٽر ڏينھن رات ڊيوٽي ته نٿا ڪري سگھن. نئين آيل ڊي ايڇ او سجاول ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته تعلقي اسپتال جاتي ۾ ڊاڪٽرن ۽ دوائن جي کوٽ فوري طور پوري ڪري غريب عوام کي طبي سھولتون فراهم ڪيون وڃن. ان کان وڏي نا اهلي ٻي ڪهڙي هوندي ته اسپتال کي ڊسپينسر ۽ پٽيوالا هلائي رهيا آهن. جڏهن ته اهو انهن جو ڪم ناهي. اسپتال جي انتظامي معاملن کان وٺي مريضن کي دوا ڏيڻ لاءِ الڳ عملو مقرر هوندو آهي، پر جاتي اسپتال مان اهو عملو غائب لڳو پيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته جاتي اسپتال جي صورتحال بنهه گهڻي خراب آهي. تنهنڪري ان کي سڌارڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن اسپتال جي عملي جا ماڻهو گوسڙو آهن ته انهن خلاف ڪارروائي ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي، ڇاڪاڻ ته هي اتان جي شهرين جو معاملو آهي، انهن جي صحت جو معاملو آهي. صحت کاتي کي گهرجي ته اها ترت جاتي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي کوٽ کي پورو ڪري ۽ عملي کي ان ڳالهه جو پابند بڻائي ته اهي هر حال ۾ اسپتال کي بهتر بڻائيندا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button