سنڌ تاريخ جي جن به ڏکين ۽ پيچيدن مسئلن مان گذري پئي انهن سڀني کان وڌيڪ اهم آهي سنڌ ۾ امن امان جو مسئلو. وقت گذرڻ سان امن امان بهتر ٿيڻ جي بجاءِ هر روز بدتر ٿيندو ٿو وڃي اڳي ماڻهن کي ڦريو ويندو هو يا انهن جون چوريون ٿينديون هيون پر هاڻي ڏوهاري رهزنيت جون سڀ حدون پار ڪري عوام کي نه رڳو ڦرن ۽ لٽن ٿا پر هنن کي چيچلائي تشدد به ڪن ٿا.
اتر سنڌ جو حشر انتهائي خراب ٿي چڪو آهي جو هاڻي ڏينهن ڏٺي جو مشهور بازارن ۽ چونڪن چوراهن تان ڌاڙيل بي خوفي سان ڦر جون وارداتن سان گڏوگڏ اغوا براءِ تاوان جون ڪارروايون به ڪن ٿا انهن ۾ معصوم ٻارڙن سان گڏوگڏ عورتن کي به اغوا ڪيو ٿو وڃي پر سنڌ جي حڪمران ٽولن پوليس جي انتظامي مشينري سان گڏوگڏ پوري رياست جي مشينري ۽ ادارا تماشائي بڻيل نظر اچن ٿا ائين ٿو لڳي ڄڻ انهن جي لاءِ سنڌ جي عوام جو امن ڪا به معنيٰ نٿو رکي. امن انساني معاشري جي ضرورت ائين آهي جيئن زنده رهڻ جي لاءِ کاڌ خوراک، هوا ۽ پاڻي ائين ۽ اهڙي طرح امن جي اهميت جي ايتري اهم ۽ لازمي آهي اهوئي سبب آهي جو پورو انساني معاشري قديم کان قديم دورن ۾ رهندي جيڪا به جستجو ڪئي اها جستجو ان جي جياپي جي لاءِ جن صورتن ۾ به هئي پر انهن کي سڀ کان اهم اهميت پرُ امن معاشري جي ضرورت هئي.
قديم دور جا معاشره پنهنجي شروعاتي جوڙجڪ ۾ قبائلي هيا يا پنجائتي پر امن جي اهميت ان سماج جي اندر لازم هئي ۽ سزا جي شروعات به انساني سماج ۾ امن کي ٽوڙيندڙن جي لاءِ مقرر ٿي جيئن جيئن سماج ترقي ڪئي يعني قبائليت کان ۽ غلامي کان وڌندي جاگيرداريت ۽ بادشاهت ۾ داخل ٿيو، تڏهن به امن جي اهميت نه رڳو اوتري پر وڌندي رهي ۽ جڏهن انساني سماج پنهنجي ارتقا سفر ۾ رياست جي صورت اختيار ڪئي پوءِ ان رياست ۾ ڪهڙو به نظام هو ڀلي اهو آقا ۽ غلامن جو نظام هو يا جاگيردار ۽ هارپي جو نظام، انهيءَ کان وڌندي جڏهن رياست جمهوريت جي منزل تي پهتي ته انهن سڀني ارتقائي منزلن ۾ معيشت ۽ پيداوار جا جيڪي به رشتا چينج ٿيا رياست جي طبقاتي جبر جي ڪيفيت ڪهڙي به رهي پر انهن سڀني برن کان برن معاشرن ۾ به امن سڀني جي لاءِ اهم ۽ ضروري رهيو.
امن جي اها اهميت ۽ ضرورت معاشري جي هڪ لازم ۽ اڻٽر ضرورت جي بنيادن تي امن کي لازم سمجھندي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي هئي ۽ آهي ڇو ته جڏهن معاشري جي اندر امن امان نٿو رهي ته معاشري جو ڪو به سياسي نظام قائم رهي نٿو سگھي ۽ ڪا به معاشري جي ترقي پنهنجو ارتقائي سفر جاري نه رکي سگھندي. هن ملڪ ۾ ته اهوئي سوال معيشت ۽ سياست کان وڌيڪ اهميت اختيار ڪندو رهيو آهي ته ڪهڙي دور ۾ ڪهڙي حڪمران گروھه ۽ ليڊر امن قائم ڪرايو ۽ ڪنهن ماڻهن جي ان ضرورت کي نظر انداز ڪيو. خاص ڪري سنڌ جي اندر اها صورتحال رڳو بري ناهي پر بدتر ۽ بيهوده حد به ٽپي چڪي آهي آئي ڏينهن اسان کي اهي رپورٽون ملن ٿيون ته ڏوهاري پنهنجي وارداتن ۾ ڦرڻ، تشدد ڪرڻ بي گناهن کي قتل ڪرڻ جي ڏهڪاءَ کان وڌندي مغوين کي ريپ ڪرڻ، انهن جي ويڊيو وائرل ڪرڻ، مذهبي تضادن کي هوا ڏيڻ، بداخلاق ۽ بدڪردار ماڻهو هندو مسلم تضادن کي اڀاري نام نهاد پوائنٽ اسڪورنگ جي حرڪتن ۾ نظر ۾ ايندا پر سڀ کان وڌيڪ صورتحال اها خراب آهي جو ڏوهاري کلي عام بيانن ۽ پنهنجي ويڊيو ريڪارڊنگ ۾ رياست جي هڪ اهم اداري پوليس کي بيهوده طريقي سان تنقيد ڪندي نظر اچن پيا هاڻي پاڻ جيڪڏهن هي سوال ڪريون ته اهڙا ئي بيان ڌاڙيل جيڪڏهن رياست جي ڪنهن ٻئي اداري جي لاءِ ڪتب آڻين ها ته پوءِ انهن جو حشر ڪهڙو ڪيو وڃي ها انهيءَ جو جواب باآساني پاڻ کي سمجهھ ۾ اچي ٿو پر هي ڪڏهن به نه وسارڻ گھرجي ته رياست پنهنجي ادارن ۾ جن پيرن تي بيٺي آهي ان ۾ هڪ وڌيڪ ۽ طاقتور پير يا ٿوڻي يا ٿنبو پوليس جو آهي جي اهو پلر ڪمزور ۽ ناڪاره ٿيو يا ڪيو ويو جيڪو نظر اچي پيو هاڻي ته هي عوام ڪيتري به مصيبت برداشت ڪري ڀلي امن برباد ٿئي پر ان سان گڏوگڏ خود هي رياست به پنهنجو توازن برقرار نه رکي سگھندي.