ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نالي ماتر اسيمبليءَ جا پنج سال

ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پنهنجا پنج سال پورا ڪندڙ اسيمبلي بدترين اسيمبلي طور ياد رکي ويندي. 2018ع کان وٺي 2023ع تائين جيڪو ماحول قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾ نظر آيو يا جيڪا قانون سازي ڪئي وئي، اهڙي ڪنهن آمريتي دور ۾ به نه ٿي هوندي. آمريتن ۾ سدائين ڪو آمر ئي حتمي فيصلو ڪندو آهي پر انهن اسيمبلين جي قانون سازيءَ کي لڳي ٿو ته ڪو ڳالهائڻ وارو هو ۽ ائين هڪٻئي پويان بل پاس نه ڪيا ويندا هئا.
هاڻوڪي اسيمبلي نه رڳو اسٽيبلشمينٽ لاءِ ماحول بهتر ڪيو پر ان کيس وڌيڪ سگهارو پڻ ڪيو آهي، جڏهن ته جمهوريت ۽ جمهوري ادارن کي ڪمزور ڪرڻ ۾وسان ڪين گهٽايو آهي. سياسي پارٽيون جيڪڏهن جمهوريت جي حق ۾ قانون سازي نه ڪري سگهن ته ان جو مطلب اهو آهي ته اهي ڪنهن به ريت بهتر فيصلا ڪرڻ جي اهل ڪونه آهن. ان جو سبب ڀلي اسٽيبلشمينٽ جو دٻاءُ هجي يا وري ڪو ٻيو سبب هجي پر اسيمبليءَ ۾ هوندي، جيڪڏهن سياستدان رڳو اسٽيبلشمينٽ جي ونگار وهن جيئن عمران خان نيازي وهي رهيو هو ته پوءِ ان سان ڪو فرق نٿو پوي ته حڪومت پي ڊي ايم جي هجي يا پي ٽي آءِ جي هجي.
2018ع کان وٺي اهو طئي ڪيو ويو هو ته اسيمبليءَ کي نالي ماتر هلائڻو آهي ۽ سڀئي معاملا اها قوت هلائيندي، جنهن کي ملڪ ۾ نه جمهوري ماحول کپي نه ئي جمهوري ادارن جي مضبوطي ان کي وڻندي آهي. تنهنڪري گهڻو تڻو زور آرڊيننس پاس ڪرڻ تي ڏنو ويو ته جيئن ڪوبه ميمبر انهن بلن خلاف آواز نه اٿاري سگهي ۽ نه انهن تي ڪو بحث ٿي سگهي. تنهنڪري ان ڳالهه جا پري پري تائين امڪان ڪونه آهن ته ملڪ ۾ جمهوريت لاءِ ماحول بهتر ٿيندو ۽ ايندڙ نسل هتي جمهوري ادارن کي مضبوط ٿيندي ڏسي سگهندو. ڇاڪاڻ ته سياسي پارٽيون پنهنجي سڄي طاقت سريندر ڪري چڪيون آهن. ان حوالي سان ڪالهه پلڊاٽ جي هڪ رپورٽ ڇپي آهي، جيڪا پڙهڻ وٽان آهي.
پاڪستان انسٽيٽوٽ آف ليجسليٽو ڊيولپمينٽ اينڊ ٽرانسپيرنسي (پلڊاٽ) موجب قومي اسيمبلي ملڪ ۾ جمهوريت ايتري ئي ڪمزور ڇڏي، جيتري 25 جولاءِ 2018ع تي چونڊيل حڪومت ٿيڻ وقت هئي. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته 25هين قومي اسيمبليءَ جي ڪارڪردگيءَ جا تجزيا تڪراري بلن جهڙوڪر آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ترميمي بل جي تڪڙ ۾ منظور ڪرڻ کان سواءِ چيو ويو ته قومي اسيمبلي ۽ اسان جي چونڊيل نمائندن پنجن سالن جي حڪومتي دور ۾ جمهوريت کي مضبوط ڪرڻ بدران ڪمزور ڪيو آهي.
هن اسيمبلي پنهنجن پنجن سالن ۾ قانون سازيءَ جا ڪل 279 مسودا منظور ڪيا، جن ۾ جمهوريت ۽ انساني حقن جي آئيني اسيڪم جي بنيادي اصولن کي مجروح ڪرڻ واريون شقن کي تڪڙ ۾ منظور ڪيو ويو، جن ۾ هاڻوڪي قانون سازي به شامل آهي. 15 هين قومي اسيمبليءَ ۾ 14هين قومي اسيمبلي دوران منظور ڪيل 192 قانونن جي ڀيٽ ۾ 45 سيڪڙو واڌ نظر آئي.
هن اسيمبليءَ ۾ ٻه حڪومتون اقتدار ۾ رهيون. پهرين حڪومت 8 آگسٽ 2018ع کان 10 اپريل 2022ع تائين رهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان وزير اعظم هو، جڏهن ته ٻي پي ڊي ايم ۽ پيپلز پارٽي جي هئي جنهن ۾ شهباز شريف وزير اعظم هو. پي ٽي آءِ حڪومت قانون سازيءَ جي مقصد لاءِ آرڊيننس تي گهڻو ڀاڙيو، پنجن سالن ۾ قومي اسيمبلي پيش ڪيل 75 آرڊيننس مان فقط ٽي پي ڊي ايم جي اتحادي حڪومت لاڳو ڪيا، جڏهن ته 72 پي ٽي آءِ لاڳو ڪيا هئا.
پي ڊي ايم کي ان اميد سان ڏٺو پئي ويو ته اها عوام دشمن فيصلا ڪرڻ بدران عوام دوست فيصلا ڪري جمهوريت لاءِ ماحول بهتر ڪندي، ان نه رڳو عوام جي ڦٽن تي لوڻ ٻرڪيو پر جيڪي ڪجهه عمران خان نيازي عوام سان ڪري رهيو هو، ان کان به اها اڳتي نڪري وئي ۽ هاڻ صورتحال اها آهي جو ماڻهو پي ڊي ايم جي حڪومت ختم ٿيڻ تي شڪر ڪري رهيا آهن. هن اسيمبلي نه رڳو اسٽيبلشمينٽ جو تحفظ ڪيو پر ان کي سڀڪجهه پليٽ ۾ رکي ڏنو آهي. تنهنڪري ان ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته 13 پارٽيون به ان ساڳي رستي تي هلنديون رهيون، جنهن تي پي ٽي آءِ هلي رهي هئي. اهڙي ريت هڪ بدترين اسيمبليءَ جو دور پڄاڻيءَ تي پهتو، جيڪا جمهوريت ۽ سياست کي سگهارو ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪري سگهي. جنهن لاءِ ان کي اڳيان هلي ڀوڳڻو پوندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button