ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

هالا جون ليڊي هيلٿ ورڪر

سنڌ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مسئلا وڏي وقت کان جيئن جو تيئن هلندڙ آهن. مسئلن جي حل ۽ مطالبن جي مڃتا لاءِ مختلف شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ٿيندا رهندا آهن پر تنهن هوندي به انهن جا مطالبا هيستائين ٻڌا ڪونه ويا آهن. اهڙي صورتحال ۾ اهي ليڊي هيلٿ ورڪر نه رڳو پريشان رهندي پنهنجي ڊيوٽي ڪنديون آهن پر کين معاشي طور به ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پوندو آهي. سروس بوڪ نه ٺهڻ ۽ ان کان سواءِ پگهار جي مسئلي کان وٺي کين الائونس نه ملڻ جهڙا مسئلا پيش ايندا رهندا آهن. جڏهن ليڊي هيلٿ ورڪر مظاهرا ڪنديون آهن ته انهن تي لٺيون ۽ ڏنڊا وسايا ويندا آهن، نتيجي ۾ انهن جي حالت وڌيڪ خراب ٿي ويندي آهي. صحت کاتي ۽ حڪومت کان اهو سوال آهي ته ڇا ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مسئلا اهڙا آهن جو اهي حل نٿا ٿي سگهن، يا انهن جو حل نڪرڻ ڏکيو آهي. جيڪڏهن هڪ طبقو گذريل ڪجهه سالن کان احتجاج ڪري رهيو آهي ته ان جو مطلب اهو آهي ته ان جا مسئلا حل نه پيا ٿين يا ڪي رنڊڪون وڌيون پيون وڃن. ٻه ڏينهن اڳ هالا ۾ ليڊي هيلٿ ورڪرن احتجاج ڪيو آهي.
ھالا ۾ ليڊي ھيلٿ ورڪرن مطالبن جي مڃتا لاءِ قومي شاھراھه تي ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي ڪريما ڪاڪا، خالدہ اسلم، شاھين نظاماڻي، رخسانا ڪوري ۽ ٻين ھٿ ھٿن ۾ ڏئي روڊ بلاڪ ڪيو، جنهن سبب ٻنھي طرفن کان ايندڙ ويندڙ ٽريفڪ مڪمل طور معطل رهي ۽ گاڏين جون قطارون لڳي ويون. ليڊي هيلٿ ورڪرن چيو ته ڊي ايڇ او مٽياري ۽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر فرحين ليڊي هيلٿ ورڪرن خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي، ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مسئلا حل ڪرڻ بدران کين مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي. ھنن چيو ته گاڏين جي مرمت توڙي تيل جي مد ۾ ملندڙ لکين رپيا ڪوڙن ووچرن ذريعي ھڙپ ڪيا پيا وڃن جنھنڪري ليڊي هيلٿ ورڪر پنھنجي ھڙان وڙان خرچ ڪري ڊيوٽي ڏئي رهيون آهن. 2018ع کان وٺي اسان جا سروس بڪ نه ٺھي سگھيا آھن، ان لا ھر ليڊي ھيلٿ ورڪر کان 15 ھزار رپيا رشوت طلب ڪئي پئي وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته سندن مطالبا فوري طور حل ڪيا وڃن. ڌرڻي جي اطلاع تي اسسٽنٽ ڪمشنر ھالا ڊاڪٽر مظاھر علي ٻرڙو ۽ ايس ايڇ او ھالا حاجي ٺارو خان ڀٽي ليڊي هيلٿ ورڪرن سان ڳالھيون ڪري کين يقين ڏياريو ته سندن مسئلا فوري طور تي حل ڪيا ويندا جنھن بعد قومي شاھراھه تي لڳل ڌرڻو ختم ڪيو ويو.
اسين سمجهون ٿا ته جيڪڏهن ليڊي هيلٿ ورڪرن جا مطالبا جائز آهن ۽ انهن کي حل ڪرڻ ۾ ڪا رڪاوٽ ڪونهي ته پوءِ حل ڪرڻ ۾ دير نه ڪئي وڃي. ان حوالي سان انهن کان ڪا رشوت نه ورتي وڃي ۽ نه ئي ڪا شرط رکي وڃي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سنڌ ۾ جتي به ليڊي هيلٿ ورڪرن کي مسئلا پيش اچي رهيا آهن، انهن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي ڊيوٽي بهتر نموني ادا ڪري سگهن ۽ ان کان سواءِ معاشي طور به سگهاريون ٿي سگهن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button