هينئر توڙي جو ماضي واري صورتحال نه رهي آهي، ان جي باوجود ڪجهه ڊائنوسار آهن، جيڪي ماضي جيان سياسي طور Behave ڪرڻ گهرن ٿا. ڇا “پٿر جي دور” ڏانهن واپسي ٿي سگهي ٿي؟ ڇا اهي قوتون، جيڪي پاڻ کي عقل ڪُل سمجهن ٿيون، انهن جي سوچ تحت ملڪ اڳتي وڌندو؟ يا ماضي کي آخري سلام پيش ڪرڻ جو وقت ويجهو اچي رهيو آهي؟
اسان وٽ هڪ طرف ادارن جي وچ ۾ ۽ ٻئي طرف ادارا، خاص ڪري غير سياسي ادارا، سياستدانن جي پٺيان دشمني ۾ سموريون حدون پار ڪندا رهيا آهن. هينئر توڙي جو ادارن جي پوزيشن مختلف نوعيت جي آهي ۽ هڪ ادارو ته موجود ناهي، باقي جيڪي ٻه موجود آهن، انهن جي وچ ۾ پراڻو”ناني ويڙهو” پنهنجي منطقي انجام تي پهچي چڪو آهي. ختم ٿيل يا عارضي طور موڪل تي ويل ادارو پارليامينٽ آهي، جڏهن ته ٻه ادارا فنڪشنل آهن، جن ۾ اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليا شامل آهن. اسٽيبلشمنٽ ۽ عدليا جي ايجنڊا، پهريون ڀيرو هڪٻئي جي ابتڙ نظر اچي ٿي. جن قوتن کي اسٽيبلشمنٽ پسند نٿي ڪري، اعليٰ عدليا جو هڪ حصو انهن سان گڏ بيٺل آهي، سيپٽمبر جي وچ تائين هي کيل تماشو، ائين ئي جاري رهندو، ان کانپوءِ عدليا جي پوزيشن ممڪن آهي ته تبديل ٿيڻ شروع ٿي وڃي. هن ڀيري سياسي قوتون، جن ۾ اڪثريت اڳوڻن حڪمرانن جي آهي،اسٽيبلشمنٽ انهن جي ويجهو نظر اچي ٿي. ممڪن آهي ته ٻنهي جا الڳ الڳ مفاد هجن، پر انهن جي ويجهي اچڻ سان ئي اهي Serve ٿي سگهن ٿا. جيستائين نئين پارليامينٽ اچي، تيستائين، عدليا ان لاءِ ايترو بيگيج تيار ڪرڻ گهري ٿي، جنهن کي ٺڪاڻي لڳائڻ ۾ ڪافي وقت لڳي ويندو. هينئر عدليا، پهريون وار، پارليامينٽ جي منظور ڪيل قانون سازي جي هڪ ايڪٽ تي ڪيو آهي، ان سان ميان نواز شريف يا ٻين سياستدانن کي گهڻو نقصان نه ٿيندو، پر هي ٽيلر آهي، جيڪو ڏيکاريو ته ويو آهي، پر ضروري ناهي ته پوري فلم ڏيکارڻ جو وقت هجي، ان سان گڏ واڳ ڌڻين جو دٻاءَ اڃان ظاهر نه ٿيو آهي، پر اهو اشارن ئي اشارن ۾ سامهون اچڻو آهي. هي به ڏسڻو آهي ته عدليا ۾ ڪيترو دم آهي؟ اها اسٽيبلشمنٽ سان ڪيئن ٽڪر کائي سگهي ٿي. عدليا جو اهو حصو، جيڪو سندرا ٻڌي بيٺو آهي، ان وٽ وقت تمام گهٽ آهي، انڪري اها پارليامينٽ جي گهڻن فيصلن کي اڏائي نٿي سگهي، پر اها ڪوشش ضرور ڪندي.
هينئر عدليا پارليامينٽ جي هڪڙي” ريويو آف آرڊرز اينڊ ججمنٽس ايڪٽ” کي ڪالعدم قرار ڏنو آهي، پر نواز شريف يا ڪنهن ٻئي سياستدانن کي عام چونڊن ۾ حصي وٺڻ کان هي فيصلو روڪي نٿو سگهي. ان حوالي سان اليڪشن ايڪٽ 2017 ۾ پهريان ئي ترميم ڪري،نااهلي جي حد مقرر ڪئي وئي. پهريان ته عدالتون نااهلي واري قانون جي آرٽيڪلز جي آڙ ۾ سياستدان کي هميشه لاءِ ميدان کان ٻاهر ڪنديون هيون، پر هاڻ اهو مدو پنجن سالن يعني پارليامينٽ جي هڪ ٽرم تائين محدود ڪيو ويو آهي، ان ترميم مان ڪيترائي سياستدان، جن ۾ پي ٽي آءِ جا اڳوڻا پارليامينٽ جا ميمبر به شامل آهن، اهي فائدو حاصل ڪري، اهل ٿي چڪا آهن. جيڪڏهن عدليا، ان قانون تي عمل کي روڪي ڇڏي، يا هن ترميمي ايڪٽ جيان، ان کي نان فنڪشنل ڪري ڇڏي ته ممڪن آهي ته صورتحال ٻئي ٿي وڃي، پر موجوده عدالتي ڌڙي وٽ ايترو وقت ناهي، انڪري اها مک سياستدانن کي چونڊن کان ٻاهر ڪرڻ جي پوزيشن ۾ نظر نٿي اچي. هينئر عدليا لاءِ هي ڳالهه چئي پئي وڃي ته پارليامينٽ يا ٻئي سياسي کيڏاري جي غير موجودگي ۾ هوا ۾ مڪون لهرائڻ چاهي ٿي، پر اها اهڙا ڪم ڪيستائين ڪندي رهندي؟
عدليا جو اميج، جنهن قسم جو سامهون آيو آهي، ان تي ڪيترن ئي حلقن پاران خدشن جو اظهار ڪيو پيو وڃي، هي تاثر، اداري جي ساک لاءِ انتهائي خراب ٿي سگهي ٿو. انڪري ادارن کي پاڻ ۾ ٽڪرائڻ بدران، آئيني Space ۾ رهڻ گهرجي. هي ڳالهه اصولي طور تي درست آهي، پر جنهن نوعيت جا سياسي ۽ غير سياسي مفاد ۽ همدرديون آهن، اهي ادارن کي اڏوهي جيان کائي رهيون آهن. هي فنامنا ڪا اڄ جي ناهي، پر ڊگهي عرصي کان ائين ئي ٿيندو رهيو آهي، ڪي حلقا ان کي هڪ خاص مائينڊ سيٽ سڏين ٿا. جنهن جي پڄاڻي جي ڪا به ٽائيم لائين مقرر ڪري نٿي سگهجي. جن جي عدليا جي تاريخ تي نظر رهي آهي، انهن کي ڄاڻ آهي ته هن ملڪ تي آڱرين تي ڳڻڻ جيترا جج اهڙا رهيا آهن، جن پنهنجو نالو تاريخ ۾ سونهري اکرن ۾ لکرائي ورتو، باقي جيڪو ڪجهه رهيو، ان تي سموري دنيا حيران آهي. جسٽس منير کان ……… جيڪو ڪجهه چوندا ۽ ڪندا رهيا آهن،انهن تي ڏندين آڱريون اچي وڃن ٿيون.
جيڪڏهن عدليا سميت ڪو ادارو، جنهن ۾ اسٽيبلشمنٽ به رهي آهي، اهي پارليامينٽ يا سياسي پارٽين ۽ انهن جي اڳواڻن جي ڪردار کان انڪار ڪن ٿا، انهن کي موقعو ملندي ئي “کير مان مک” جيان ڪڍي ٻاهر اڇلائين ٿا، انهن جي اهڙي روش برقرار رهي ٿي ته ملڪ جو اڳتي وڌڻ ڪيترو نه مشڪل آهي. هينئر به اهي جيڪي سمجهن ٿا ته هو پنهنجن ماضي جي ڪيل غلط فيصلن کي درست ڪرڻ بدران انهن تي ڳنڍ ٻڌي بيٺل رهندا ته ان منطق کي ڪوبه درست قرار نه ڏيندو. اهڙن فيصلن کي اهو چئي ڪري درست قرار ڏنو پيو وڃي ته ان وقت جي عدليا ۽ اسٽيبلشمنٽ گڏيل فيصلو ڪندي ميان نوازشريف يا ڪنهن ٻئي سياستدان کي مائنس ڪيو هو، هاڻ به واڳ ڌڻي ڪنهن ٻئي سياستدان يا سياستدن نما کيڏاري کي ميدان مان ٻاهر ڪرڻ گهرن ٿا. ان نوعيت جا فيصلا ڪنهن کي ڪرڻا آهن؟ هي پهريان ئي طئي ٿيل آهي، پر واڳ ڌڻين کي جيترو لامحدود خالي ميدان ڏنو ويو آهي، ان جي نتيجي سمورا شاٽس اهي ئي کيڏڻ گهرن ٿا. هي ملڪ جي ٽرئجڊي آهي ته هتي اهم فيصلا اهي ڌريون ڪن ٿيون، جن جو مينڊيٽ ئي ناهي. جيڪڏهن ملڪ جي اعليٰ عدالت، پارليامينٽ جي منظور ڪيل فيصلن کي ڪالعدم قرار ڏيندي ته ان سان ملڪ ۾ ڇڙواڳي واري صورتحال پيدا ٿيندي. باقي سياستدانن کي انهن سمورن گهٽن گهيڙن جي خبر آهي ته ڪيئن پاڻ ئي ريڪسيو ڪرڻو آهي. جيڪڏهن ملڪ جا ادارا پنهنجون توانائيون شهرين جي ڀلائي تي خرچ ڪرڻ بدران هوائي فائرنگ ڪندا رهندا ته پوءِ عدليا جا لکين ڪيس ته پينڊنگ ۾ پيل رهندا، ان سان گڏ پارليامينٽ به عوام دوست فيصلا ڪرڻ ۾ مشڪلاتون محسوس ڪندي. جيئن آئين ۾ ادارن جو ڪردار طئي ٿيل آهي، ائين ئي انهن کي پنهنجو ڪم ڪرڻ ڏنو وڃي، جوڊيشل ايڪٽوازم جا ڪجهه هاڪاري پاسا به آهن، پر اسان وٽ هميشه ناڪاري رهيا آهن. ان لاءِ ضروري آهي ته ادارن کي صراط مستقيم وٺڻ گهرجي. ان سان گڏ هي به واضح آهي ته عدليا جي فيصلن سان ميان نواز شريف ۽ ٻيا سياستدان انڪري ميدان کان ٻاهر ٿيا هئا ته اسٽيبلشمنٽ بقول انهن جي، ساڻن سنمک هئي، پر هاڻ زميني حقيقتون تبديل ٿيڻ جا اشارا ملي رهيا آهن.