پاڪستانسنڌ

خيبرپختونخوا واسي 2 جوابدار ڌماڪيدار مادو رکڻ جي ڪيس ۾ اشتهاري قرار

خيیرپور: خيرپور ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي اسپيشل جج نديم بدر قاضي جي عدالت ۾ ٽنڊومستي ٿاڻي تي داخل ڌماڪيدار مادو هٿ ڪرڻ جي ڪيس جي شنوائي ٿي، عدالت جوابدارن جي پيش نه ٿيڻ تي مالاڪنڊ ضلعي جي درگئي علائقي جي رهواسي جوابدار ارشد علي پٺاڻ ۽ سوات واسي جوابدار رحمان پٺاڻ کي اشتهاري قرار ڏئي سندن ملڪيت ضبط ڪرڻ لاءِ سوات ۽ مالاڪنڊ جي ڊپٽي ڪمشنرن ڏانهن ليٽر جاري ڪري ڇڏيا. جڏهن ته ٽنڊومستي ٿاڻي جي ٿاڻيدار کي جوابدارن کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button