اسلام آبادپاڪستان

انوارالحق ڪاڪڙ نگران وزيرِاعظم ٿي ويو

اسلام آباد : بلوچستان عوامي پارٽي جي اڳواڻ انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيرِ اعظم بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، سمري تي صدر صحيحون ڪري ڇڏيون آهن. ڪالهه وزيرِاعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض وچ ۾ وزيرِ اعظم هائوس ۾ نگران وزيرِ اعظم جي حوالي سان مشاورت جو ٻيو دور ٿيو جنهن کانپوءِ وزيرِ اعظم شهباز شريف لاهور روانو ٿي ويو. وزيرِ اعظم سان ملاقات کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي مخالف ڌر اڳواڻ راجا رياض سينيٽر انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيرِ اعظم بڻائڻ جي تصديق ڪئي. راجا رياض چيو ته انوار الحق ڪاڪڙ جو نالو مون ڏنو هو، وزيرِ اعظم ۽ منهنجي وچ ۾ انوار الحق ڪاڪڙ کي نگران وزيرِ اعظم بڻائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي ۽ ان فيصلي تي صحيحون به ڪري ڇڏيو آهن. وزيرِ اعظم شهباز شريف ۽ اپوزيشن ليڊر راجا رياض نگران وزيرِ اعظم جي نالي تي اتفاق واري فيصلي تي صحيحون ڪيون جنهن بعد سمري صدر ڏانهن اُماڻي وئي آهي. ان ڏس ۾ ايوان صدر جو چوڻ آهي ته صدر عارف علوي نگران وزيرِ اعظم لاءِ موڪليل سمري تي صحيحون ڪري ڇڏيو آهن. صدر مملڪت ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 224 (ون) اي تحت ايوان صدر ۾ سمري تي صحيحي ڪري ڇڏي. ذريعن موجب نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ 14 آگسٽ تي پنهنجي عهدي جو حلف کڻندو، ٻنپهرن جو تقريب منعقد ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button