ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

مهانگائي ۽ بيروزگاريءَ جو ماريل عوام

Editorial-Article- Aslam Jatoi

حيدرآباد ۾ چين کان برآمد ڪيل بسون هلائڻ شروع ڪيون ويون آهن، جنهن سان غريبن کي اچ وڃ جو سستو ذريعو نصيب ٿيو آهي پر ان کي ڪامياب بنائڻ لا ضروري منصوبابندي ۽ سخت نگرانيءَ جي ضرورت آهي. جيڪڏهن حڪومتي عملدارن اهو سسٽم پنهنجي من پسندن حوالي ڪيو ته ان جو حشر به سنڌ ٽرانسپورٽ اٿارٽي جهڙو ٿيندو. بسن جي آمدنيءَ ۾ چوري جي رستن تي سختيءَ سان بند ڪري بسن جي مرمت لا تجربيڪار ۽ ايماندار ماڻهو ڀرتي ڪيا وڃن، بسن جو ٽائيم وڌايو وڃي ته جيئن مزدوري ڪندڙن کي به ان سهوليت مان فائدو ملي سگهي.
حيدرآباد کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، شهري زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. واٽر سپلا جون لائينون ٽٽل هجڻ ڪري گٽرن جو پاڻي گڏجي گهرن ۾ پهچي ٿو. اڪرم واهه لائين چينل جنهن مان شهر لا پيئڻ جو پاڻي ورتو وڃي ٿو، ان ۾ ڀروارين آبادين جي گٽرن جي نيڪال جا پائيپ روڊ هيٺان سرنگهن ذريعي ڇڏيا ويا آهن، اهو پاڻي خطرناڪ بيمارين جو سبب آهي. جڏهن ته شهر جي واٽر سپلا جي تلائن کي حفاظتي ديوار نه هجڻ ڪري ڪيترائي جانور ڪري ٻڏي مري وڃن ٿا. فلٽر پلانٽ جا پائيپ به هنڌان هنڌان ڦاٿل آهن، هڪ وڏو پائيپ جيڪو سبزي منڊي ۽ ڀروارين آبادين جي پاڻيءَ جو ذريعو آهي اهو ڪيترين جاين تان ڦاٽل آهي، جنهن مان پاڻي تيزيءَ سان ڦوهاري جي شڪل ۾ ضايع ٿي رهيو آهي. ڪيترائي سال گذرڻ باوجود نه ته پائيپ جي مرمت ڪئي وئي نه ئي وري پائيپ کي تبديل ڪيو ويو آهي. سبزي منڊيءَ ۾ صفائيءَ جو ڪو نظام ناهي. گند ۽ ڪچري جا هر هنڌ ڍير لڳل آهن. هالا ناڪي کان ميرپورخاص ويندڙ روڊ جيڪو اڪرم واهه جي ڪناري سان آهي، پاڻيءَ جي تيز وهڪري سبب روڊ جون ڀڪون ڪري رهيون آهن، جنهنڪري روڊ جي بنياد جو ڪجهه حصو وهڪري جي نظر ٿي چڪو آهي، جيڪو ڪڏهن به وڏي حادثي جو ڪارڻ ٿي سگهي ٿو. شهر ۾ ٽريفڪ نظام جي ڳالهه ڪجي ته ڪٿي به قانون نظر نٿو اچي. هالا ناڪو فلاءِ اوور وٽ هر وقت ٽريفڪ جام رهي ٿي، ٻاهران ايندڙ مريضن واريون ايمبولينسن کي به جا نٿي ڏني وڃي. سنڌ ۾ هلندڙ وينن ۽ بسن جو غيرقانوني اڏو هئڻ ڪري هر وقت ٽريفڪ جام رهڻ سبب پنڌ هلندڙن جو روڊ پار ڪرڻ ڏاڍو محال بڻيل آهي. هالا ناڪي وارو فلاءِ اوور کان ملڪ پمپ تائين نيشنل ها وي ورڪشاپن جي تصوير بڻجي چڪو آهي.
ٻئي پاسي روزاني وڌندڙ مهانگائي عوام جي چيلهه چٻي ڪري ڇڏي آهي، ڪنهن به دڪاندار يا ريڙهي واري وٽ پرائس ڪنٽرول لسٽ موجود ناهي، سڀ ڪو پنهنجي مرضي واري اگهه سان شيون وڪرو ڪري ٿو. دڪاندار ۽ ريڙهي واري سبزي منڊي مان 120 روپيا ڌڙي خريد ڪري 150 روپيا في ڪلو وڪرو ڪن ٿا. کير به ڪٿي 200 روپيا ته ڪٿي 220 روپيا ڪلو وڪامي رهيو آهي، جڏهن ته دوائن جا اگهه به آسمان سان ڳالهيون ڪري رهيا آهن. ڪوبه غريب پنهنجو علاج نٿو ڪرائي سگهي، ڊاڪٽر به فين ۾ روزانو واڌ ڪندا رهن ٿا. جڏهن ته هڪ مزدور ڏهاڙي ڪجهه سئو رپيا ڪمائي ٿو جنهن مان يوٽيلٽي بلن جي پورت ڪري يا پنهنجي اولاد جو کاڌو پيتو، ڪپڙو، لٽو پورو ڪرڻ کانسوا پنهنجي پيرسن والدين جي دوا دارون ڪرائي يا وري تنگ اچي پنهنجي حياتي وڃائي ويهي. مهانگائي ۽ بيروزگاري جي بنيادي سببن تي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته بيروزگاريءَ کان تنگ ٿي غريب ماڻهو پنهنجي اولاد کي ماري پنهنجي حياتي وڃائڻ جا اخبارن ۾ ايندڙ واقعن جا انگ اکر ڪٿي دنگ ڪندا.
ان کانسواءِ واهن جي اڄ تائين کاٽي نه ڪرائي وئي ۽ نه ئي بندن جي مرمت جو ڪم پورو ڪيو ويو آهي، پنڃاري واهه جو پاڻي روڊ تي اوور ٽاپ ٿيڻ ڪري خورشيد ٽائون ۽ ڀروارين آبادين جي ٻڏڻ جو ڊپ وڌي ويو آهي. ڳوٺاڻن بيلدارن سان گڏجي بچا خاطر مٽيءَ سان بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر پاڻي لڳاتار سيمون ڪري رهيو آهي، جيڪو ڪنهن به مهل گهاري جي شڪل اختيار ڪري آبادين کي ٻوڙي سگهي ٿو. جڏهن انسان کان انصاف ۽ قانون ڌار ڪيو وڃي ته انسان نه فقط جانور پر جانور کان به بدتر ٿي وڃي ٿو، دولت ڪمائڻ جو حرس جڏهن انسان جي اندر احساس واري جا والاري ويهي ته انسان پنهنجا سمورا رشتا ناتا اورانگهي دولت جي پٺيان ڊوڙندو آهي. آخر ڪيستائين اسين مهانگائي، بيروزگاري ۽ ناانصافين جي ڦاهي تي لڙڪيل رهنداسين، ڇا اسان جو ايندڙ نسل به اهڙن ئي نمائندن جي ور چڙهيل هوندو؟

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button