“سي سڀ سانڊيم ساهه سين” هند جي ناليواري سنڌي اديب موتي پرڪاش جو سنڌ جو سفرنامو آهي. هو ورهاڱي وقت هتان لڏي وڃڻ کانپوءِ اٽڪل ستٽيهه سالن کانپوءِ 1984ع ۾ هتي آيو هو. ان وقت هو دبئي ۾ رهيل هو. سندس چوڻ آهي ته هن گھڻي عرصي کان پاڪستان لاءِ ويزا جي ڪوشش پئي ڪئي پر کيس اهو نه ٿي مليو. نيٺ کيس ويزا ته مليو پر اهو چوڏهن ڏينهن لاءِ ۽ اهو به رڳو ڪراچي لاءِ.
هو پنهنجي پتني ڪلا ۽ هند جي هڪ ٻئي سنڌي اديب موهن گيهاڻي سان گڏ نومبر 1984ع ۾ ڪراچي پهتو. هتي سنڌ ۾ سندن ظفر حسن ۽ ٻين مختلف دوستن ۽ ليکڪن وغيره سان رابطو رهي ٿو. سندن خواهش اها هوندي آهي ته سندن ويزا جو مدو وڌايو وڃي ۽ ان ۾ حيدرآباد ۽ سکر وغيره کي به شامل ڪيو وڃي. هو غلام مصطفيٰ شاهه سان ملاقات ۾ کيس اهڙي درخواست به ڪن ٿا ۽ هو کين آسرو به ڏئي ٿو پر اهو ڪم نه ٿو ٿئي. کين سنڌالاجي ڏسڻ جو شوق ٿئي ٿو پر اهو ڪم کين پنهنجي سڃاڻپ لڪائي ڏينهن ۾ ئي ڪرڻو پئي ٿو. ساڳي ريت دڙو، جيڪو موتي پرڪاش جو اباڻو شهر آهي، اتي به ان ريت ئي وڃن ٿا.
رشيد ڀٽي، تنوير عباسي ۽ ٻيا مختلف ليکڪ وغيره خيرپور، سکر ۽ سنڌ جي ٻين شهرن مان اچي ساڻن ملاقاتون ڪن ٿا پر ڪوشش جي باوجود اياز سان نه ته سندن فون تي رابطو ٿئي ٿو ۽ نه ئي ملاقات ٿئي ٿي. اياز کي انهن جي ڪراچي اچڻ جي ضرور ڪنهن ريت خبر پئي هوندي پر هن الائي ڪهڙي ڪارڻ ساڻن ملاقات ڪرڻ گوارا نه ڪئي.
موتي پنهنجي پڙهائيءَ جي سلسلي ۾ ڪجھه عرصو ڪراچيءَ ۾ رهيو هو ۽ هتان ئي سڌو هو پاڻيءَ جي جهاز ۾ ممبئي هليو ويو هو. جڏهن ته ڪلا پرڪاش جو رام باغ جي ڀرسان برنس روڊ تي گھر هو ۽ هو روز شام پنهنجن ساهيڙين سان رام باغ ويندي هئي. موهن گيهاڻيءَ جو به گرومندر وٽ گھر هو. موهن کي وڏي مشڪل سان پنهنجو گھر ملي ٿو ۽ هو ان کي پري کان ڏسي موٽي ٿو. جڏهن ته ڪلا کي فليٽن کي ڏسندي هڪ نوجوان ملي ٿو جيڪو کيس ٻڌائي ٿو ته ڪجھه عرصو اڳ هو دهلي ويو هو ته سندس ماءُ به کيس پنهنجو گھر ڏسڻ لاءِ چيو هو. هو اتي ويو هو ۽ اتي هڪ سردار جي رهيل هو. هن نوجوان جو فليٽ ئي دراصل ڪلا جو گھر هوندو آهي. هو کين اتي وٺي وڃي ٿو جتي ڪلا جي سندس ماءُ سان ملاقات ٿئي ٿي ۽ ٻيئي ماضي کي ياد ڪري هڪ ٻئي سان پنهنجا ڏک ونڊين ٿيون.
ستٽيهه سالن کانپوءِ آيل مهمانن کي ڪراچي هڪ بدليل شهر نظر اچي ٿو. جاين جڳهن جا اصلوڪا نالا بدلائي نوان نالا رکيا ويا هئا. جيئن رام باغ آرام باغ ٿي ويو هو ۽ ان ۾ تعميرات وغيره ڪري ان جي سونهن ۽ وسعت کي ختم ڪيو ويو هو. شهر جي سڙڪن ۽ عمارتن وغيره جي نالن ۾ سنڌي ۽ شهر جي اصلوڪن ماڻهن جا نالا نه ٿي مليا. شهر ۾ موٽر ڪارن جو وڏو انگ هو. موتي کارادر ۾ ڇهه نمبر ٽانڪيءَ جي علائقي کي ياد ٿو ڪري جتي هو پنهنجن مائٽن وٽ رهندو هو. موهن گيهاڻي هڪ ڀيري اڪيلو پنهنجي ليکي ڪراچيءَ جي روڊ رستن ۽ گھٽين ۾ گھمڻ لاءِ نڪري پئي ٿو.
ڪجھه عرصو ظفر حسن جي ڀاءُ جي گھر رهڻ کانپوءِ اهي ٽيئي ڄڻا صدر ۾ هوٽل جبيس ۾ ڪمرو وٺن ٿا ته جيئن شهر جي مرڪز ۾ هئڻ ڪري ماڻهن سان ملڻ ۾ کين سولائي ٿئي. هتي گھڻا دوست ساڻن ملڻ اچن ٿا. سنگت ڪراچي پريس ڪلب جي سهڪار سان هڪ پروگرام ترتيب ڏئي ٿي جنهن ۾ سنگت جا ڪجھه دوست ۽ مهمان پنهنجا خيال پيش ڪن ٿا. ان پروگرام ۾ آئون به شامل هئس. ساڳي ريت ڪراچي يونيورسٽيءَ جي سنڌي شعبي پاران سندن مان ۾ آجياڻو ڏنو وڃي ٿو. اتي هو شاگردن ۽ ٻين ماڻهن سان ملن ٿا. موتي موهن گيهاڻي لاءِ لکيو آهي ته ان جي سياست ۾ دلچسپي رهي آهي، جڏهن ته پاڻ ان کان پاسيرو آهي.
انهن ماڻهن لاءِ سنڌ هڪ ماضي آهي جنهن سان انهن جي محبت ۽ وابستگي آهي. جيڪڏهن انهن کي هاڻوڪي سنڌ ۾ مستقل رهڻ جي چونڊ ڏني وڃي جيئن موتي جو هڪ دوست سندس ويزا لاءِ ڪوشش ڪندي کيس مذاق ۾ چئي ٿو ته سندس جواب اهو ئي هو ته نه اسان وٽ ڀارت جو پاسپورٽ ئي ٺيڪ آهي.