ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

پاڻيءَ لاءِ پريشان جهڏو واسي

هاڻوڪن ڏينهن ۾ سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ پاڻيءَ جي سخت کوٽ نظر اچي رهي آهي. سنڌ جي وڏن شهرن کان وٺي ننڍن شهرن تائين شهري پيئڻ جي پاڻيءَ لاءِ پريشان لڳا پيا آهن. جنهنڪري اهي پئسن عيوض پاڻي خريد ڪري رهيا آهن. جڏهن ته پاڻي فراهم ڪرڻ هر شهر جي انتظاميا جي ذميواري آهي پر لڳي ائين رهيو آهي ته انتظاميا نه رڳو پنهنجي ذميواري نڀائڻ کان لنوائي رهي آهي، جڏهن ته پاڻيءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ ان کي گهر گهر پهچائڻ شهري انتظاميا جي ذميواري آهي. ڪجهه وقت اڳ برساتون وسيون آهن، سنڌ جي واهن ۾ پاڻيءَ جو مقدار وڌيو آهي ۽ سنڌو درياهه ۾ به پاڻيءَ جو مقدار وڌيل نظر اچي ٿو پر تنهن هوندي به هڪ پاسي آبادگار پاڻيءَ جي کوٽ جي شڪايت ڪري رهيا آهن ته ٻئي پاسي شهري پيئڻ جي پاڻيءَ کان محروم لڳا پيا آهن. جهڏي شهر ۾ به صورتحال خراب نظر اچي رهي آهي. جتي پاڻيءَ جي کوٽ سبب شهري پريشان لڳا پيا آهن ۽ پئسن تي پاڻيءَ جا ٽينڪر خريد ڪري رهيا آهن.
جهڏو شهر جي مختلف علائقن حاجي عاشق ڪالوني، عابد ڪالوني، غلام حسين ڪالوني، مرڙاڻي پاڙو، جروار پاڙي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ گذريل هڪ هفتي کان پيئڻ جي پاڻيءَ جي رسد مڪمل طور تي بند آهي، جنهنڪري رهواسي عذاب هيٺ آهن. جڏهن ته شهري پيئڻ جي پاڻيءَ لا في ٽينڪر 2000 رپين ۾ خريد ڪرڻ تي مجبور آهن، غريب طبقو پاڻيءَ لا دربدر آهي. ان حوالي سان شهري سبحان علي، سارنگ ڀٽي، رميش ڪمار ۽ ٻين ٻڌايو ته جهڏو واٽر سپلاءِ انتظاميا پيئڻ جو پاڻي بند ڪري عوام سان وڏو ظلم پئي ڪري. جمڙائو ڪئنال جي بگي مائنر تار وهي پئي، پر شهرين کي پاڻي فراهم نه پيو ڪيو وڃي. هنن ڪمشنر ميرپورخاص، ڊپٽي ڪمشنر ميرپورخاص، پبلڪ هيلٿ جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي شهر ۾ پاڻيءَ جي سپلاءِ بحال ڪرائي وڃي. هي صورتحال رڳو جهڏي شهر جي ڪونهي پر سنڌ جي هر شهر ۾ تقريبن ساڳي صورتحال آهي. تنهنڪري ان مسئلي کي ترت حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. هڪ پاسي شهري پاڻيءَ جو بل به ڀري رهيا آهن ته ٻئي پاسي 2000 روپين ۾ ٽينڪر پاڻيءَ جو گهرائي رهيا آهن، ان جو مطلب آهي ته کين ٻيڻو نقصان ٿي رهيو آهي. جڏهن ته شهرين جو چوڻ آهي ته بگي مائنر ۾ پاڻي موجود آهي.
اسين سمجهون ٿا ته پاڻيءَ سان لاڳاپيل ادارن کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته پاڻي شهرين جي پهچ کان پري ڇو آهي. ان جي دستيابي شهرين تائين ڇو ڪونه پئي ٿئي. ڇاڪاڻ ته پاڻي زندگيءَ جي اهم ترين ضرورت آهي ۽ جيڪڏهن اهو سلسلو ائين جو ائين هلندو رهيو ته شهرين جي آمدنيءَ جو هڪ وڏو حصو پاڻي خريد ڪرڻ تي خرچ ٿي ويندو. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته شهري انتظاميا ان ڳالهه کي يقيني بڻائي ته اها شهرين کي بنا ڪنهن رنڊڪ جي پاڻي پهچائيندي ۽ ان ۾ جيڪي به انتظامي رنڊڪون هونديون انهن کي ختم ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندي ته جيئن شهرين کي پاڻي وقت سر ملي سگهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button