ملڪ ۾ غيرمسلم آبادين جي تحفظ بابت اسان کي سدائين جناح جي 11 آگسٽ واري تقرير جو حوالو ملندو آهي. جڏهن ته ان تقرير جي عملي صورت ان جي بلڪل ابتڙ آهي. گذريل 76 سالن ۾ هتي آباد غيرمسلم آبادين کي ڪو به تحفظ ڪونه ملي سگهيو آهي ۽ عجيب ڳالهه اها آهي ته انهن کي اقليتون سمجهيو ويندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ موجود شهري آئين جي حساب سان برابر جا شهري آهن ته پوءِ اهي اقليت ڪيئن ٿا ٿي سگهن. ملڪ ۾ حڪومت آمرن جي هجي يا نام نهاد سويلين جي هجي، هندو، عيسائي ۽ سک آبادين سدائين لاش کنيا آهن. انهن جي عبادت گاهن کي ڊاٺو ويندو آهي، سندن گهرن کي ساڙيو ويندو آهي يا وري کين قتل ڪيو ويندو آهي. تازو جيڪي ڪجهه جڙانوالا ۾ ٿيو آهي. ان واقعي هڪ ڀيرو وري ان تاثر کي اڀاريو آهي ته پاڪستان ۾ غيرمسلم آباديون ڪنهن به ريت محفوط ڪونه آهن، ڀلي انهن سان ٿيندڙ واقعن کان پوءِ آرمي چيف بيان ڏئي يا وزير اعظم ۽ صدر مذمت ڪندا رهن پر سندن بيان بازيءَ سان انهن کي ڪو تحفظ ڪونه ٿو ملي سگهي.
جڙانوالا شهر ۾ ٿيندڙ جيڪو واقعو پيش آيو آهي، ان جي شروعاتي جاچ رپورٽ ئي ڇرڪائيندڙ آهي. پهرين ته اهو پئي چيو ويو ته رڳو 4 گرجا گهر سڙيا آهن پر هن وقت جيڪي انگ اکر آيا آهن، انهن موجب 16 گرجا گهرن جڏهن ته 15 گهرن کي باهه ئي ساڙيو ويو آهي. صبح ستين وڳي کان 70 کان 80 ماڻهن احتجاج ڪري ڪاروباري مرڪز بند ڪرايا. 11 وڳي ڪرسچن ڪالونيءَ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪئي وئي ۽ چرچ ۽ گهرن کي باهه ڏئي ساڙيو ويو. مڇريل ماڻهن اسسٽنٽ ڪمشنر جو گهر به ساڙي ڇڏيو. عيسيٰ نگريءَ ۾ 15 گهرن کي باهه ڏني وئي. ان واقعي کان پوءِ 600 ڄڻن تي ڪيس به داخل ڪيو ويو آهي. مسجد مان جنهن همراهه اعلان ڪري ماڻهن کي مڇرايو، ان کي به گرفتار ڪيو ويو آهي. پر سوال اهو آهي ته اها نوبت ڇو آئي. ملڪ ۾ اهڙا واقعا لاڳيتا ٿيندا رهندا آهن. جن کي ٻنجو ڏيڻ جي ضرورت آهي پر هيستائين نه رڳو انهن واقعن ۾ واڌ ٿيندي پئي وڃي پر سڄي رياست انهن عنصرن آڏو بيوس نظر ايندي آهي، جيڪي ڪنهن به غير مسلم آباديءَ کي ڪوبه جاني يا ملي نقصان پهچائڻ چاهين، ان لاءِ اهي آزاد آهن.
گذريل سال سيالڪوٽ ۾ سريلنڪا جي شهريءَ تي مبينا توهين رسالت جو الزام هڻي ساڙيو ويو هو. پاڪستان ۾ گذريل ستن ڏهاڪن ۾ غيرمسلم آبادي نه رڳو گهٽجي وئي آهي پر جيڪا بچي آهي، سا به ايندڙ وقت ۾ ڪونه رهندي. ڇاڪاڻ ته ڪوبه ماڻهو ڪنهن ملڪ ۾ تڏهن رهي سگهي ٿو، جڏهن ان کي اها خاطري هجي ته کيس تحفظ هوندو. ڪو ماڻهو ان کي جيئرو ڪونه ساڙيندو ۽ نه ئي ان جي عبادت گاهن کي ڊاهي پٽ ڪندو.
انهن سڀني واقعن کان پوءِ به رياست ڪجهه ڪونه سکيو آهي. جڏهن به اهڙا واقعا ٿيندا آهن ته مذمتي بيانن جي ڀرمار ٿي ويندي آهي. جيڪڏهن انهن واقعن جي پويان دشمن ملڪ جي سازش آهي ته پوءِ کي به وائکو ڪرڻ جي ضرورت آهي يا دشمن هتان جي حڪمرانن کان ايترو ڏاڍو آهي جو اهو جڏهن به چاهي ٿو ڪنهن نه ڪنهن شهر ۾ مذهبي جنونيت جو واقعو ڪرائي ٿو ڇڏي. پنجاب ۾ ان نوعيت جا واقعا نه فقط گذريل ڪجهه سالن کان وڌيا آهن پر اتي موجود مسيحي آباديءَ کي جنونين جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي.
هن واقعي کان پوءِ اهو ئي ٿيندو جيڪو ماضي ۾ ٿيندو رهيو آهي. 600 ماڻهو گرفتار ٿيا آهن پر ثبوت نه هجڻ تي انهن کي آزاد ڪيو ويندو. ملڪ جي حڪمرانن کي اهو سوچڻو پوندو ته اهڙي جنونيت جي هوندي ڇا هن ملڪ لاءِ اهو چئي سگهجي ٿو ته هتي مذهبي رواداري آهي پر اهو رڳو نعرو آهي، ان جي عملي شڪل ڪابه ڪونهي. نتيجي ۾ اسين سدائين ڪنهن نه ڪنهن غيرمسلم آباديءَ جون عبادت گاهون سڙندي ڏسون ٿا، انهن جا گهر ڊهندي ڏسون ٿا ۽ انهن کي اهو احساس ڏياريندا آهيون ته اهي پنهنجي مرضيءَ سان ساهه نٿا کڻي سگهن.
اهي بيان جيڪي اسين گذريل ستن ڏهاڪن کان ٻڌندا پيا اچون، انهن ۾ ڪا تبديلي ڪونه آئي آهي. تنهنڪري ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان غيرمسلم آبادين لاءِ هڪ ڏکيو ملڪ ٿي رهيو آهي. جن کي قائد اعظم جي 11 آگسٽ واري تقرير به تحفظ نٿي ڏئي سگهي.