ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

دادو ۾ مليريا جا وڌندڙ مريض

سنڌ ۾ ڪجهه وقت کان مليريا جا ڪيس سامهون اچي رهيا آهن، جن ۾ ٻارن جو انگ وڌيڪ نظر اچي رهيو آهي. سنڌ جي سرڪاري اسپتالن ۾ مليريا جي علاج جو شعبو به قائم ڪيو ويو آهي پر تنهن هوندي به اهو شعبو ڄڻ غيرفعال آهي. تازا جيڪي ڪيس رپورٽ ٿيا آهن، انهن ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ اچي رهي آهي. تنهنڪري مريضن جو انگ وڌي رهيو آهي ۽ سرڪاري سطح تي انهن جو علاج ڪونه پيو ڪيو وڃي. اهڙي صورتحال ۾ نه رڳو مريضن لاءِ پريشانيون وڌي رهيون آهن پر اهي علاج لاءِ پڻ دربدر ٿي رهيا آهن. دادو ضلعو به مليريا کان بچيل ڪونهي. رڳو ٻن هفتن ۾ دادو ۾ مليريا جا 1473 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. جنهن جو مطلب اهو آهي ته اهي ڪيس ايندڙ وقت ۾ وڌڻ جا چٽا امڪان آهن، ڇاڪاڻ ته مرِيضن لاءِ مليريا جون دوائون ئي موجود ڪونه آهن ۽ نه ئي سرڪاري سطح تي انهن جي وقت سر ٽيسٽ ٿي سگهندي آهي.
دادو ضلعي ۾ ٻن ھفتن دوران مليريا جا 1473 ڪيس رپورٽ ٿيا آهن. مليريا کان بچا واريون دوائون ٻيهر اڻلڀ ٿيڻ سبب مريضن جو زندگيون داءُ تي لڳي ويون آهن. متاثر مريضن دانش علي، اياز، وقار ۽ ٻين احتجاج ڪندي دانهيو ته مليريا کان بچا وارو ڊوز نجي ليبارٽرين ۽ اسٽورن تي 600 کان 800 روپيا في ڊوز وڪرو ڪيو پيو وڃي، مليريا انچارج سرڪاري دوائون وڪرو ڪري رهيو آهي. هنن چيو ته سرڪاري اسپتالن ۾ دوائون اڻلڀ آهن. هنن چيو ته مليريا جي تصديق ٿي آھي روز ڳرا ڪرايا ادا ڪري ڊوز حاصل ڪرڻ لا اچون ٿا پر مليريا کان بچا جو ڊوز فراھم نه ٿو ڪيو وڃي. مظاهرو ڪندڙن سنڌ سرڪار سميت وس وارن کان مطالبو ڪيو ته دوائون وڪرو ڪندڙ عملدارن خلاف ڪارروائي ڪري جلد مريضن کي دوائون فراهم ڪري سندن زندگيون بچايون وڃن. مليريا ڪا اهڙي بيماري ڪونهي، جنهن جو علاج نه ٿي سگهندو هجي يا دوا سان اهو مرض ٺيڪ نه ٿي سگهندو هجي پر اصل ڳالهه آهي ته جڏهن صحت کاتو ۽ انتظاميه ان مرض کي سنجيده وٺڻ لاءِ تيار ڪونهي ته پوءِ مرض نه رڳو وڌي ويندو آهي پر ان کي ڪنٽرول ڪرڻ به ڏکيو ٿي ويندو آهي. شهرن ۾ صفائي نه هجڻ. جڳهه جڳهه تي ڪني پاڻيءَ جا دُٻا هجڻ ڪري مڇرن جو اتي پيدا ٿيڻ ۽ پلجڻ لازمي آهي. شهري انتظاميا مڇر مار اسپري ڪرائڻ لاءِ تيار ڪونهي. ڇاڪاڻ ته مڇر مار اسپري جا فنڊ به شهري انتظاميا چٽ ڪري ويندي آهي. تازو بلدياتي چونڊون ٿيڻ کان پوءِ چونڊيل نمائندن قسم به کڻي ورتو آهي. هاڻ انهن کي پنهنجن پنهنجن شهرن ۾ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي پر هن وقت تائين انهن جو ڪو ڪم نظر ڪونه آيو آهي.
اسين سمجهون ٿا ته مليريا کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لازمي آهي ته هر سطح تي ڪم ڪيو وڃي. صحت کاتي کي گهرجي ته اهو سرڪاري سطح تي مليريا جون دوائون اسپتالن ۾ پهچائي. ان کان سواءِ مڪاني ادارن جو عهديدار شهرن صفائيءَ جو انتظام بهتر ڪن ۽ ماڻهن ۾ به جاڳرتا پيدا. جيڪڏهن دادو شهر ۾ هن وقت مريض وڌي رهيا آهن ته اتي خاص ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن مليريا کي ڪنٽرول ڪري سگهجي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button