ان کان اڳ جو سنڌي افساني جي هڪ اهم نالي حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين تي ڳالهائجي، ۽ انهن ڪهاڻين مان جديد سنڌي ڪهاڻي ڳولڻ جي ڪوشش ڪجي، مان اهو ضروري ٿو سمجهان ته اهو سمجهجي ته “نئين ڪهاڻي” يا “جديد افساني” جهڙن لفظن مان ڇا مراد آهي؟ جيتري تائين انهن لفظن جي وصف سمجهه ۾ نه ايندي اوتري تائين اهو چوڻ ته هيءَ ڪهاڻي جديد آهي يا نه تمام ڏکيو ٿي پوندو. ان کانپوءِ مان ڪوشش ڪندس ته حفيظ ڪنڀر جي ڪهاڻين تي جديديت پُڄاڻا تنقيدي اصولن موجب اڀياس پيش ڪريان.
هڪ عام وصف طور جديد يا نئين ڪهاڻيءَ جي سمجهاڻي ڪجهه هن ريت ڏني وئي آهي:
1-اهڙو افسانو جيڪو تبديل ٿيندڙ اهڙي دنيا جي ڳالهه ڪري جنهن جي توقع ئي نه هجي.
2-روايتي ڪهاڻي ڪجهه قاعدن ۽ قانونن تي آڌريل هوندي آهي، جهڙوڪر غيرروايتي بدلاءُ ۽ واقعن جي پوري ڄاڻ، ان جي ڀيٽ ۾ جديد ڪهاڻي ڪجهه اصولن جي ڀڃڪڙي ڪندي نظر ايندي آهي، جنهن ۾ واقعن جي تفصيلي احوال بدران مختصر احوال ڏبو آهي.
3-جديد ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ حقيقي ۽ افسانوي دنيا کي اهڙي نموني پاڻ ۾ ملائيندو آهي جو پڙهندڙ کي خبر ئي نه پوندي آهي ته ڪهڙي ڳالهه حقيقي آهي ۽ ڪهڙي ڳالهه افسانو آهي.
4-جديد ڪهاڻيءَ ۾ ليکڪ هڪ خال ڇڏيندو هلندو آهي جيئن پڙهندڙ ان بابت آخر تائين سوچيندو رهي.
5-جديد ڪهاڻيءَ جي هڪ خوبي اها به هوندي آهي ته اها اسان کي ماڻهن جي زندگيءَ جي حوالي سان ردعمل بابت ٻڌائيندي هلندي آهي، ان ۾ ڪنهن ڊرامائي واقعي يا حقيقي واقعي جي مدد وٺي سگهجي ٿي.
سٺي ڪهاڻيءَ جي حوالي سان هڪ عام چوڻي آهي ته: “سٺي ڪهاڻي هيرن جي لڙي جيان هوندي آهي، ان ۾ ڪيترائي پاسا هوندا آهن، جهڙوڪر اها سماج جي ڪيترن ئي پاسن کي نروار ڪندي آهي يا وري ڪردارن جي مختلف رخن کي ظاهر ڪندي آهي” ۽ جڏهن حفيظ ڪنڀر جي ڪتاب “جعفر جي نئين ڪهاڻي” ۾ ڏنل ڪهاڻين تي نظر وجهجي ٿي ته اهي سچ ۾ سنڌي افساني جي موتين ۽ هيرن جي لڙي برابر آهن. هنن ڪهاڻين ۾ سماج جي هر رخ ۽ ڪردارن جي هر رويي جي خبر پئي ٿي. هي ڪتاب جنهن جو پهريون ڇاپو سن 2023ع ۾ سامروٽي پبليڪيشن، ٿرپارڪر ڇپرايو آهي، ان ۾ 25 ڪهاڻيون ڏنل آهن، جنهن مان هتي ڪتاب جي شورعاتي چار ڪهاڻين “جانب يار جي قبر”، “چاچي سماني”، “جعفر جي نئين ڪهاڻي” ۽ “ابليس” جو اڀياس ڏجي ٿو ۽ هنن ڪهاڻين مان جديديت پُڄاڻا واري افساني جا جز پيش ڪجن ٿا. ڪنهن به لکڻيءَ ۾ جيڪڏهن هيءَ جُز شامل هجن ته انهيءَ افساني کي جديديت پڄاڻا افسانو سڏجي ٿو:
Magic Realism، Self-reflexive، Unreliable narrator، Dark humor، Metafiction،Retelling ، Inter-texuality
جانب يار جي قبر: هن ڪهاڻيءَ جو مک ڪردار لونگ هڪ سادو سودو ڳوٺاڻو آهي، جنهن جي دل ۾ پنهنجي جگري يار جانب سان ملڻ جي حسرت آهي، جانب ننڍي هوندي هن سان گڏ پڙهيو ۽ هاڻي هو وڏو ماڻهو ٿي چڪو آهي. لونگ کي لڳي ٿو ته هن جي يار جي سيني ۾ اڄ به اها ئي ننڍي هوندي واري دل ڌڙڪي ٿي، هن جي يار هن کي ڪڏهن به وساريو نه آهي. لونگ جي سادگيءَ جو اندازو هنن جملن مان لڳائي سگهجي ٿو:
“جانب هن سان گڏ پڙهيو آهي. ولايت ۾ رهي ٿو، وڏو صاحب ٿي ويو آهي، پر منهنجو اڃان پڇي ٿو. شهر ۾ جڏهن بخشل سيٺ جي عذر خواهيءَ تي آيو ته پنهنجي ڳوٺ سان به مليو هو. منهنجو انهن کان به جانب صاحب هر هر پڇيو هو.”
هنن جملن مان ئي لونگ جي سادگي ۽ سچائيءَ جو اندازو ٿي وڃي ٿو. اهڙي ريت جڏهن جانب ڪنهن مائٽ جي مرتئي تي ڳوٺ اچي ٿو ته قبرستان ۾ لونگ کي سڃاڻي وٺي ٿو ۽ ٻئي يار پراڻن ڏينهن کي ياد ڪن ٿا. لونگ کيس گهر هلڻ لا زور ڀري ٿو پر هو ٻئي ڀيري ملڻ جو چئي واپس شهر هلي وڃي ٿو. ايئن جڏهن لونگ جو شهر وڃڻ ٿئي ٿو ته هو جانب سان ملڻ جو سوچي ٿو، پر هن جي غريبيءَ جي ڪري کيس پنهنجي دوست سان نٿو ملڻ ڏنو وڃي، هو ٻه ٽي ڀيرا ايئن شهر ۾ هن سان ملڻ جي ڪوشش ٿو، جنهن تي جانب جو مائٽ هن کي سمجهائيندي چئي ٿو هو کين به پورو هٿ نه ڏئي جو هاڻي هو وڏو صاحب ٿي ويو آهي، هن کي لونگ جهڙي غريب دوست جي ڪهڙي پرواهه هوندي! پر لونگ ان ڳالهه تي ويساهه نٿو ڪري. )هلندڙ)