هن جي طبيعت ۾ نهٺائي ۽ ڪم ۾ اڻ ورچ ٿي ڪرڻ جي پويان، سندس ٻاراڻي عمر ۾ اهڙين شخصيتن جي ويجهو هجڻ آهي. ولي رام جو والد صاحب ڪيول رام چيلهار ۾ پوليس کاتي ۾ جمعدار هو. جتي هن ٻاراڻي وهيءَ ۾ پرائمري اسڪول جي استاد رائچند هريجن کي ٻوري وڇائي “تاريخ ريگستان” ڪتاب لکندي ڏٺو هو. ان کان پوءِ هو جڏهن پندرهن سالن جو ٿيو ته هو ڀڳت کيمچند آسناڻيءَ جي سنگت ۾ اچي ويو. ڀڳت وڏو سماج سڌارڪ هو. هن شاگردياڻين لاءِ ڪنيا پاٺشالا ۽ شاگردن لاءِ شيوا منڊلي کولي هئي. جنهن ۾ لائبرري به قائم ڪيل هئي. لائبرريءَ ۾ ساڍا ٽي سئو کن ڪتاب ۽ رسالا رکيل هئا ۽ ڪجهه روزانيون اخبارون به اينديون هيون. انهيءَ شيوا منڊليءَ پاران فجر جي ٽائيم تي ارلي واڪ ٿيندي هئي. جنهن کي پرڀات ٿيوري سڏبو هو. ان ٿيوريءَ ۾ باجو ڳچيءَ ۾ ٻڌي برمانند جو ڀڄن ڳائبو هو ۽ يوگا ٿيندي هئي. انهيءَ شيوا منڊلي گجرات جي تاريخ جي پسمنظر ۾ ناٽڪ “چندن هاس” اسٽيج ڪيو. ناٽڪ ٽڪيٽون وٺي ڏسڻو هو. ان ڪري ولي رام شهر ۾ منادي ڏئي ٽڪيٽون وڪڻڻ وارو ڪم وڌي چڙهي ڪيو. ان کان اڳ هو ٻاراڻي وهيءَ ۾ ناٽڪ ڏسڻ لاءِ ڀتيون ٽپي ٻين ٻارن سان گڏجي ويندو هو. هيءَ پهريون ڀيرو هو جو ناٽڪ جي اسٽيج ٿيڻ واري ڪم ۾ خود انتظامي امور جو حصو ٿيو هو. ناٽڪن ۾ سڀ کان وڌيڪ دلچسپيءَ جو سبب عورت اداڪار، انهن جا ڊائلاگ ۽ سندن چمڪيلا ڪپڙا هوندا هئا. هن جي دلچسپي ۽ سماجي ڪمن ۾ سرگرميءَ جي ڪري ڀڳت کيمچند ولي رام کي شيوا منڊليءَ جي لائبرريءَ جو سربراهه مقرر ڪيو. ان کان سواءِ ولي رام جي شخصيت تي هاءِ اسڪول ۾ اردوءَ جي استاد چوڌري ضياءُالحق جو وڏو اثر پيو. هو اردو ۽ عالمي ادب ڏانهن پنهنجي استاد چوڌري ضياءَ جي ڪري متوجهه ٿيو. ضياءَ چوڌريءَ سان گڏ ان دور ۾ چاڪي واڙي ۾ وصال جو ليکڪ خالد اختر ڏيپلي ۾ استاد هوندو هو. جنهن ٿر تي به ڪتاب لکيو هو. خالد اختر ۽ ضياءُ الحق چوڌري دوست هئا ۽ پاڻ ۾ ان وقت ملڻ لاءِ هڪٻئي وٽ ايندا ويندا هئا. اهوئي سبب هو جو ولي رام جو اردو ادب ڏانهن لاڙو ننڍي هوندي کان وڌيو ۽ پوءِ ايم اي به ادرو ادب ۾ ڪيائين. هن جي اسڪول جي هيڊماستر لڇمڻ داس جي شخصيت جو به مٿس وڏو اثر پيو. ماستر لڇمڻ داس عملي ماڻهو هو. جنهن کي ڪم ڪندي ڏسندو هو. ان کي ڀرپور داد ڏيندو هو. ماستر لڇمڻ داس سبزي مارڪيٽ ۾ سبزيون وٺڻ دوران رپيو ٻڌو ڏنو ۽ ڏهه آنن جي سبزي ٿي ته باقي پئسا نه وٺندو هو، چوندو هو ته اوهان جو اهو ڪم سٺو آهي. اهي پئسا ڀلي اوهان رکو.
ولي رام ولڀ چئي ٿو ته امر جليل، نسيم کرل، آغا سليم جهڙن ليکڪن جي مقابلي ۾ منهنجون ڪهاڻيون پير ئي نه پيون کوڙي سگهن. ان ڪري آئون ترجما ڪرڻ ڏانهن هليو ويس. منهنجي ترجمن کي سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ ان وقت جي سڀني ادبي رسالن ايڏو ته سنجيده ورتو جو هر ادبي رسالي ۾ ڪهاڻيون، شاعري ۽ افسانن سان گڏوگڏ ترجمو به ضرور ڇپبو هو. هن ڪرشن چندر جي “غدار” ناول سان پنهنجي پهرين ترجمي جي شروعات ڪئي هئي. ڪرشن چندر جي سنڌي ترجمي واري ناول جي مشهوريءَ جو اهو مثال آهي، جو هن جا چار ايڊيشن ڇپجي چڪا آهن. ولي رام ڏهه ٻوليون ڄاڻي ٿو. هن يورپ، آمريڪا، لاطيني آمريڪا، آفريڪا، هندستاني ٻوليون ۽ آسٽريليا جو ادب سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي. هن قرت العين حيدر جا ٻه ناول ترجمو ڪيا. سنڌ ۾ مهاجرن جي ثقافت ۽ سوچ جي پسمنظر ۾ لکيل ناول “سيتا هرڻ” تمام گهڻو مقبول ٿيو. هن جو چوڻ آهي ته ادبي طور قرت العين تاريخ جو وڏو شعور رکندڙ ليکڪا آهي. “سيتا هرڻ” ۽ “آخري شب ڪي هم سفر” وارا ٻئي ناول انهيءَ تاريخي شعور جي تسلسل ۾ لکيل آهن. جنهن ۾ “آخري شب ڪي هم سفر” ناول جو سنڌي ترجمي ۾”پوئين پهر جا پانڌيئڙا” وارو نالو ڏنو. پر سيتا هرڻ رامائڻ جي هڪ ٻول تان ورتل نالو آهي. جنهن جي ثقافتي معنيٰ آهي، سيتا جو اغوا ٿيڻ. هن سنڌ جي ادبي رسالن ۾ ترجمي ڪيل لکڻيءَ جي ليکڪ جو پهريون دفعو بايوگرافڪ پروفائيل به ڏيڻ شروع ڪيو هو. جنهن کي ان وقت جي سڀني سنڌي رسالن اپنايو، پر اردوءَ جي ادبي ميگزين آج به ولي رام ولڀ جي انداز کي اپنائيندي ترجمي واري ليکڪ جو پروفائيل ڏيڻ شروع ڪيو.