ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

عارف علويءَ جي نڪ هيٺان ڇا ٿي ويو؟

ڪامن سينس هيءَ چئي ٿو ته صدر عارف علوي جن ٻن بلن، جيڪي قانون ٿي ويا، انهن تي صحيحن جي ترديد ڪري ٿو، يقين سان اهي صدر جي پنهنجن صحيحن سان ئي ويا، پر جيئن ته هاڻ انهن قانونن پنهنجو اثر ڏيکارڻ شروع ڪيو آهي ۽ ان حوالي سان پي ٽي آءِ جي رينڪ اينڊ فائل مان دٻاءُ وڌيو آهي ته صدر صاحب حيران ۽ پريشان آهي ۽ پنهنجي ڪئي تي پاڻي هارڻ جي به پوزيشن ۾ ناهي. جيڪڏهن صدر جيڪو چئي رهيو آهي، ان ۾ سچائي آهي ته ان لاءِ کيس ثبوت ته ڏيڻا پوندا. ان حوالي سان هو سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس کي خط به لکي سگهيو ٿي، پر صدر پنهنجي ئي “ڪارنامي” تي 20 ڪلاڪن تائين، ان ڳالهه کان اڻ ڄاڻ رهيو، جنهن سبب هو پنهنجي آئيني ۽ قانوني پوزيش وڃائي چڪو آهي.
هن ملڪ جي تاريخ ۾ شايد پهريون ڀيرو ائين ٿيو آهي، ملڪ جي صدر، جيڪو ملڪ جي سالميت جي علامت سمجهيو ويندو آهي ۽ هو ملڪ جو سپريم ڪمانڊر به هوندو آهي، اهو الله تعاليٰ کي شاهد بڻائي چئي رهيو آهي ته هن کي اڻ ڪيل گناهن جي سزا ڏني پئي وڃي. هيءَ گناهه ته ايوان صدر جي، انهن عملدارن ڪيو آهي، جن کيس خاطري ڪرائي ته هو ٻنهي بلن کي پارليامينٽ ڏانهن واپس موڪلي چڪا آهن، ڇاڪاڻ ته صدر کي انهن بلن تي اعتراض هئا. جيڪڏهن واقعي صدر ائين ڪيو ۽ صرف زباني ڪلامي نه چيو ته ان لاءِ سندس هٿن سان لکيل اعتراض به سامهون آڻڻا پوندا.
صدر عارف علوي، وٽ ، ايوان صدر ۾ پهريون ڀيرو آفيشل سيڪريٽ ايڪٽ ۽ آرمي ترميمي بل صحيحن لاءِ نه آيا هوندا، پر ان کان اڳ، پارليامينٽ کيس جيڪي به بل موڪليا، انهن مان ڪجهه منظور ٿي ويا. پر گهڻائي انهن جي هئي، جيڪي اعتراضن يا Observations سان گڏ واپس پارليامينٽ کي موڪليا ويا. صدر هيءَ بل مخصوص مدي اندر واپس ڪيا يا وري هڪ ڀيرو واپس ڪرڻ کانپوءِ اهي پارليامينٽ جي گڏيل اجلاس ٻيهر منظور ڪري ڇڏيا، جنهن سان صدر جو ڪجهه به ڏيڻ وٺڻ نه هو.
هيل تائين آئيني ماهرن جي راءِ، جيڪا سامهون اچي چڪي آهي، ان حوالي سان قانون جي وزارت جو به ردعمل آيو آهي، جنهن ۾ صدر جي ان ترديد، ته هن ٻنهي بلن تي صحيحون نه ڪيون آهن، ان تي انتهائي حيراني ۽ پريشانيءَ جو اظهار ڪيو ويو. صدر کان هيءَ به پڇيو پئي ويو ته جنهن ويل هن وٽ بل آيا ته آئين جي آرٽيڪل 75 تحت، 10 ڏينهن اندر کيس بلن تي صحيحون ڪرڻ يا نه ڪرڻ جو اختيار هو، جيڪڏهن بل سٺا لڳا ته ان تي صحيحون ڪري وزير اعظم هائوس کي موڪلي ڇڏيا، جيڪي قانون ٿي ويا ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ٿي ويو. نوٽيفڪيشن پنهنجي ليکي يا پاڻمرادو جاري نه ٿيو هوندو، پر صدر جي صحيح سان منظور ٿيل بل جي روشنيءَ ۾ جاري ڪيو ويو هوندو. جيڪڏهن صدر کي اعتراض هئا، جيڪي هو ظاهر ڪري پيو ته کيس لکت ۾ پارليامينٽ کي آگاهه ڪرڻو هو. جيڪڏهن هن آگاهه نه ڪيو ۽ هن جون صحيحون به نه هيون ته جيڪو ترديدي ٽوئيٽ ڪيو ويو، ان ۾ اعتراضن تي ٻڌل Observations ڇو ظاهر نه ڪيون ويون؟ هنن بلن جي حوالي سان جيڪڏهن ايوان صدر جي عملي Cheating ڪئي ته ان کان اڳ ۾ هي عملو ايڏو ايماندار ڪيئن هو؟ جيڪڏهن جعلسازي ڪئي وئي ته ايترن ڏينهن اندر صدر نه ئي ڪنهن اختياري کي لکيو، نڪي وري ڪا ايف آءِ آر داخل ڪرائي، نه ئي هن عملي خلاف ڪارروائي ڪئي. هيءَ سڀ دليل، صدر جي اعتراضن تي سواليا نشان لڳائين ٿا.
صدر صاحب کان اڳ به ڪنهن سوال ڪيو هو ته ايوان صدر ۾ واندڪائي وقت هو ڇا ڪندو آهي، ته جيئن سندس وقت گذري وڃي، يقينن هو تقريبن پنجن سالن دوران اهو ئي ڪندو رهيو هوندو، جنهن جو هن اظهار ڪيو، ته صدر جو جواب هو ته هو ڪتاب پڙهندو آهي يا وري فلمون ڏسندو آهي. صدر جا ان حوالي سان ڪيترائي ٽوئيٽس به موجود آهن. هن ڀيري به يقينن، صدر صاحب فلمون ڏسڻ ۾ پورو هوندو. ان ڪري هن جي نڪ جي هيٺان واردات ٿي وئي. ٻي ڳالهه هيءَ به ٿي سگهي ٿي ته صدر رضا خوشيءَ سان صحيحون ڪري ڇڏيون هجن. ممڪن آهي ته صدر کي اها ڳالهه بعد ۾ سمجهه ۾ آئي هجي ته ٻنهي بلن (جيڪي قانون ٿي ويا) انهن جا ڪهڙا اثر سامهون ايندا؟ هيءَ ممڪن آهي ته صدر صاحب ته سياستدان به ناهي، نه ئي وري قانوني يا آئيني ماهر آهي، ان ڪري هن کي انهن بلن جي پٺيان لڪل ڪهاڻي ئي سمجهه ۾ نه آئي هجي؟ اهي سڀ امڪان ٿي سگهن ٿا، پر ايوان صدر رڳو واحد شخص تي ٻڌل ناهي، اتي پوري سيڪريٽريٽ موجود آهي. قانون جي حوالي سان سرڪاري طور آئيني ماهر موجود آهن ۽ ان حوالي سان پورو ڊپارٽمنٽ به موجود آهي. صدر انهن ماهرن سان مشورا ڪيا هوندا؟ انهن اڳيان پنهنجا اعتراض لکت ۾ رکيا هوندا؟ جيڪڏهن ائين آهي ته انهن کي ثابت ڪرڻ گهڻو ڏکيو ڪم ناهي، پوءِ ته هيءَ قانون منظور ئي نه ٿيا.
ڪي حلقا سمجهن ٿا ته صدر کي ڪجهه حلقن صحيحون ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو هوندو، کيس ڪا ڌمڪي يا دهمان ڪيو ويو هوندو. کيس ايوان صدر مان غائب ڪرڻ جو چتاءُ ڏنو ويو هوندو يا کيس عهدي تان هٽائڻ جي ڌمڪي ملي هوندي. صدر صاحب، پوءِ ڪو فلمي سين سوچيو هوندو، يا وري ان جوابدار جيان، جنهن تي مار پوندي آهي ته هو پوليس يا لاڳاپيل ڌرين اڳيان سمورا اعتراف ڪندو آهي ۽ پوءِ مئجسٽريٽ جي اڳيان 164 جي بيان ريڪارڊ ڪرائڻ وقت ڦيرو کائيندو آهي ته مٿس تشدد ڪيو ويو يا وري مارڻ جي ڌمڪي ملي. ان ڪري هن اهڙا اعتراف ڪيا ته جيئن جان جي امان حاصل ڪري سگهجي؟ هيءَ ڳالهه عام ماڻهو يا جوابدار لاءِ ته درست آهي، پر ملڪ جي اعليٰ عهديدار لاءِ يقين سان چئي نٿي سگهجي. هيءَ ڳالهه به سڀني کي ياد هوندي ته هڪ اڳوڻي صدر لاءِ اهو چيو ويو ته کيس ڌمڪي ملي ته، زبردستي ايوان صدر مان گهلي ڪڍيو ويندو. هن کي هٿيارن جي زور تي ڪڍي سگهجي ٿو، هن کان استعيفا به گهري وئي، پر هن رڳو انڪار ئي نه ڪيو، پر رات جو ڪلاشنڪوف کڻي، ايوان صدر ۾ پهرو به ڏيندو رهيو. ايسلواڊور جي ڪميونسٽ صدر آليندي ته آمريڪي جاسوسن سان وڙهندي، ايوان صدر ۾ ماريو ويو.
صدر عارف علوي، بلن تي صحيحون نه ڪيون، مڃي سگهجي ٿو ته پوءِ هو پي ٽي آءِ جي چيئرمين عمران خان، وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، اڳوڻي سيڪريٽري جنرل اسد عمر ۽ ٻيا اهي، جيڪي انهن قانونن کان متاثر ٿيڻ وارا آهن،انهن کان معافي ڇو ورتي؟ معافي تڏهن وٺبي آهي، جڏهن ڪا خطا ٿي وڃي يا ڏوهه ڪيو هجي. ان ڪري هاڻ، ٻن قانونن جي نتيجي ۾ جيڪو طوفان آيو آهي، اهو نه صرف پي ٽي آءِ جي قيادت پر صدر صاحب کي به گهر ڀيڙو ڪري ڇڏيندو. ان لاءِ ٿورو انتظار ڪرڻو پوندو. يقين سان چئي سگهجي ٿو ته صدر پنهنجو ڪيس هارائي ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button