ايئن هڪ ڏينهن لونگ کي خبر پئي ٿي ته جانب ڳوٺ اچي رهيو آهي پر ٻن ٽنگن بدران چئن ڪلهن تي… لونگ جيڪو ان وقت ٻنيءَ ۾ ڪم ڪري رهيو آهي، ڪلهي تي ڪوڏر رکي قبرستان ڏانهن ڀڄي ٿو جيئن ڪو ٻيو هن جي يار جانب جي قبر کوٽڻ نه شروع ڪري ڏئي. هن ڪهاڻيءَ جي پڄاڻي هنن هان ڏاريندڙن جملن سان ٿئي ٿي:
“منهنجي جانب يار جي قبر آهي سا آئون خراب ٺاهيندس ڇا؟ مون هن جي قبر لا ڪوڏر به نئين آندي آهي، اوهان کي ڪهڙي خبر؟ هن کان اڄ پهريون ڀيرو مقام ۾ اوڇنگار نڪتي ۽ هو قبر ۾ ويهي رهيو.”
ايئن تي هيءَ پڙهڻ ۾ سادي ڪهاڻي لڳي ٿي، پر هن ڪهاڻيءَ جو ڪمال ئي اهو ته ان ۾ سادگي سان طبقاتي سماج کي ننديو ويو آهي، اميري ۽ غريبيءَ جي فرق کي نروار ڪيو ويو آهي. هن ڪهاڻيءَ ۾ اهو ڏيکاريو ويو آهي ته هن سماج ۾ ڪجهه ماڻهن جو ڏوهه رڳو اهو آهي ته اهي غريب آهن، جنهنڪري اهي امير ماڻهن سان دوست هجڻ جو سوچين به نه، جيڪڏهن ڪو امير کين کلي ڏسي به ٿو تڏهن به انهن کي ڪنهن خوشفهميءَ ۾ نه رهڻ گهرجي. جيڪڏهن اوهان جو دوست امير ٿي وڃي ٿو ۽ اوهان ڪن سببن جي ڪري غريب ئي رهجي ٿا وڃو ته اوهان کي سماجي وٿي کي برقرار رکڻو پوندو. هن ڪهاڻيءَ جي هڪڙي خوبصورتي اها به آهي ته هن ڪمال مهارت سان ڊارڪ هيومر جو استعمال ڪيل آهي، ان جو هڪ مثال ڪهاڻيءَ ۾ ڏنل هي جملو آهي:
“پر هن جي ڳالهه هر ڪنهن ٻڌي اڻ ٻڌي ڪري ڇڏي ۽ واقعي هو ته سچو پر غريب ماڻهوءَ جي ڳالهه تي ڪير اعتبار ڪري؟ ڳوٺ جي وڏيري جو پٽ ڪوڙ به هڻي ته سڀ ڪو اعتبار ڪري وٺي.” هن جملي مان اسان جي سماج جو مڪروهه چهرو صاف ظاهر ٿي پئي ٿو ته غريب جو سچ آنڪ به نه لهي ۽ امير جي ڪوڙ جو ملهه هزار ۽ اهو سچ به آهي. جڏهن به اسان ڪنهن مسئلي ۾ ڦاسندا آهيون ته سڀ کان پهرين پڇيو ويندو آهي: “ابا ڪو چڱو ماڻهو توکي سڃاڻي به يا نه؟” هتي چڱي ماڻهو مان مراد اهڙو ماڻهو جنهن وٽ پئسو ڏوڪڙ هجي يا طاقت هجي! اهو ئي اسان جي سماج جو ڪنو چهرو آهي جنهن تان حفيِظ ڪنڀر هن ڪهاڻيءَ ۾ وڏي سولائيءَ سان پردو کڻڻ ۾ ڪامياب ويو آهي.
چاچي سماني: پدرشاهي سماجن ۾ جڏهن چاچي سماني جهڙي ڪنهن مائيءَ جو ڪردار ڪهاڻين ۾ پڙهڻ لا ملندو آهي ته دل ۾ هڪ اميد جاڳي پوندي آهي ته هن سماج کي مٽائي سگهجي ٿو، ڀلي اهو ڪم سيسي فس جيان ڪلهي تي وڏو پٿر رکي جبل چڙهڻ برابر هجي پر اهو ڪم ڏکيو نه آهي. جڏهن چُنجهن اکين، چهٽل پڏرن، سانوري ۽ مضبوط بت واري چاچي سمانيءَ جي ڪهاڻي پڙهڻ شروع ڪيم ته مون کي رسول حمزه توف جي داغستان جي اها پٽون ڏيندڙ مائي ياد اچي وئي جنهن کان هر ڪو پيو ڊڄندو هو.
چاچي سمانيءَ جو ڪردار ان سنڌي عورت جو ڪردار آهي جيڪا سج چڙهڻ کان ويندي سج لهڻ تائين پنهنجي گهر وارن لا اڀي لڳي بيٺي هوندي آهي، پر ان جو ڪنهن کي به قدر نه هوندو آهي. اها عورت ان لاپرواهه رويي جي ڪري اهڙي ته مضبوط ٿي پوندي آهي جو جڏهن هلڪي ڦلڪي بيماري ايندي اٿس ته ان کي ليکي ۾ ئي ڪونه آڻيندي آهي، جيئن هن ڪهاڻيءَ ۾ ڄاڻايو ويو آهي:
“اهڙي بيماري هوندي به هن لا منجو جهلڻ ميهڻو هو. سندس علاج ٿيو نه ٿيو هن جي حصي ۾ اهو ئي پاڻي ڀرڻ، ڪپڙا ڌوئڻ، راڳا روپا ڪرڻ، گاهه ڪرڻ، ٻار ۽ گهر سنڀالڻ رهيو.”
هن ڪهاڻيءَ جي خوبي اها پڻ آهي ته چاچي سمانيءَ جي ڪردار هڪ مضبوط عورت طور ڏيکاريو ويو آهي، جيڪو فيمنزم ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو، جنهن جو بهترين مثال هنن جملن مان ملي ٿو:
“ڏٻي مينهن جي سڱن جهڙيون مڇيون لڙڪائي اچي بيهي رهيو ڪو ڪنڌ ڀڄيس، ڏاڙهي پٽي گوڏ ۾ اهڙي وجهنديسئين جو ماڻهين کي پيو سڏ ڪندين.”
هي جملا ان سنڌي عورت ڏانهن اشارو ڪري رهيا آهن، جيڪا پنهنجي مان مريادا ۽ سيلف ريسپيڪٽ لا مرداڻي سماج ۾ به ڇسن مردن کي للڪاري ٿي ۽ مرد پنهنجو پٽڪو بچائڻ لا هن کان پاسو ڪندا رهن ٿا.
(هلندڙ)