ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

فاطما ڦرڙو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ

Editorial

راڻيپور ۾ تشدد جو شڪار ٿيڻ کان پوءِ فوت ٿي ويل ٻارڙي فاطما ڦرڙو جي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، ان رپورٽ ۾ ساڻنس جنسي ڏاڍائيءَ جا ثبوت پڻ مليا آهن. سنڌ ۾ ڪيتريون ئي اهڙيون حويليون آهن، جتي ٻارڙين ۽ عورتن کي باندي بڻائي رکيو ويندو آهي، جنهنڪري اهي نه رڳو جسماني تشدد جو شڪار ٿين ٿيون پر جنسي تشدد جو شڪار پڻ ٿينديون رهنديون آهن، هاڻ جڏهن راڻيپور ۾ فاطما ڦرڙو جو ڪيس سامهون آيو آهي ته ان مان ظاهر ٿئي پيو ته سنڌ ۾ جيڪي به حويليون موجود آهن، اتي موجود ڪيتريون ئي ٻارڙيون ۽ عورتون پنهنجي زندگي پيرن وٽ گروي رکيو ويٺيون آهن پر انهن سان ٿيندڙ ظلم تي ڪو آواز نٿو اٿاريو وڃي، جيڪڏهن فاطما وارو ڪيس ميڊيا ۾ نه اچي ها ته هن وقت تائين فاطما جو نه پوسٽ مارٽم ٿئي ها ۽ نه ئي ان سان لاڳاپيل ڪي حقيقتون سامهون اچن ها. تازي رپورٽ ۾ جيڪي انڪشاف ٿيا آهن، انهن موجب ساڻس وڏو ظلم ٿيو آهي.
خبر موجب راڻيپور ۾ پيرن جي حويليءَ ۾ قتل ٿيل نينگري فاطما ڦرڙو جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ جاري ڪئي وئي آهي، جنھن ۾ نينگري فاطما ڦرڙو تشدد ۽ زيادتيءَ جي تصديق ٿي آهي، رپورٽ موجب معصوم فاطما جي ڪنن ۽ نڪ مان رت وهي رهيو هو، سندس سڄي جسم تي تشدد جا نشان آهن، منھن، ڳچيءَ ۽ ڪلھي تي به تشدد جا گھرا نشان ھئا، نينگريءَ جي سموري جسم تي تشدد جا نشان موجود آهن، جڏهن ته ميڊيڪل رپورٽ موجب نينگريءَ سان مختلف وقتن تي ڪافي عرصي کان زيادتي ٿيندي رھي آھي، ڪافي پراڻا زخم ڀرجي چڪا آهن ۽ نئين تازي زيادتي سبب نينگري فوت ٿي آھي. ٻئي پاسي ڊي آ جي سکر جاويد جسڪاڻي چيو آهي ته معصوم نينگري فاطما ڦرڙو جي موت جي جاچ ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آھي، ميڊيڪل بورڊ پنهنجي رپورٽ ۾ فاطما تي تشدد جي تصديق ڪندي زيادتيءَ جو خدشو ظاهر ڪري ڇڏيو آھي. ڊي آءِ جي سکر موجب ميڊيڪل بورڊ پاران شروعاتي رپورٽ ۾ فاطما تي جسماني تشدد جي تصديق ڪئي آهي ۽ جنسي زيادتيءَ جو خدشو پڻ ظاهر ڪيو آهي، جوابدارن کي حقيقتون مٽائڻ، لاش بنا پوسٽ مارٽم جي دفنائڻ جي ڏوھن ۾ نامزد ڪيو ويندو.

هنن معاملن کان ٻارن کي ڪيئن بچائي سگهجي ٿو، ان لاءِ سڄي ملڪ ۾ هڪجهڙي قانون سازي ٿيل آهي، پر ان قانون سازيءَ تي ڪوبه عمل نٿو ٿئي. ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن جي تعليم جي شرح سئو سيڪڙُو ڪئي وڃي. هر ٻار جي رسائي اسڪول تائين لازمي ڪرائي وڃي ۽ ڪنهن به صورت ۾ جبري پورهيو نه ڪرايو وڃي. ارڙهين ترميم کان پوءِ تعليم صوبن جي حوالي آهي. تنهنڪري اها صوبائي حڪومت جي ذميواري آهي ته اها هر ٻار کي اسڪول جو در ڏيکاري ۽ جيئن ته ٻارهين درجي تائين هر ٻار جي تعليم مفت آهي، تنهنڪري هر ٻار جو اهو حق آهي ته ان کي تعليم ڏياري وڃي ته جيئن اهي حويلين ۾ قيد ٿي ڪم ڪرڻ يا ڪنهن دڪان تي جبري پورهيو ڪرڻ کان بچي وڃن. ٻي صورت ۾ فاطما جهڙيون ڪيتريون ئي معصوم ڇوڪريون بي گناهه ماريون وينديون ۽ اسين رڳو احتجاج پيا ڪنداسين.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button