پاڪستانسنڌ

فاطمه واقعي بابت جي آ ٽي جوڙي ٽيڪنيڪل ماڻهو شامل ڪيا وڃن: ڊي آ جي/ايس ايس پي

خیيرپور: ڊي آءِ جي سکر جاويد احمد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي خيرپور مير روحل کوسو جي راڻيپور ٿاڻي تي گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آھي ته معصوم نينگري فاطمه واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪري رهيا آهيون، چاهيون ٿا ته بي گناهه کي سزا نه ملي ۽ گنهگار سزا کان نه بچي، ھنن چيو ته فاطمه جي والده ۽ ڪيس جي فريادڻ ڪيس ۾ وڌيڪ نالا ڏيندي ته اهي شامل ڪيا ويندا ۽ انھن خلاف به جاچ ڪئي ويندي، ڊاڪٽر ۽ ڊسپينسر کي حراست ۾ وٺڻ سان گڏ دوائون به تحويل ۾ ورتيون ويون آهن، ھنن چيو ته گرفتار جوابدار اسد شاهھ جاچ دوران اھو ٻڌايو ته ڪمري ۾ سي سي ٽي وي ڪيمرا ان ڪري لڳائي وئي آهي ته جيئن ملازمن طرفان چوري وارين وارداتن کان بچي سگهجي، اسان سي سي ٽي وي فوٽيجز جي فارنزڪ لاءِ ڊي وي آر پنجاب فارنزڪ ليب موڪلي آهي، ھنن چيو ته سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته ڊي اين اي ٽيسٽ جوابدار بدران حويلي جي ڪنهن ملازم سان ميچ ڪرائي جوابدار کي بچايو ويندو، جنهن جو سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي، صحافين يا ڪنهن وٽ به هن واقعي بابت ٻيا ڪي ثبوت يا خدشا آهن ته اسان سان شيئر ڪري ته جيئن هن ڪيس ۾ مدد ملي سگهي، ھنن چيو ته اسين چاهيون ٿا ته هن ڪيس بابت جي آءِ ٽي جڙي، جنهن ۾ ٽيڪنيڪل ماڻهن کي شامل ڪيو وڃي، فاطمه قتل ڪيس ۾ ڪنهن سان به زيادتي نه ٿيندي، ڪيس جي هر رخ کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جوابدار حنا شاهه جي عبوري ضمانت سڀاڻي ختم ٿي رهي آهي، سندس وڌيڪ ضمانت نه ٿيڻ ۽ گرفتاري لاءِ ڪوششون جاري آهن، اسد شاهه جي ماءُ پريس ڪانفرنس ۾ جن جا نالا کنيا آھن انھن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو. ھنن چيو ته وڏي وزير جي حڪم تي 20 ورهين جي ثنا جي گم ٿيڻ واري ڪيس ۾ پير سهيل شاهه خلاف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ھي ڪيس ڏيڍ سال پراڻو آهي، وارثن کي انصاف فراهم ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button