پاڪستانسنڌ

جونيئر ذوالفقار ڀٽو ۽ ام رباب چانڊيو ٻارڙي جي وارثن وٽ پهچي ويا

خيرپور/خانواھڻ: پ پ شھيد ڀٽو جي سربراهه مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار ڀٽو ۽ ام رباب چانڊيو ٻِارڙي فاطمه ڦرڙو جي تڏي تي پهچي سندس پيءُ نديم علي ۽ امڙ شبانا ڦرڙو سان تعزيت جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي جونيئر ذوالفقار ڀٽو صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته امن امان جي صورتحال خراب آھي، هتي 10 سالن جي نياڻي به محفوظ ناھي، فاطمه ڦرڙو جو واقعو تمام ڏکوئيندڙ آھي، جيڪڏهن فاطمه جي خون سان انصاف نه ٿيو ته ويڙهه ڪنداسين. ٻئي طرف ام رباب چانڊيو چيو ته شھيد فاطمه ڦرڙو کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو آهي، سمورن قاتلن کي گرفتار ڪري ڦاهي چاڙھيو وڃي، اسد شاھه جي زال حنا شاھه کي به گرفتار ڪري جاچ ڪرڻ گهرجي، راڻيپور واقعي جي جوڊيشل انڪوائري ڪرائي ڪيس ۾ اي ٽي سي جا قلم لڳايا وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button