پاڪستانسنڌ

منهنجو پٽ اسد شاهه بيگناهه آهي: ميرا بيبي عرف امان ڏاڏي

خیيرپور: فاطمه ڦرڙو جي قتل ڪيس جي مک جوابدار اسد شاھه جي ما ميرا بيبي عرف امان ڏاڏي پاڪ ڪتاب کڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته منهنجو پٽ بيگناهه آهي، ملڪ جي ڪهڙي به ليبارٽري مان ڊي اين اي ٽيسٽون ڪرايون وڃن پر منھنجو پٽ اسد شاهھ بيگناھه ثابت ٿيندو، مون کي ڪابه خبر نه آهي فاطمه تي ڪنهن تشدد ڪيو آهي، مان ڪنهن کي به پنهنجي اکين سان ناهي ڏٺو. ھن وڌيڪ چيو ته اجالا ڦرڙو ۽ ثانيه ڦرڙو پهريان فياض شاهه وٽ هونديون هيون، بعد ۾ خدمت لا پنهنجي ڌي حنا شاہه کي حويلي ۾ پهچايون، فاطمه به پهرين فياض حسين شاهه وٽ هئي، ٽي مهينا اڳ فياض شاهه پنهنجي ڌيءَ حنا شاہه کي خدمت لاءِ ڏني هئي، فاطمه جي طبيعت خراب هئي، جنهن جو علاج ڊاڪٽرن کان ڪرايوسين پر هو نه بچي سگهي. ميرا بيبي چيو ته فاطمه ڪيس جي مڪمل جاچ ڪري اسان سان انصاف فراهم ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button