پاڪستانسنڌ

فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لا مختلف شهرن ۾ ريليون، ڌرڻا

حيدرآباد: راڻيپور ۾ پيرن جي حويلي ۾ مبينا طور قتل ڪيل ٻارڙي فاطمه ڦرڙو جي خون سان انصاف لا مختلف شهرن ۾ سياسي سماجي ڌرين ۽ صحافين جون ريليون، ڌرڻا. ان سلسلي ۾ قمبر ۾ پ پ شهيد ڀٽو جي اڳواڻن وقار شابراڻي، طفيل احمد سانگاھه، نثار چانڊيو، عرفان گوپانگ ۽ ٻين جناح باغ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو هنيو. ٺٽي جي سياسي سماجي ڌرين اقبال جاکرو، جبار ڀنڀرو، مدد ميرجت، زاھد کوکر، اعجاز شاهھ ڀاڏائي، انور جاکرو، صادق لاکو، صاحبڏنو سمون، راھي درس، ڀورو سرڪي، ساگر موسيٰ، شھروز چانگ، واحد خشڪ، شرف خشڪ، رحمٰن سمون، سلمان عمراڻي، رشيد جاکرو، نظير جاکرو، رحمت اللہ ڇُٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو. شهدادڪوٽ ۾ سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن وھاب پنڌراڻي، منور منگي، الله داد خشڪ، وزير کوسو، شعبان جمالي، گل ڀٽي، عرفان سيلرو ۽ ٻين ھٿن ۾ پلي ڪارڊ بينر کڻي ريلي ڪڍي ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو. ٽنڊو غلام علي ۾ سماجي اڳواڻن سيد سجاد شاھه، عمران ڪنڀر، غلام علي جلالاڻي، ڪامريڊ عبدالڪريم نهڙيو ۽ ٻين احتجاج ڪيو. خانواھڻ ۾ عاشق علي شاھه، محمد موسيٰ ڪونڌر، پريم ميمڻ، ڳيرو ملاح، عاصم عباسي ۽ ٻين سونارا بازار کان شاھي بازار ۽ عيدگاھه چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو. سامارو ۾ خاصخيلي اتحاد ۽ جسقم پاران محرم علي خاصخيلي، رسول بخش خاصخيلي، نياز خاصخيلي، شوڪت خاصخيلي، عبدالمجيد ڌونڪائي، خادم حسين باغي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاهه لطيف چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي. ميرو خان ۾ حسين بخش ميمڻ، صدام جکرو، رياض ڀٽي، احسان تنيو ۽ ٻين ريلي ڪڍي. اڳواڻن جو چوڻ هو ته فاطمه واقعي جي سمورن جوابدارن کي گرفتار ڪري نياڻي سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button