اسلام آبادپاڪستان

رياست اقليتن جي تحفظ ۾ ڪوتاهي برداشت نه ڪندي: نگران وزيراعظم

فيصل آباد: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ فيصل آباد جي علائقي جڙانوالا ۾ عيسائي برادري جي چرچن ۽ گهرن کي ساڙڻ واري واقعي کي افسوسناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو ۽ مستقبل ۾ رياست اهڙو واقعو ٿيڻ نه ڏيندي. جڙانوالا ۾ 16 آگسٽ جي متاثرن ۾ 20، 20 لک رپين جا چيڪ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته نگران وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ جي 2 ڏينهن کانپوءِ ئي هي افسوسناڪ واقعو پيش آيو. هن چيو ته انتظاميا ۽ پوليس اختيارين سميت سڪيورٽي ادارن جي سهڪار سان هر ممڪن قدم کنيا ويا آهن ۽ واضح هدايتون جاري ڪيون ويون آهن ته نه رڳو اقليتن جي حقن کي يقيني بڻايو وڃي، اهي عيسائي هجن پر هندو، پارسي يا ڪنهن ٻئي جا پيروڪار هجن، انهن جي مذهبن کي تحفظ ڏنو وڃي. هن چيو ته ڪنهن به قسم جي لاقانونيت کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ نه ئي معاشري ۾ انتشار پيدا ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش کي ڪامياب ٿيڻ ڏنو ويندو.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته سندس جڙانوالا جي دوري جو مقصد به اهو ئي آهي ته هو پنهنجي اقليتن کي يقين ڏيارڻ چاهين ٿا ته ڪنهن کي به پرتشدد رويو اختيار ڪرڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ نه ئي ڪنهن کي مذهب، نسل يا ٻولي جي فرق جي اجازت ڏني ويندي. هن چيو ته جتي به اقليتن جي حقن جو تعلق هوندو ته رياست اقليتن سان گڏ بيٺل هوندي، هن چيو ته رياست عيسائين، هندن، سکن، پارسين يا ٻين اقليتن خلاف نفرت انگيز ڪاررواين جي اجازت نه ڏيندي، قائداعظم اسان جو مثالي ليڊر هو، جنهن قوم، رياست ۽ قومي اتحاد جو درس ڏنو. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙ اقليتن جي جان، مال، عزت جو تحفظ ۽ معاشري ۾ انصاف ۽ عدل رياست جي ذميواري آهي ڇو ته ان کانسواءِ معاشرو قائم نٿو رهي سگهي. انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته جيتوڻيڪ ايندڙ سڀاڻي ڪنهن جي وس ۾ ناهي پر هو ان ڳالهه کي يقيني بڻائيندا ته جيڪڏهن ڪنهن به شرپسند اقليتن تي ٻيهر حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته ان کي عبرت جو نشانو بڻايو ويندو. ان موقعي تي پنجاب جو گورنر محمد بليغ الرحمان، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، نگران وفاقي گهرو وزير سرفراز بگٽي ٻيا موجود هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button