اسلام آبادپاڪستان

ڀارتي فوج جي ايل او سي تي فائرنگ،هڪ ڄڻو فوت،3 زخمي

راولپنڊي: ڀارتي فوج لائين آف ڪنٽرول (ايل او سي) تي سيز فائر معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ هڪ ڄڻو فوت ٿي ويو، جڏهن ته 3 عورتون زخمي ٿي پيون. آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي فوج ايل او سي جي نڪيال سيڪٽر تي بنا جواز فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ 60 ورهين جو غياث فوت ٿي ويو. آءِ ايس پي آر موجب ڀارتي فوج جي فائرنگ ۾ 3 عورتون جيڪي زمينن ۾ گاهه ڪري رهيون هيون زخمي پڻ ٿيون. آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ڀارتي جارحيت موجوده سيز فائر معاهدي جي واضح خلاف ورزي آهي، شهرين جي جان ۽ مال جي تحفظ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويندا، پاڪستاني عوام خلاف ڪنهن به قسم جي مهم جوئي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button