اسلام آبادپاڪستان

نگران وفاقي حڪومت جو بجلي نظام صوبن حوالي ڪرڻ جو فيصلو

اسلام آباد: نگران وفاقي حڪومت بجلي جي وڪري، ورڇ ۽ ٽيرف جو موجوده نظام ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي مالڪي صوبن کي ڏيڻ جي سمري وفاقي ڪابينا ڏانهن موڪلڻ جي منظوري ڏني وئي آهي. دستاويزن موجب وفاقي حڪومت سڄي ملڪ ۾ بجلي جا هڪ جهڙا ٽيرف ختم ڪرڻ، بجلي جي قيمتن ۽ سبسڊيز جي ذميواري صوبن ڏانهن منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته حيدرآباد ۽ سکر اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي سنڌ جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو،

جڏهن ته ڪوئيٽا اليڪٽرڪ ڪمپني کي بلوچستان جي ملڪيت ۾ ڏنو ويندو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته لاهور، گجرانوالا، فيصل آباد ۽ ملتان اليڪٽرڪ سپلاءِ جي ملڪيت پنجاب کي منتقل ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته اسلام آباد اليڪٽرڪ سپلائي ڪمپني پنجاب ۽ وفاق جي گڏيل ملڪيت هوندي. دستاويز موجب پشاور ۽ قبائلي علائقي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي خيبرپختونخوا جي ملڪيت ۾ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. دستاويز ۾ چيو ويو آهي ته پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنيون صوبن جي حوالي ڪرڻ لاءِ پاليسي فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي. بجلي چوري ۽ وصوليون نه ٿيڻ سبب قومي خزاني جو بار برداشت نه ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button