اسلام آبادپاڪستان

صدر پنهنجي سيڪريٽري جون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون

اسلام آباد: بلن واري تڪرار تي صدر عارف علوي جو پهريون ايڪشن سامهون اچي ويو آهي، هن پنهنجي سيڪريٽري وقار احمد جون خدمتون واپس ڪري ڇڏيون. صدر هائوس طرفان وزيراعظم جي پرنسپل سيڪريٽري کي خط اماڻيو ويو آهي. جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صدر کي هاڻي سيڪريٽري وقار احمد جي خدمتن جي ضرورت ناهي، سندس خدمتون فوري طور تي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن ڏانهن واپس ڪيون وڃن. خط ۾ پاڪستان ايڊمنسٽريٽو سروسز جي گريڊ 22 جي آفيسر مس حميرا احمد کي صدر جو سيڪريٽري مقرر ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ويو آهي.

ياد رهي ته گذريل ڏينهن صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو هو ته الله شاهد آهي، هن آفيشل سيڪريٽس ايڪٽ ۽ آرمي ايڪٽ ترميمي بل تي صحيحون نه ڪيون آهن، انهي معاملي تي مون پنهنجي اسٽاف کي چيو ته بل صحيح کانسواءِ واپس موڪليو وڃي. صدر پاڪستان وڌيڪ چيو ته مون ڪيترائي ڀيرا اسٽاف سان تصديق ڪئي آهي ته بل صحيح کانسواءِ واپس موڪليا ويا آهن، مون کي هاڻ معلوم ٿيو ته منهنجي عملدار منهنجي مرضي ۽ حڪم جي ڀڃڪڙي ڪئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button