اسلام آبادپاڪستان

ايمان مزاري ۽ علي وزير جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي

اسلام آباد: اسلام آباد جي عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير کي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو. پوليس ايمان مزاري ۽ پشتون تحفظ موومينٽ جي اڳواڻ علي وزير کي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين جي عدالت ۾ پيش ڪيو، پوليس ايمان مزاري جي 10 ڏينهن جي جسماني رمانڊ جي درخواست ڪئي، جنهن تي عدالت ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪري ورتو. عدالت علي وزير جي جسماني رمانڊ لاءِ پوليس جي درخواست تي به فيصلو محفوظ ڪيو، جنهن بعد عدالت ايمان مزاري ۽ علي وزير جو ٽن ڏينهن جو جسماني رمانڊ منظور ڪندي جوابدارن کي 24 آگسٽ تي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button