پاڪستانسنڌ

جهڏي ۾ پرائمري اسڪول مان 2 ماسترياڻيون بدلي، شاگردياڻين جو مظاهرو

جهڏو: جهڏو تعليم کاتي انتظاميا هلندڙ گرلز پرائمري اسڪول مان ٻن عورت استادن کي بدلي ڪري اسڪول بند ڪرائي ڇڏيو، 15 ڏينهن کان اسڪول بند هجڻ سبب شاگردياڻيون تعليم جي زيور کان محروم ٿي ويون. يوسي آهوري ۾ گورنمينٽ گرلز پرائمري اسڪول جي شاگردياڻين پنهنجي والدين ۽ مقامي ڳوٺاڻن سان گڏ علي حيدر لغاري، عائشه، شگفته، نسرين ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ تعليم کاتي جهڏي جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. هنن چيو ته اسان جو اسڪول گذريل ڪيترن ئي سالن کان هلندڙ آهي، اسڪول ۾ ڳوٺ جون 35 شاگردياڻيون داخل آهن، جن کي 2 ماسترياڻيون پڙهائي رهيون هيون، پر 15 ڏينهن اڳ تعليم کاتي جهڏو جي عملدارن اسڪول مان ٻنهي ماسترياڻين کي بدلي ڪري ڇڏيو آهي، هاڻ روز ٻارڙيون اسڪول وڃن ٿيون، پر کين پڙهائڻ وارو ڪير به ناهي، اسڪول کي تالا لڳل آهن، ان ڪري ٻارڙيون موٽي اچن ٿيون، مقامي عملدارن اسڪول بند ڪرائي ظلم ڪيو آهي، تعليم کاتي جي اختيارين کي به شڪايتون ڪيون آهن، پر مسئلو حل نٿو ڪيو وڃي. هنن سيڪريٽري تعليم کان گهر ڪئي ته ماسترياڻيون مقرر ڪري اسڪول کولرائي تعليمي سرگرميون شروع ڪيون وڃن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button