پاڪستانسنڌ

عثمان شاهه هڙي ۾ هٿرادو طور بجلي بند ڪرڻ خلاف مظاهرو

عثمان شاھه ھڙي: عثمان شاھه ھڙي سميت سڄي علائقي جي ڳوٺن ۽ شھرن جي بجلي حيسڪو ٽنڊوالهيار ون ۽ ايڪسيئن حيسڪو ٽنڊوالهيار جي نادري حڪم تي مسلسل سٽي ٿرڊ فيڊر جي مين کي روز بند ڪرڻ خلاف شھرين ۽ بجلي متاثر صارفين ڊاڪٽر شاھنواز عاقلاڻي، محبوب پٺاڻ، وزير خاصخيلي، اشرف ڪمبوهه ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري ٽائرن کي ساڙي روڊ بلاڪ ڪيو ۽ ايس ڊي او حيسڪو ۽ ٻين عملدارن خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي. هنن چيو ته بجلي بل ادا ڪرڻ باوجود بجلي بند ڪئي وڃي ٿي، جنهن سبب اٽي جي چڪين سميت سڄو ڪاروبار متاثر ٿي ويو آهي، رات کان هن وقت 15 ڪلاڪن کان بجلي بند آهي. هنن حيسڪو چيف کان گهر ڪئي ته بجلي جي هٿرادو ڊگهي اکٻوٽ کي ختم ڪري ڪاروباري نقصان کان بچايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button