پاڪستانسنڌ

ڇاڇري ۾ قبضا ڄاڻائي 10 گهر پٽ، اي سي جي گاڏي اڳيان ڌرڻو

ڇاڇرو: ڇاڇرو ۾ انتظاميا قبضا ڄاڻائي پورهيتن جا 10 کان وڌيڪ گهر ڊاهي ڇڏيا. متاثر ماڻهو اي سي جي گاڏي اڳيان ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. تفصيل موجب ڇاڇرو جي قديمي ترائي ۾ ۽ هندن جي مساڻ ڀرسان سرڪاري زمين تي ٿيل قبضن خلاف اسسٽنٽ ڪمشنر علي حيدر شيخ، مختيارڪار محمد سالم سميجو ۽ ٽائون چيئرمين مير مرتضى بجير جي اڳواڻي ۾ پوليس اٽالن ۽ ٽائون ملازمن ڳري مشينري ذريعي آپريشن ڪيو، جنهن دوران چنيسر بجير، دودو بجير، هڪ بيوھه عورت حوا مڱڻهار، حنيف مڱڻهار، رمضان مڱڻهار ۽ جوڳي فقيرن سميت 10 کان وڌيڪ پورهيتن جا ڪکاوان اجھا ڊاهي پٽ ڪيا ويا، ڪاروائي دوران عورتن ۽ ٻارن دانهون ڪيون. آپريشن دوران هڪ عورت بيهوش ٿي وئي، جنهن کي ۾ اسپتال ۾ داخل ڪرايو ويو. آپريشن دوران متاثر ماڻهن اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار جي گاڏي آڏو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا. ان موقعي تي متاثرن ميڊيا آڏو احتجاج ڪندي چيو ته قديمي ترائي، مساڻ ۽ بائي پاس روڊ جي ٻنهي پاسن هڪ سئو کان وڌيڪ ماڻهن قبضا ڪيا آهن، ڪيترن ئي بااثر ماڻهن جون عمارتون آهن، بااثر زمينون وڪرو ڪرڻ جو سرعام ڪاروبار ڪري رهيا آهن، جن خلاف ڪا ڪاروائي ناهي ڪئي وئي، ٽارگيٽ آپريشن ڪري غريبن کي بي گهر ڪيو ويو آهي. متاثرن اعلى اختيارين کان نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته بااثر قبضا مافيا ۽ ٽارگيٽ ڪارروائي ڪندڙ انتظاميا خلاف ڪارروائي ڪري انصاف ڪيو وڃي. ٻئي پاسي اسسٽنٽ ڪمشنر علي حيدر شيخ جو چوڻ آهي ته جيڪي قبضي وارا گهر رهجي ويا آهن، انهن کي نوٽيس جاري ڪرڻ بعد ڪاروائي ڪئي ويندي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button