پاڪستانسنڌ

چمبڙ ويجهو موٽر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب معصوم ٻارڙو فوت

چمبڙ: چمبڙ ويجهو سنجر چانگ روڊ گرڊ اسٽيشن سامهون ڳوٺ گل محمد ڀٽي ۾ پورهيت صدام ڀٽي جي 6 ورهين جي معصوم پٽ اعجاز ڀٽي کي گهر اندر پاڻي واري موٽر مان اوچتو ڪرنٽ لڳي ويو، جنهن سبب نينگر موقعي تي دم ڏنو. ٻڌايو پيو وڃي ته موٽر ھلي رھيو ھو ته ٻارڙي اعجاز ڀٽي اوچتو ھٿ لاٿو ته کيس ڪرنٽ لڳي ويو، معصوم نينگر کي وارث فورن رورل هيلٿ سينٽر کڻائي آيا، جتي ڊاڪٽرن نينگر جي فوت ٿيڻ جي تصدیق ڪئي، معصوم ٻار جو لاش گهر آندو ويو ته ڪهرام مچي ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button