ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

آسڪر ۽ دنيا جا پورهيت-I

Editorial-Article- Yameen Jatoi

ڪجهه سال اڳ بهترين “ڊاڪيومينٽري فيچر” جو آسڪرايوارڊ “امريڪن فيڪٽريءَ” کي مليو. جنهن کي ٻن فلم ميڪرز جوليا ريخرٽ ۽ اسٽيون بوگنر ٺاهيو. اها ڊاڪيومينٽري دراصل آمريڪا جي اوهيو رياست جي شهر ڊيٽن جي مينيوفيڪچرنگ پلانٽ ۾ “ثقافتي ٽڪراءُ” تي ٻڌل هئي. اهو ايوارڊ وصول ڪرڻ وقت جوليا ريخرٽ پورهيتن جي مشڪلاتن جو ذڪر ڪندي چيو هو: “اسان جو مڃڻ آهي ته، شيون بهتر تڏهن ٿينديون جڏهن دنيا جا پورهيت متحد ٿيندا.” اڄ کان پوڻا ٻه صديون اڳ مارڪس ۽ اينگلز ڪميونسٽ پڌرنامي ۾ “دنيا جا پورهيت هڪ ٿيو” جي سڏ ذريعي دنيا جي پورهيتن کي گڏجڻ جي اپيل ڪئي هئي. تاريخ به ڪهڙا ڪهڙا نه لقاءُ ڏسڻ لاءِ پيش ڪري ٿي جو تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آسڪرايوارڊ جي ڪنهن تقريب ۾ ڪميونسٽ پڌرنامي جا اهي لفظ ورجايا وڃن ٿا، جن سڄي ويهين صديءَ کي مڪمل طور پنهنجي گرفت ۾ آڻي رکيو. جنهن صديءَ جو اڌ کان وڌيڪ عرصو آمريڪي سامراج سرد جنگ جي شڪل ۾ عالمي پورهيت تحريڪ خلاف وڙهندي، دنيا جي پورهيتن کي منتشر رکڻ لاءِ وڏي ۾ وڏي سيڙپڪاري ڪئي. هاڻي ان ئي آمريڪي سامراج جي هڪ ڪارپوريٽ تقريب ۾ ڪميونسٽ پڌرنامي جا اهي لفظ ورجايا وڃن ٿا، جيڪو سڄي ويهين صديءَ کي طئي ڪري رهيو هو. سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته، اها ڊاڪيومينٽري اڳوڻي آمريڪي صدر باراڪ اوباما ۽ سندس زال مشل جي “هاير گرائونڊ پروڊڪشنز” جي پٺڀرائيءَ سان تيار ڪئي وئي هئي ۽ اوباما صاحب اهو ايوارڊ کٽڻ تي کين مبارڪباد به ڏني هئي.
جيتوڻيڪ، گذريل ٻه صديون (19هين ۽ 20هين) اصل ۾ ڪميونسٽ پڌرنامي جون ئي صديون هيون، خاص ڪري ويهين صديءَ جي عظيم انقلابن ان ننڍڙي ڪتاب کي دنيا جي سڄي سياسي ادب تي حاوي حيثيت ڏئي ڇڏي، پر اهو به سچ آهي ته، اڄ ايڪهين صديءَ کي به ڪميونسٽ پڌرنامي سميت مارڪس جي سموري فڪري ڪم سان رجوع ڪرڻو پئجي رهيو آهي. جنهن جو هڪ اظهار آسڪرايوارڊ جي ڄاڻايل تقريب ۾ هڪ دستاويزي فلم ٺاهيندڙ جي ان تڙپ مان به ٿئي ٿو ته، دنيا جي پورهيتن جي اتحاد کانسواءِ شين ۾ بهتريءَ ناممڪن آهي. سو، دنيا جي پورهيتن جي اتحاد جو مقصد ڇا آهي؟ ظاهر آهي سامراجيت ۽ سرمائيداريءَ جو خاتمو، پورهيت طبقي جو پنهنجن پنهنجن ملڪن اندر سامراجيت ۽ سرمائيداري خلاف متحد ٿي، عالمي سوشلزم جي شروعات ڪرڻ، مظلوم قومن جي قومي آزادي جي تحريڪن جي سهائتا ڪري سامراجي نظام کي ڪمزور ڪري، سوشلسٽ انقلابن لا واٽ سڌي ڪرڻ.
اڄ دنيا جڏهن نئين سري سان سامراجي سرمائيداراڻي درندگيءَ تي سوچڻ شروع ڪيو آهي ته، ان کي پنهنجي ان سوچ جي ڌارائن کي درست سمت ۾ آڻڻ لاءِ رهنمائي وري به مارڪس جي فڪر کان وٺڻي پوي ٿي. ڇاڪاڻ ته سرمائيداراڻي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ انسانيت لاءِ جيڪڏهن تعمير جو ڪو رستو نڪري ٿو ته، اهو صرف ۽ صرف مارڪسزم ۽ عالمي پورهيت تحريڪ وٽان ئي نڪري ٿو.
اڄ سامراج جا معذرت خواهه ويهين صديءَ جي سوشلسٽ تجربي تي عمومي طور ۽ مارڪسزم تي خصوصي طور حملي آور ٿيل آهن. هڪ ته انهن جي مارڪسزم خلاف ايڏي وڏي پئماني تي زهريلي پروپئگنڊا پاڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته، اڄ به سامراج ۽ ان جا پگهاردار پڇ لٽڪائو دانشور ڪنهن فڪر کان ڊنل آهن ته، اهو مارڪسزم ئي آهي. انهن جو اهو عمل پاڻ مارڪسزم جي زنده جاويد هئڻ جو دليل آهي. ڇاڪاڻ ته اڄ ڏينهون ڏينهن مارڪسزم ۽ ويهين صديءَ جي سوشلسٽ تجربي ڏانهن مختلف ملڪن جي عوام جي موٽ سامراجي دانشورن لاءِ مٿي جو سور آهي، جو فوڪوياما جهڙي بورجوا دانشور کي به پنهنجي نظرئي “تاريخ جو خاتمو” جو نئين سر جائزو وٺندي، ان کي نون دليلن سان ثابت ڪرڻ لاءِ هٿ پير هڻڻا ٿا پون. پر هنن جي مارڪسزم کي دفنائڻ جي هر ڪوشش نه رڳو بي لاڀ ثابت ٿي چڪي آهي، پر اڄ عالمي سامراج جي قلعي آمريڪا ۾ به ترقيءَ جي سوشلسٽ ماڊل تي بحث نئين سري سان اٿڻ لڳو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ٽرمپ کان آمريڪي دانشورن تائين سوشلزم هڪ “خطرو” بڻجي چڪو آهي.
(هلندڙ)

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button