ايڊيٽوريل ۽ ڪالم

نصاب کان محروم شاگردياڻيون

Editorial

گرمين جون موڪلون ختم ٿيڻ کان پوءِ جيئن اسڪول کليا آهن ته نصابي ڪتابن جي کوٽ وارو معاملو سامهون اچي رهيو آهي. سنڌ جي هر ضلعي مان اهي دانهون اچي رهيون آهن ته شاگرد ۽ شاگردياڻين کي نصابي ڪتاب ڪونه مليا آهن. جنهنڪري هڪ پاسي انهن جي پڙهائي سخت متاثر ٿي رهي آهي ته ٻئي پاسي سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ان معاملي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪوششون ڪونه پيو وٺي. اهڙي صورتحال ۾ سنڌ جو تعليم کاتو پنهنجي ذميواري ڪيئن نڀائي رهيو آهي، اهو هڪ الڳ سوال آهي. جنهن جو پڇاڻو ڪرڻ نه رڳو استادن جو حق آهي پر انهن شاگردن جو به حق آهي جيڪي هن وقت تائين نصاب کان محروم لڳا پيا آهن. اصولي طور سنڌ جي سرڪاري اسڪولن ۾ ڪتاب ملڻ مفت آهي پر هيستائين ڪتابن جو اسڪولن تائين پهچڻ وارو مرحلو پورو نه ٿي سگهيو آهي. جنهنڪري سنڌ جو تعليمي نظام ڀوڳي رهيو آهي. ان معاملي تي سنڌ جي شهرن ۾ احتجاج پڻ ٿيندا رهيا آهن پر هن وقت تائين ان جو ڪو نوٽيس ڪونه ورتو آهي. ڇا سنڌ جو تعليم کاتو ٻارن کي نصاب پهچائڻ لاءِ تيار ڪونهي ۽ اهي بنا ڪتابن جي اسڪولن ويندا رهندا. ٽنڊو آدم جي اسڪولن ۾ به ساڳي صورتحال آهي.

ٽنڊوآدم ۾ جوهر آباد واري علائقي ۾ قائم سرڪاري گورنمينٽ بيگم رعنا لياقت علي خان هاءِ اسڪول ۾ 600 کان وڌيڪ شاگردياڻيون داخل آھن، جن کي اڃان تائين درسي ڪتاب ملي ناهن سگهيا. 600 شاگردياڻين کي پڙھائڻ لا فقط 3 عورت استاد مقرر آھن، جنهن سبب سوين شاگردياڻين جو مستقبل دا تي لڳل آھي. ڪتابن، ماسترياڻين جي کوٽ ۽ ٻين سهولتن جي اڻھوند خلاف شاگردياڻين وڏي انگ ۾ اسڪول ۾ احتجاج ڪندي نعريبازي ڪئي. هنن دانهيو ته اسڪول جي 600 شاگردياڻين کي تعليم ڏيڻ لا فقط 3 فيميل ٽيچرز رکيل آھن، ان کانسوا اڃا تائين درسي ڪتاب مڪمل طور فراهم نه ڪيا ويا آھن، جنهن سبب اسان جي اهم سبجيڪٽن جا پيرڊ نه پيا هلن، فرنيچر به پورو نه هجڻ سبب شاگردياڻيون پٽ تي ويهي تعليم حاصل ڪرڻ تي مجبور آھن. واش روم غير فعال بڻيل آھن، جنهن سبب اسان روز اسڪول اچي بنا تعليم حاصل ڪرڻ جي واپس گهرن ڏانهن وڃڻ تي مجبور آھيون، پر تعليم کاتي جا عملدار مسئلا حل ڪرڻ لا تيار ناهن. هوڏانهن اسڪول جي هيڊ مسٽريس شگفته اعجاز رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته اسڪول ۾ پهرين 7 ٽيچرز مقرر ٿيل هيون، جن مان 4 ترقي ملڻ بعد رليو ٿي ويون آھن، جنهن سبب هاڻ صرف 3 ٽيچرز تعليم ڏئي رهيون آھن. درسي ڪتابن، ماسترياڻين، فرنيچر جي کوٽ ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي کوٽ آھي، جنهن بابت واسطيدار اختيارين کي لکيو آھي.
اسين سمجهون ٿا ته ڪنهن به اسڪول ۾ بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ تعليم واري وزارت جو ڪم آهي. جن اسڪولن ۾ بنيادي سهولتون ڪونه آهن، اتي نصاب جو نه هجڻ شاگردن ۽ شاگردياڻين لاءِ ٻٽو عذاب آهي. تنهنڪري ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته نه رڳو ٽندو آدم جي اسڪول پر سنڌ ۾ جيڪي اسڪول آهن، انهن ۾ نصاب پهچايو وڃي ۽ جيڪي ماڻهو به نصاب نه پهچائڻ ۾ ملوث آهن، انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button