پاڪستانسنڌ

جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لا مظاهرا، وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان

حيدرآباد: شهيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاري لا صحافي سراپا احتجاج، سکر ۾ ڊي آ جي آفيس آڏو ڌرڻو، سياسي سماجي ڌرين جا مظاهرا، 26 آگسٽ تي وزيراعليٰ هائوس آڏو ڌرڻي جو اعلان. ان سلسلي ۾ سکر ۾ شھيد صحافي جان محمد مهر جي قاتلن، سهولتڪارن ۽ سرپرستن جي گرفتاري لا سوين صحافين ڊي آئي جي آفيس ٻاهران احتجاجي ڌرڻو هنيو، جنهن ۾ مختلف سياسي سماجي ۽ مذھبي تنظيمن جي اڳواڻن، وڪيلن ۽ عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سينئر صحافي خالد کوکر، اقبال ملاح، لالا اسد پٺاڻ، غازي جهنڊير، نعمت کهڙو، احسان لاشاري، وحيد راڄپر، شھيد جان محمد مهر جي ڀا ڪرم الله مهر، جماعت اسلامي جي سربراهه سراج الحق، جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر نياز ڪالاڻي، پنهل ساريو، شائسته کوسو، ڊاڪٽر عائشه ڌاريجو، قاضي ذوالفقار، عوامي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻ ساجد مهيسر، ف ليگ اڳواڻ فقير عنايت ٻرڙو، پي ٽي آئي جي صفيه بلوچ سميت ٻين اڳواڻن چيو ته شهيد جان محمد مهر جو قتل سنڌ جي مظلوم ۽ پٺتي پيل طبقي جي آواز جو قتل آهي، شھيد جان محمد هميشه پنهنجي قلم وسيلي مظلوم ماڻھن جو آواز بڻجي کين حق ڏياريا پر ايڏي وڏي شخصيت جو سنڌ جي ٽئين نمبر وڏي شهر سکر ۾ سرعام گوليون هڻي ان وقت قتل ڪيو ويو جڏھن پوري قوم ملڪ جي آزادي وارو ڏھاڙو ملهائي رهي هئي. هنن وڌيڪ چيو ته 9 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل، سهولتڪار ۽ سرپرست سکر پوليس گرفتار ناهي ڪري سگهي، سکر پوليس ڪيس ۾ نامزد فقط ٽن سهولتڪارن کي گرفتار ڪري عام ڪيس جيان هينڊل ڪري رهي آهي، جان محمد مهر جي قتل ڪيس جو جاچ آفيسر ڊي ايس پي سطح جي آفيسر کي ڪرڻ گهرجي، ايس ايس پي سکر سنگهار ملڪ کي جي آئي ٽي جو سربراهه مقرر ڪيو ويو آهي، جنهن کي هٽايو وڃي، جيڪڏهن شھيد جان محمد مهر جا قاتل فوري طور تي گرفتار نه ڪيا ويا ته 26 آگسٽ تي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي آڏو ڌرڻو هنيو ويندو. ميرپوربٺورو ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ عوامي تحريڪ ضلعي سجاول پاران آرگنائزر صدوري زئور، فاطمه ڪنول چوهاڻ، ساجده پرهياڙ، حسنا پرويز ميمڻ، نورجهان ميمڻ، نسرين ٻائيتار، شھربانو سوڍو ۽ ٻين مظاهرو ڪيو. دادو ضلعي جي صحافين، سياسي، سماجي، ادبي، ٽريڊ يونين، دوڪاندارن، واپارين، سول سوسائيٽي سميت وڏي انگ ۾ شهرين صابر ڀنڊ، غوث جهتيال، ولي چانڊيو، ڪامران ڪورائي، راجا رفيق پنهور ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو. مدئجي ۾ صحافين وحيد جوکيو، آغا عاطف دراني، اياز سومرو، غلام حيدر سومرو، جيرام داس ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button